ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) سنڌي ادبي بورڊ جي آن لائن لائبريري جي آفيشل ويب سائيٽ تان باضابطه طور ڍڳي وارو لوگو هٽائي نئون لوگو لڳايو ويو آهي، سنڌ جي اڪثريتي اديبن ۽ ڏات ڌڻين جي سمورن خدشن، اعتراضن توڙي احتجاجن کي نظر انداز ڪندي سنڌي ادبي بورڊ انتظاميا موهن جي دڙي جي ڍڳي وارو پراڻو لوگو هٽائڻ واري فيصلي تي بضد آهي ۽ ويب سائيٽ تي سنڌ جي نقشي وارو لوگو اپڊيٽ ڪيو ويو آهي، ڪجھه ڏينهن اڳ ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ٿيل اجلاس ۾ لوگي واري ايجنڊا ئي نه رکي وئي. اجلاس ۾ بجيٽ پاس ڪرڻ، ٻوڏ متاثر اديبن جي مالي سهائتا لاءِ  حڪومت کي اپيلون ڪرڻ وارين ايجنڊائن تي ڳالهه ٻولھه ڪئي وئي. معلوم ٿيو آهي ته ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن پاران اجلاس دوران چيئرمين مخدوم سعيدالزمان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته کيس صلاح ڏني وئي ته سنڌ جي نقشي واري تبديلي جي هو حمايت ڪن ٿا. بعد ۾ بورڊجي سمورن ملازمن سان پڻ چيئرمين گڏجاڻي ڪئي، جتي ملازمن پڻ چيئرمين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته سموري سنڌ ۾ اديبن، شاعرن ۽ ڏات ڌڻين سخت اعتراض واري ادبي بورڊ جو موهن جي دڙي جي  ڍڳي وارو لوگو هٽائڻ واري عمل جي سخت مخالفت ڪئي هئي ۽ احتجاج ڪيو هيو، اديبن پاران اهڙو خط به چيئرمين کي لکيو ويو ھيو، جنهن بابت چيو پئي ويو ته بورڊ جي اجلاس ۾ ان معاملي کي اٿاريو ويندو پر اجلاس ۾ لوگي واري ايجنڊا ئي نه رکي وئي. جنهن بعد بورڊ جي آن لائن لائبريري واري ويب سائيٽ تان پڻ ڍڳي وارو لوگو هٽائي نئون لوگو اپڊيٽ ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان بورڊ جي ترجمان سيد مير علي شاھ جو چوڻ آهي ته بورڊ جو لوگو هٽائڻ واري عمل کي مذهبي رنگ ڏيڻ غلط آهي، ٻئي لوگا سنڌ جا نشان آهن ۽ ٻنهي کي اسين احترام جي نگاھ سان ڏسون ٿا پر سنڌ جي نقشي کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ ڍڳي وارو لوگو  هٽايو ويو آهي.