اظهر ۽ فواد عالم ريڊ بال ڪيمپ کي فائديمند قرار ڏئي ڇڏيو

0
463

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اظهر علي ۽ فواد عالم جو چوڻ آهي ته زمبابوي جي دوري جي تياري لاءِ ريڊ بال ڪيمپ لڳڻ فائديمند آهي. اظهر علي ٽريننگ ڪيمپ بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪيمپ ۾ شامل سمورن بيٽسمين مهارت ۽ بالر ورڪ لوڊ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. تربيتي ڪيمپ ۾ موجود ٽيسٽ ڪرڪيٽر فواد عالم چيو ته زمبابوي روانگي کان اڳ سيريز جي تياري جو سٺو موقعو مليو آهي،
نيٽ سيشنز ۽ پريڪٽس ميچ کان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.