واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جوبائيڊن جي تڪراري بيان تي وضاحت ڪئي آھي، آمريڪي پرڏيھي کاتي جي ترجمان موجب آمريڪا پُراعتماد آهي ته پاڪستان پنهنجي ايٽمي هٿيارن جِي حفاظت ڪري سگهي ٿو ويدنت پٽيل چيو آهي ته پاڪستان ايٽمي اثاثن جِي حفاظت ڪرڻ جِي صلاحيت رکي ٿو، امريڪا سدائين محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان کي پنهنجي مفادن لاءِ اهم سمجهي ٿو، اسلام آباد جي سهڪار جو قدر ڪييون ٿا.