اعظم سواتي جون فوجي آفيسرن کي ڌمڪيون

0
281

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر اعظم خان سواتي سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج جي سربراهه ۽ اعليٰ فوجي آفيسرن خلاف اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي آهي

اعظم سواتي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ميجر جنرل فيصل نصير خلاف به توهين آميز لفظ استعمال ڪيا

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر فوجي آفيسر جو نالو وٺندي ڌمڪي ڏني ته ميجر جنرل فيصل نصير کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي

سينيٽر اعظم خان سواتي وڌيڪ چيو ته ميجر جنرل فيصل نصير خلاف هر فورم تي ويندس، ميجر جنرل فيصل نصير خلاف هر قانوني ۽ اخلاقي فورم استعمال ڪندس