اشو آف دي ڊي ڪالعدم تحريڪ طالبان کي پشتون تحريڪ چوڻ تي عمران خان مٿان تنقيد، معافي جو مطالبو

0
226

وزيراعظم عمران خان پاران ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان کي پشتون تحريڪ چوڻ تي مٿس شديد تنقيد ٿي رهي آهي، پشتونس آر ناٽ ٽيررسٽ هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، ان سلسلي ۾ ايم اين اي محسن داوڙ وزيراعظم کان پاڪستان جي پشتونن جي دل آزاري ڪرڻ تي معافي جو مطالبو ڪيو آهي، وزيراعظم پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته طالبان هڪ پشتون تحريڪ آهي، افغانستان ۾ تقريبن 45 کان 50 سيڪڙو پشتون آبادي آهي، محسن داوڙ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته عمران خان مٿان تنقيد ڪئي ۽ لکيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم پشتونن کي دهشتگرد قرار ڏئي رهيو آهي، عمران خان لکين پشتونن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي، جن جي پيارن شدت پسندي جي ڪري جانيون قربان ڪيون، محسن داوڙ هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف هڪ قرارداد جمع ڪرائي آهي جنهن ۾ پشتونن کي طالبان چوڻ ۽ دهشتگردن سان ڀيٽ ڪرڻ تي عمران خان کان معافي جو مطالبو ڪيو آهي، پر قرارداد جي ڪاپي ۾ عمران خان جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب جو حوالو ڏنو ويو آهي نه ڪي ڄاڻايل انٽرويو جو، ان خطاب ۾ عمران خان چيو هو ته افغانستان جي سرحد سان واقع پاڪستان جي قبائلي علائقي جا ماڻهو طالبان سان همدردي رکن ٿا جنهن جو سبب مذهبي سڃاڻپ ناهي پر پشتون قوم پرستي آهي. قرارداد ۾ لکيو ويو آهي ته وزيراعظم جي  بي بنياد ۽ غلط دعوا پشتونن جي توهين آهي پشتون طالبان هٿان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، هزارين پشتونن طالبان جي دهشتگرد ڪارروائين ۾ جانيون وڃايون آهن، وزيراعظم پنهنجا لفظ واپس وٺي پشتونن جي دل آزاري تي معافي وٺي. ٽوئيٽر تي مونا نالي صارف لکيو ته ڏاڍو افسوس ٿيو، هڪ مملڪت جو سربراهه پنهنجي قوم کي دهشتگرد ڄاڻائي پيو، حمزا داوڙ لکيو ته وزيراعظم پاران پوري پشتون قوم کي دهشتگرد قرار ڏيڻ انتهائي قابل مذمت آهي، وزيراعظم پاڻ به پشتون آهي، بشير احمد لکيو ته وزيراعظم عمران خان پشتونن کي برو چوڻ بند ڪري، انهن جي قربانين کي تسليم ڪري، اعجاز يوسفزئي لکيو ته پشتون دهشتگرد ناهن، اسان باچا خان جي نظريي تي عمل ڪندا آهيون اسان کي امن سان پيار ۽ تشدد کان نفرت آهي، عالم  زيب لکيو ته پشتونن کي عمران خان کي ٻه ڀيرا حڪومت ڏيڻ جو صلو اهو ملو آهي هو هاڻ انهن کي دهشتگرد چوي پيو.