اعتراف ڪافي ناهي غلطين جو ازالو به ٿيڻ گهرجي

0
187
اعتراف ڪافي ناهي غلطين جو ازالو به ٿيڻ گهرجي

پشاور ۾ خوفناڪ خودڪش حملي کانپوءِ وري اهو بحث شروع ٿي ويو آهي ته آخر ڪهڙا ڪارڻ آهن جو دهشتگردي ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي اهي ڪهڙيون پاليسيون آهن جو هيترين قربانين کانپوءِ وري وري اها دهشتگردي جي بلا اسان جي ڳچي ۾ پئجي رهي آهي؟ افغان انقلاب دوران آمريڪي اشاري تي مجاهد تيار ڪرڻ واري پاليسي تي وقت بوقت تنقيد ته ٿيندي رهي آهي ۽ مشرف جي دور ۾ وري انهي جي بلڪل ابتڙ پاليسي اختيار ڪري انهن مجاهدن جن کي ڪڏهن هٿ سان تيار ڪيو ويو وري دهشتگرد قرار ڏئي ٻي جنگ وڙهي وئي ۽ هاڻي وري انهن ٻنهي پاليسين تي تنقيد ٿي رهي آهي جيڪي ڪڏهن ملڪي سلامتي لاءِ ضروري قرار ڏنيون ويون هيون. پر ڇا هن وقت به ڪنهن سڌي واٽ وٺڻ لاءِ تيار آهيون يا وري ڪجهه سال هڪڙي پاليسي ڏئي وري ايندڙ سالن ۾ ان تي به تنقيد ئي ڪندا رهنداسين

پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي کانپوءِ قومي اسميبلي جي اجلاس ۾ انهي معاملي تي بحث شروع ٿي ويو آهي جتي ڪيترن اسيمبلي ميمبرن سيڪيورٽي پاليسي تي تنقيد ڪئي ته حڪومتي وزيرن کلي عام ماضي جي پاليسين تي غلطين جو اعتراف ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر ضرب عضب جهڙي آپريشن جي ضرورت تي زور ڏنو. بچاءُ جي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته  افغان جنگ اسان جي گهٽي ۽ محلن، اسڪولن ۾ اچي وئي آھي دهشتگردي خلاف ضرب عضب جهڙي آپريشن جي ضرورت آھي. قومي اسيمبلي  اجلاس ۾پشاور واقعي تي بحث لاءِ معمول جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي. ايوان ۾ تقرير ڪندي بچاءُ جي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته هاڻي ته سياست ۾ به زبان جي دهستگردي اچي وئي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان اڪيلو آهي. قوم متحد ٿي ته دهشتگردي جو مقابلو ڪري سگهبو، آمريڪا جي چوڻ تي ان جي مفاد ۾ اسان کي جنگ نه وڙهڻ گهرجي. دهشتگردي جو ٻج اسان پوکيو، دهشتگردي اسان جي در تائين پهتي، اسان کي پنهنجي احتساب ڪرڻو پوندو، پارليامينٽ رهنمائي ڪري ته بيگناهه ماڻهن جي رت جو حساب ڪير ڏيندو؟ ضرب عضب جهڙو آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو ته اسان کي مجاهد نه ٺاهڻ گهرجن ها، اهي دهشتگرد بڻجي ويا، پاليسي پارليامينٽ کي ڏيڻي آهي، هن معزز ايوان کي پاليسي ڏيندڙ حڪومت ڪير ٿيندي آهي، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ به هتي ايندا، حڪومت پاليسي ٺاهيندي ته اڳوڻي حڪومت وانگر غلط ٿي سگهي ٿي، پارليامينٽ بحث بعد پاليسي ٺاهيندي، ماضي ۾ ڪيل غلطين جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهيون،  ڪالعدم تنظيم جي ماڻهن کي معاف ڪرڻ جي پاليسي غلط ثابت ٿي، عمران حڪومت انهن ماڻهن کي به ڇڏيو جن کي موت جي سزا ملي چڪي هئي. قومي سطح تي ناڪامين جو اعتراف ڪرڻو پوندو. جڏهن افغانستان ۾ روسي فوج خلاف ويڙهه لاءِ آمريڪا جي اشاري تي مجاهد تيار ڪرڻ واري پاليسي جوڙي وئي ان وقت به ملڪ ۾ هڪ فوجي آمر جي حڪومت هئي جڏهن وري نائين اليون جي واقعي کانپوءِ دهشتگردي خلاف جنگ جي نالي ۾ انهن مجاهدن کي دهشتگرد  قرار ڏئي شموليت اختيار ڪئي وئي ان وقت به ملڪ ۾  فوجي آمر جي حڪومت هئي جڏهن  ته جنهن وقت آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو جنهن سان دهشتگردن کي چٿڻ ۾ مدد ملي ته ان وقت ملڪ ۾ جمهوريت هئي پارليامينٽ موجود هئي ۽ اتان ئي نيشنل ايڪشن پلان جي منظوري وٺي ڪم شروع ڪيو ويو ته ان ۾ ڪاميابي ملي. جڏهن جڏهن آمرن پنهنجي مرضي جون پاليسيون مڙهيون ته ملڪ کي اهڙو نقصان پهتو جنهن جو ازالو ڪرڻ اڃا تائين ممڪن ناهي.اڳوڻي حڪومت ۾ به پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اهڙي پاليسي جوڙي وئي  جو اڄ ان تي سوال اٿي رهيا آهن ته ٻڌايو ته وڃي اها پاليسي حڪومت ڇو ۽ ڪهڙي نيت سان اختيار ڪئي جنهن جا ناڪاري اثر هاڻي ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ پارليامينٽ کي ڇو اعتماد ۾ نه ورتو ويو .

اسان سمجهون ٿا ته ماضي جي غلطين جو اعتراف سٺي ڳالهه آهي پر رڳو اعتراف ڪافي ناهي انهي اعتراف سان گڏ انهي جو ازالو به ڪرڻو پوندو.هن جنگ ۾ 80 هزار ماڻهن جون قربانيون ڏنيون ويون ۽ ڪا حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اهڙيون پاليسيون ڪيئن ٿي جوڙي سگهي، جيئن فوجي آمرن ۽ اڳوڻي حڪومت پاليسيون جوڙيون انهي جو به حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي جن پاليسين ملڪ کي  دهشتگردي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.