سکر (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت سکر پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ جيلن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي ۽ ٻين خلاف هڪ ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي ٻن ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران اعجاز جکراڻي ۽ ڪيس ۾ گهربل جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل جي دليلن ٻڌڻ بعد عدالت ڪيس جي شنوائي 25 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.