اشو آف دي ڊي … ڪراچي ۾ سنجهوري واسي ڊاڪٽر بيربل جي قتل خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل: قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

0
174

  ڪراچي ۾ سنجهوري واسي ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جسٽس فار ڊاڪٽر بيربر ٽرينڊ هلايو ويو، ان حوالي سان سنديش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھائي سنڌي قوم…. اکين جو مشھور ۽ ماھر سنجھورو واسي ڊاڪٽر بيربل سنڌي ميگھواڙ ڪراچي ۾ دھشتگردن ھٿان قتل…شايد ھتي مسيحا امن پسند انسانن نه گھرجن…افسوس، جنهن تي ڪامريڊ لڪش ڪمار، ايم عيسيٰ ڪاتيار، مرتضيٰ خاصخيلي، عبدالسلام سنڌي افسوس جو اظهار ڪيو، قاضي آصف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊاڪٽر بيربل، نور ورهائڻ وارو فرشتو قتل، وشنومل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ سنڌي هندو اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل جو ٽارگيٽ قتل ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ حيدرآباد ۾ چمڙي جي ماهر ڊاڪٽر جو قتل ثابت ڪري ٿو سنڌي هندو ماهر ڊاڪٽرن کي چونڊي چونڊي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي اهڙو عمل دهشتگردي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، ڏوهاري سرعام ڪارروائي ڪري رهيا آهن سنڌ سرڪار خاموش تماشائي بنيل آهي، لڳاتار پندرهن سال حڪومت نه رڳو ڪرپشن نااهلي لاقانونيت کي پروان چڙهايو آهي، دهشتگردن ڌاڙيلن منشيات فروشن کي پڻ ناقابل شڪست بنائي ڇڏيو آهي هي لاقانونيت جو اگھاڙو ناچ آهي سنڌي هندو ماهر ڊاڪٽرن جي زندگي خطري ۾ آهي سرڪار خاموش تماشائي بنيل آهي، نااهل سرڪار جي پڻ سخت مذمت ڪجي ٿي گھر ڪجي ٿي ته هڪ ڪميشن ذريعي جاچ ڪئي وڃي ته سنڌ ۾ هندو ماهر ڊاڪٽرن کي ڪهڙن بنيادن تي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي، جنهن تي ايم صادق سومرو لکيو ته مذمت ڪندي حڪومت کان گُھر ڪجي ٿي ته سنڌي ھندن کي تحفظ ڏنو وڃي، جبار حبيباڻي لکيو ته رياست غائب آهي ۽ ملڪ ڪرمنلز جي حوالي آهي، قاسم ملڪ لکيو ته ڊاڪٽر بيربل جي قتل جي مذمت ڪجي ٿي، مڪيش ڪمار لکيو ته ڊاڪٽر بيربل جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ذوالفقار چانڊيو ايڊووڪيٽ لکيو ته انتهائي افسوس جهڙي ڳالھ آھي ته هڪ پرامن ۽ وطن دوست ماڻهن کي ائين سري عام بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي، ان عمل جي سخت لفظن م مذمت ڪريون ٿا ۽ قاتلن جي گرفتاري جو پڻ مطالبو ڪريون ٿا….مختيار خاصخيلي ۽ غوث جتوئي لکيو ته مذمت ڪيو ٿا اھڙي عمل جي ۽ گھر ڪجي ٿي ته قاتل جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندا وڃن، ويرجي ڪولهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھن جو نور موٽائي ڏنو،  ڪم جو نه ٿيو، سماج انڌو ئي رهيو!!جنهن تي انجنيئر سارنگ لکيو ته سنڌ حڪومت قانون نافذ ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آھي ھتي جنھن کي جيئن وڻي تيئن ٿو ڪري ڇو ته ھر ادارو وڪامجي ويو آھي ھتي انصاف نالي ڪا شي ئي ناھي ، رميش ڪمار لکيو ته ڊاڪٽر بيربل گيناڻي پاڪستان ۾ اکين جو بهترين ۽ غريبن جو همدرد ڊاڪٽر هو، سنجهوري شھر سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر بيربل گيناڻي پنهنجي نياڻي سپنا ڪماري سان گڏ جناح ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان ايم بي اي هيلٿ ڪيئر اينڊ هاسپيٽل مينيجمينٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ سبب وڏي مشهوري ماڻي هئي ڌي جو ڪلاس ميٽ هئڻ جو اعزاز پڻ ماڻيو هو، هڪ انسان دوست ڊاڪٽر بيربل ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿي ويو، هن افسوسناڪ واقعي جي مذمت ڪجي ٿي، قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. فقير سليم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنجھوري واسي ڊاڪٽر بيربل ميگھواڙ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو، 63 ورھين جي ھن شخص زندگي جي آخري لمحن تائين به پنهنجي پيشي سان مخلص ٿي ڪيترن ئي انسانن جي اکين جو نور موٽائي ڏنو، ٽي سال اڳ ھي سرڪاري نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد گارڊن واري علائقي ۾ قائم ھڪ چيئرٽي اسپتال ۾ رزاني مفت ۾ اکين جا آپريشن ڪندو ھو، 6 ڊسمبر 2022 تي ھن شخص سان پھريون ڀيرو ملاقات ٿي انتھائي شفيق ۽ انسانيت جو ھڏ ڏوکي ماڻهو لڳو، ڊاڪٽر بيربل جو قتل اکين جي نور کان محروم ماڻهن جي اميدن جو قتل آھي،جنهن تي ايم اسحاق بوزدار لکيو ته سنڌ امڙ ھڪ ھيري کان محروم ٿي ئي آهي، سجاد حسين لکيو ته قاتلن کي عبرت جو  نشانو بڻائڻ گهرجي، نثار لغاري لکيو ته هي پراسرار قتل ٿي رهيا آھن ڪا انويسٽيگيشن ناهي،اسماعيل بجير لکيو ته هتي ڪير به ڪنهن کي به ڪهڙي ٽائيم ماري سگهي ٿو، ڪا پرواھ ناهي ڪنهن کي به، نندلال لوهاڻو لکيو ته افسوس انسانيت موڪلائي ويئي. ظلم ظلم، گوبند رام لکيو ته ادا هي سڄو ڪم هتي مسلسل پلانگ سان ڪيو پيو وڃي اصل ڌرتي ڌڻين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري کين هتان لڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، هي قتل ان سلسلي جي ڪڙي آھي، نذير ميمڻ لکيو ته ڊاڪٽر صاحب تمام بھترين انسان ھو، ظالمن وڏو ظلم ڪيو آھي، پير بخش لکيو ته هڪڙي مسيحائي انسان جو قتل اميد جو قتل. اميد جو قتل، گنيش مناڻي، پرٿوي سوڍو، ثناءُالله عتيق، فقير آصف علي، عزيز سولنگي، ثناءُالله اي رحمان، شفيق شر، سجاد حسين آرائين، اياز ڏاهري، اسحاق ميمڻ ۽ ٻين واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. رشيد سڌايو پوسٽ شيئر ڪئي ته حيدرآباد ۾ ھولي ڏھاڙي اسڪن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر  ڌرم ديو راٺي جي قتل بعد ڊاڪٽر بيربل اکين جو ماهر ڊاڪٽر هو، کيس ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي وٽ قتل ڪيو ويو آھي شريف ڊاڪٽر ۽ خاص طور تي هندو وري هڪ ٻي جي پٺيان قتل ؟ ڇا ھي ڪا سازش آھي يا اتفاق؟  سخت مذمت ڪندي سرڪار خاص طور تي آءِ جي سنڌ کان گهر ڪجي ٿي ته هن معاملي جي پوري سنجيدگي سان تحقيقات ڪئي وڃي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي. نظير قريشي، احمد رشيد هاليپوٽو، رستم علي راڄپر عائشه ڌاريجو واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، عبدالحسين لطيفي لکيو ته ڊاڪٽر بيربل جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي قاتلن کي منتقي انجام تائين پھچايو وڃي، نظير بروهي لکيو ته ھي ظلم ڪيستائين ھلندو ھن ظلم کي روڪڻ لاءِ ڪنھن وٽ جواب آھي، علي پنهور احمد لکيو ته وڏي سازش آهي سنڌي ھندن خلاف جيڪا مسلسل جاري آهي، ايم عيسيٰ ڪاتيار، علي انور شِخ لکيو ته هي وڏي سازش ٿي لڳي.