اعظم سواتي تي تشدد خلاف عالمي ادارن سان رابطي جو اعلان: اين اي 237 ملير ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو

0
292
اعظم سواتي تي تشدد خلاف عالمي ادارن سان رابطي جو اعلان
اعظم سواتي تي تشدد خلاف عالمي ادارن سان رابطي جو اعلان: اين اي 237 ملير ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد: عمران خان سينيٽر اعظم سواتي تي تشدد واري واقعي خلاف عالمي ادارن سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اين اي 237 ملير ۾ ٻيهر ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته شهباز گل کانپوءِ سينيٽر اعظم سواتي کي ڪپڙن کان آجو ڪري ڪنهن جي چوڻ تي تشدد ڪيو ويو
هن چيو ته اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان نه ڪيو ويو ته لانگ مارچ ڪنداسين، لانگ مارچ هلندڙ مهيني ئي ڪيو ويندو
عمران خان چيو ته فيصلو ڪري چڪا آهيون ته مارچ آڪٽوبر کان اڳتي نه ويندو، اين اي 237 ملير تي پيپلزپارٽي پاران بدترين ڌانڌليون ڪرايون ويون
عمران خان چيو ته ملير واري ننڍي چونڊ جي نتيجن کي تسليم نه ٿو ڪيان، ملير جي قومي تڪ تي ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي

ھي به پڙھندا

ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ کي شڪست مهانگائي سبب ملي: راڻا ثناءُالله جو اعتراف

غلام احمد بلور جو شڪست قبولڻ کان انڪار: ثمر بلور جون پي ٽي آءِ کي مبارڪون

عمران جي بيانيي جي فتح، 7 مان 6 تڪن ۾ ڪامياب: عابد شير، بلور ۽ ايمل ولي کي شڪست، ملتان ۽ ملير ۾ اپ سيٽ، پ پ کٽي وئي

پشاور جي قومي تڪ تي عمران خان جو اي اين پي جي حاجي غلام احمد بلور سان مقابلو

فارن فنڊنگ ڪيس: عمران خان جي عبوري ضمانت منظور