اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي سيشن عدالت ۾ پي ٽي آءِ  جي سينيٽر اعظم سواتي کي ھڪ ڏينھن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي پيش ڪيو ويو، ايف آءِ اي طرفان وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ ڏيڻ جي عدالت کي استدعا ڪئي وئي، ايف آءِ اي عدالت کي استدعا ڪئي ته اڃا تائين موبائل فون برآمد نه ٿي سگهيو آھي جنھن ڪري وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي منظوري ڏني وڃي، جنهن تي اعظم سواتي جي وڪيل چيو ته ايف آءِ اي جاچ مڪمل ڪري چڪي آهي جنهن ڪري جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪئي وڃي، اعظم سواتي جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته اڃا تائين ايف آءِ اي ٽوئيٽ برآمد ڪرڻ جي استدعا ڪري رهيو آهي، اعظم سواتي جي آڱر تي زخم آهي، عدالت ايف آءِ اي ۽ اعظم سواتي جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعظم سواتي کي وڌيڪ ھڪ ڏينھن جي عدالتي رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.  ٻئي طرف ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي چيو ته جيستائين عدالتون آزاد نه ٿينديون ڪنھن جا حق محفوظ نٿا رھي سگھن،  اعظم سواتي اهو به چيو ته جن به ادارن مون مٿان تشدد ڪيو آھي انھن کي حيا ايندو ۽ اين آر او ٽو سان گڏ انشاءَالله جلد امپورٽڊ حڪومت ختم ٿي ويندي.