ڪراچي(اسپورٽس نيوز) شعيب اختر ويجهڙ ۾ بابراعظم خلاف بيان ڏئي خبرن ۾ رهيو هاڻي هن اسلام آباد يونائيٽڊ جي اعظم خان ۾ قائد واريون خوبيون نظر اچڻ لڳيون آهن. اسلام آباد يونائٽيڊ جي اعظم خان ويجهڙ ۾ جنهن انداز سان طوفاني اننگز کيڏي يونائيٽڊ کي ڪاميابيون ڏياريون آهن، هن شعيب اختر کي خاص متاثر ڪيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته مان اعظم خان کي هڪ ذميوار شخص طور ڏٺو، اهو اننگز ٺاهيندو آهي، ان کان علاوه اهو ميڊيا کي به بهترين طريقي سان هينڊل ڪندو آهي، مان جڏهن 20 سال اڳ کيڏندو هيس ته ميڊيا ۾ ڳالهائيندي ڪوبه پرواهه نه ڪندو هو پر اڄ ڪلهه ميڊيا به اوهان جي ذميواريءَ جو حصو آهي جنهن انداز سان اعظم ڳالهائيندو آهي مونکي هن ۾ قائد واريون صلاحيتون به نظر اينديون آهن.