اشو آف دي ڊي ڪالم جو عنوان هجي ها مريم نواز جي ڪهاڻي عاصمه جي زباني عورت صحافي وري حڪومتي ٽيم جي نشاني تي، سندس حامي به سرگرم

0
178
عورت صحافي وري حڪومتي ٽيم جي نشاني تي، سندس حامي به سرگرم

 عورت صحافي ۽ اينڪر پرسن عاصمه شيرازي خلاف ٻن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي مهم هلي رهي آهي، پي ٽي آءِ جي وزيرن، صلاحڪارن، معاونن توڙي ڪارڪنن پاران عاصمه شيرازي مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته عاصمه شيرازي، آءِ اسٽينڊ وٿ عاصمه شيرازي، ڪوئسشننگ از ناٽ هراسمينٽ هيش ٽيگ ٽرينڊ پڻ هلايو ويو،

هونئن ته پاڪستان ۾ صحافين جي ڪم تي تنقيد ۽ سوشل ميڊيا تي ان جي ٽرولنگ ڪا نئين ڳالهه ناهي پر جڏهن ڳالهه اچي ٿي خاص طور عورت صحافين جي ته اها تنقيد صرف ان ڪم تائين محدود نٿي ڪري پر انهن جي ذات کي به نشانو بڻايو ويندو آهي، اهڙو ڪجهه عورت صحافي ۽ اينڪر پرسن عاصمه شيرازي سان به ٿيو جڏهن اڱاري ڏينهن هن جو ڪالم بي بي سي جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيو، جنهن کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ شامل وفاقي ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن، وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪارن ۽ معاونن پاران ان ڪالم جو هڪ مخصوص حصو شيئر ڪندي سخت تنقيد ڪئي وئي،

پي ٽي آءِ جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي عاصمه شيرازي جي ماضي جي هڪ وڊيو به پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ هوءَ وزيراعظم نواز شريف جو ٽيليفونڪ انٽرويو ڪري ٿي. ٻيون تصويرون ۽ وڊيوز به شيئر ڪندي سياسي وابسطگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان کان اڳ جون ۾ به عاصمه شيرازي مٿان تنقيد ڪئي وئي هئي. ان سلسلي ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته عاصمه ڀيڻ، اوهان کي باقاعده نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، آئون هي هرگز طنز نه ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن پسند يا ناپسند يا وابسطگي هڪ حد کان گذري وڃي ته ان کي سياسي اعلان ڪرڻ گهرجي،

وفاقي وزير علي زيدي به عاصمه شيرازي مٿان تنقيد ڪندي لکيو ته رويو عام طور ڪردار ۽ سوچ جو عڪاس هوندو آهي افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته اوهان جي ٽوئيٽ ۽ ڪالم مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي شرمناڪ آهي ۽ ان کان بهتر لفظ مون وٽ ناهن، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل لکيو ته اوهان جي ڪالم جو عنوان هجڻ گهرجي مريم جي ڪهاڻي عاصمه جي زباني، اوهان جي ان طرح جي ذاتي حملن تي ڪا حيرت نه ٿي ڇو ته ٻه ئي ته مهارتون آهن نواز ليگ جون، سرڪار مال کائڻ ۽ ذاتي ڪردار ڪشي ڪرڻ، ان کانسواءِ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن عاصمه مٿان تنقيد ڪئي.

جڏهن ته صحافين پاران عاصمه شيرازي جي حمايت ۾ پڻ پوسٽون شيئر ڪيون ويون، صحافي فهد حسين عاصمه شيرازي جي حق ۾ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ايوارڊ کٽڻ واري صحافي قابل احترام صحافي عاصمه شيرازي جي حڪمران جماعت جي آفيشل ٽوئيٽر هينڊل تان ٽرولنگ قابل مذمت آهي، جماعت جي اڳواڻن کي ان کي فوري طور روڪڻ جي ضرورت آهي، صحافي عباس ناصر به عاصمه شيرازي جي حمايت ۾ پوسٽ شيئر ڪئي، صحافي سميرا خان لکيو ته گارگند سان اختلاف نه ڪريو پر اختلاف راءِ سان ڪريو،

سياسي جماعت جي ڪارڪن ئي نه پر انسان جي حيثت سان به اوهان جي سڃاڻپ لاءِ اهو ئي بهتر اخلاقي رويو آهي، صحافتي نظريات مختلف ٿي سگهن ٿا ۽ ٿيندا به آهن پر اسان ڪنهن جي ذات جي تذليل جو حق قطعي نٿا رکون، صحافي خرم حسين لکيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر حڪمران پارٽي جو آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ صحافين تي حملن لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي، وڪيل ريما عمر لکيو ته اهو وڌيڪ ثبوت آهي ته پي ٽي آءِ صحافين جي تضحيڪ لاءِ ڪيئن هڪ منظم مهم هلائي رهي آهي،

هو اها ڳالهه سمجهه کان قاصر آهن ته حڪومت کان سوال ڪرڻ يا تنقيد ڪرڻ ان جي نوڪري جو حصو آهي جنهن جو مقصد اپوزيشن يا ڪنهن ٻئي جي طرفداري ڪرڻ ناهي هوندو،. عمر چيما به پي ٽي آءِ جي رويي جي مذمت ڪئي، اڳوڻي سينيٽر افرا سياب خٽڪ پڻ عاصمه جي حمايت ۾ لکيو، صحافي مبشر زيدي عاصمه جي لکڻي سان اختلاف ڪندي نظر آيو هن لکيو ته بصد احترام عاصمه هي لفظ صحافت جي زمري ۾ نٿا اچن حيران آهيان ته بي بي سي اردو ڪيئن ان تحرير کي شايع ڪرڻ ڏنو. روزينه خان لکيو ته عمران خان ۽ بشرا بي بي جي باري ۾ صحافين جون ڳالهيون آزادي اظهار آهي پر صحافين جي باري ۾ عوام جي راءِ حراسمينٽ آهي؟.