اظهار جي آزادي ۽ ڄاڻ تائين رسائيءَ جو حق

0
123

عبدالصبور ڀيو

 انسان کي پنھنجي مڪمل شخصيت جي نشونما لاءِ اظھار جي آزاديءَ جو حق ھجڻ گھرجي. اظھار جي آزاديءَ جو حق جيڪڏھن اسان فردَ کي ڏينداسين ته اسان جو معاشرو وڌندو ويجھندو ۽ ترقي ڪندو. اظھار جي آزادي جا فائدا ٻڌائڻ کان پھرين اظھار جي آزاديءَ جي وصف ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو. اظھار جي آزادي  Freedom of Expression جو مطلب آھي ته توھان پنھنجي ذھن ۾ ڪوبه خيال رکي سگھو ٿا ۽ ان جو اظھار به ڪري سگھو ٿا. ان جو اظھار ڪري سگھجي ٿو تقرير ذريعي، ريڊيو يا ٽيليويزن جي ذريعي، لکڻ ذريعي وغيره. ڪوبه فرد يا حڪومت توھان کي ان حق کان روڪي نه ٿي سگھي. ان کان علاوه توھان کي ٻئي ماڻھوءَ کان معلومات تي رسائي بنا ڊپ جي ھجڻ گھرجي. اظھار جي آزادي ڏيڻ سان سماج کي  فائدا ھن ريت ٿيندا:

1-سماج ۾ غدار پيدا نه ٿيندا.  اسان جي مشرقي معاشرن ۾ غدار ڇو پئدا ٿيندا آھن، جڏھن ته مغربي معاشرن ۾ غدار نه ھجڻ جي برابر ٿيندا آھن. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اھو آھي ته اسان ماڻھن کي ديوار سان لڳائي ڇڏيندا آھيون. مطلب ته جيڪڏھن اسان ھر ڪنھن جي راءِ جيڪا معاشري لاءِ فائديمند ھجي، ان کي وزن ڏينداسين ته معاشري ۾ غدار ٿيڻ جو رجحان گھٽجي سگھي ٿو.

2-منافقت ۽ خوشامد معاشرن جي تباھيءَ جا وڏي ۾ وڏا ڪارڻ رھيا آھن. معاشري کي انھن بيمارين کان اظھار جي آزاديءَ وسيلي ئي بچائي سگھجي ٿو. جيڪڏھن توھان سچ ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ تي سخت سزا مقرر ڪندئو ته ان جو نتيجو اھو نڪرندو ته ماڻھو منافقت ڪندو، ان کان علاوه جيڪڏھن توھان پاڻ کي جائز تنقيد جي بجاءِ رڳو تعريف ٻڌڻ پسند ڪندئو ته توھان سان منافقن جو ھڪ ھجوم گڏ ھوندو. ساڳي طرح جڏھن حڪومتون پاڻ تي تنقيد ڪرڻ وارن کي دٻائينديون ۽ تعريف ڪرڻ وارن کي نوازينديون ته معاشري ۾ خوشامدي ماڻھو گڏ ٿيندا ويندا.

3-سچ کي لڪائڻ گھڻن مسئلن کي جنم ڏئي سگھي ٿو. مثال طور چين جي ھڪ ڊاڪٽر کي روڪيو ويو، جنھن طبي ماھرن کي ڪورونا جي خطرن جي باري ۾ آگاھ ڪيو ھو، ان کي چيو ويو ته تون اجايون ۽ ڪوڙيون خبرون ڦھلائي رھيو آھين ۽ ان جي انڪوائري ٿي. ان سچ کي لڪائڻ جي ڪري ان جو نه فقط چين پر سڄي دنيا تي برو اثر پيو.

4-اقليت جي حقن کي اظھار جي آزاديءَ وسيلي گھڻي حد تائين محفوظ ڪري سگھجي ٿو. جمھوريت ھڪ بھترين قسم آھي حڪومت ڪرڻ جو پر اقليت، چاھي اھا مذھبي يا قوم يا زبان جي بنياد تي ھوندي آھي، اقليت ھميشه غير محفوظ ھوندي آھي. ميڊيا جي آزاد ھجڻ جي ڪري انھن جا مسئلا اعليٰ انتظاميه  يا عدليه تائين پھچي ويندا آھن ۽ انھن جا مفاد محفوظ رھندا آھن.

5-مسلح تحريڪن کان اظھار جي آزادي ذريعي ئي بچي سگھجي ٿو. اھڙو معاشرو جنھن ۾ ماڻھن کي پنھنجي حق  جي آواز بلند ڪرڻ جي اجازت ھوندي ته ماڻھو مسلح تحريڪون نه ھلائيندا.

6-حڪمران ذميوار ٿي ويندا ۽ اھڙو ڪوبه عمل نه ڪندا، جنھن جي لاءِ انھن کي ماڻھن اڳيان شرمندو ٿيڻو پوي، اھو ٿي سگھي ٿو ته ان جا نتيجا دير سان ظاھر ٿين.

جيتوڻيڪ اظھار جي آزاديءَ جا وڏا فائدا آھن پر انھن جي غلط استعمال تي ڪجھ پابنديون به ھجڻ گھرجن ته جيئن ڪنھن جي دل آزاري نه ٿئي، مذھبي جذبا مجروح  نه ٿين ۽ امن امان خراب نه ٿئي. اھڙي سچ کان سياڻا چوندا آھن ڪوڙ ڀلو، جيڪو ڪنھن فساد جو سبب نه بڻجي. اسان جي معاشرن جي بدقسمتي اھا آھي ته ھتي فسادين کي مڪمل ڳالھائڻ جي اجازت ۽ اصلاح پسندن جي ڳالھائڻ تي پابندي آھي.