اشو آف دي ڊي ڪارونجهر جي ڪٽائي نامنظور، سنڌ جي سونهن ڪارونجهر کي بچايو

0
265
اشو آف دي ڊي ڪارونجهر جي ڪٽائي نامنظور، سنڌ جي سونهن ڪارونجهر کي بچايو

 ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سوشل ميڊيا تي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ان لاءِ سيو ڪارونجهر ٽرينڊ هلايو ويو، ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته ڪارونجهر صرف پٿر ڪونهي، ڪارونجهر سنڌ جي وجود جو حصو آهي. ڪارونجهر سنڌ جو خوبصورت ترين قومي اثاثو آهي، سنڌ جو عوام ڪارونجھر جي  ڪٽائي کي مڪمل رد ڪري ٿو. سيو ڪارونجهر هيش ٽيگ ٽرينڊ وارو سلسلو ڪالهه ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. الفت حسين پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جو سڀني کان وڌيڪ پڙهيو لکيو طبقو وڪيل آهي. سنڌ جي وڪيلن هر موقعي تي پاڻ ملهايو آهي. ڇا سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر،حيدرآباد ۽ ڪراچي جي رجسٽري ۾ پنج پنج وڪيل ڪارونجهر جي ناجائز ٺيڪي خلاف مضبوط ڪيس ٺاهي ڪورٽ جو دروازو نه ٿا کڙڪائي سگهن؟ احتجاجن ۽ مظاهرن مان شايد اهو ٺيڪو رد نه ٿي سگهي پر ڪورٽ جو اسٽي آرڊر ان ڪم کي روڪي سگهي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ٻيا به effective طريقا هجن، جيڪو به طريقيڪارگر هجي اهو ضرور استعمال ڪجي. هي صرف ڪارونجهر جبل جي پٿر کي چيريو نه ٿو وڃي پر سنڌ جي سيني ۾ لوها، ڪلا هڻي ان جي وجود کي ٻه اڌ ڪيو پيو وڃي. جنهن تي اي خالق ميمڻ لکيو ته انشاءَالله ان مسئلي لاءِ به وڪيل بحريا ٽائون وانگر اٿندا، غلام علي بجاراڻي لکيو ته وڪيل برادري کي ڪارونجهر جي مامري تي اڳيان اچڻ گهرجي، قاضي رزاق لکيو ته قومپرستن ۽ وڪيلن کي ان تجويز تي عمل ڪرڻ گهرجي، ذوالفقار نديم ملڪ لکيو ته وڪيلن کي اڳيان اچڻ گهرجي، امتياز شيخ، عبدالغفور وڳڻ به ان پوسٽ سان اتفاق ڪيو،

برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارونجهر صرف پٿر ڪونهي. ڪارونجهر سنڌ جي وجود جو حصو آهي. جنهن تي مهيش ڀاٽيا لکيو ته ڪارونجهر کي مافيا کان بچايو، دليپ ڪمار لکيو ته ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، آخر منهنجي سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ حسن پٺاڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارونجهر سنڌ جو خوبصورت ترين قومي اثاثو آهي، سنڌ جو عوام ڪارونجھر جي  ڪٽائي کي مڪمل رد ڪري ٿو. حريف چانڊيو، واجد علي،  ڪليم کوسو، غلام قادر ميمڻ، جاويد شاهه به ڪارونجهر بچائڻ جو مطالبو ڪيو. ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارونجهر جبل اسان جو قومي سرمايو ۽ شان آهي، جنهن جي ڪٽائي بيحرمتي سمجهون ٿا. ڪارونجهر جبل سان هٿ چراند ڪنهن به ريت قبول ناهي. جنهن تي نواز کهاوڙ لکيو ته ٿر جي شهه رڳ کي بچايو وڃي، غلام ٽالپر لکيو ته ڇا ڪريون ڪارونجهر جبل وڍي ٽڪي کڻي وڃن پيا، ناديه ميمڻ لکيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي نامنظور،ڪارونجھر جي خوبصورت جبلن جي ڪٽائي وري شروع ٿي وئي آهي جيڪي منظر روح کي سڪون بخشيندا هئا  هاڻي سنڌ حڪومت جي غلط فيصلي جي ڪري جبلن کي ٽوڙي خوبصورتي کي ختم ڪيو پو وڃي . ڪارونجهر جا خوبصورت منظر روپلو ڪولھي جي بردباري بھادري سنڌ وطن سان محبت جي ياد ڏيارين ٿا. روپلي چيو هو ته بزدلي يا وري غلامي جي زندگي کان بھتر آھي ته دلير ٿي فخر سان موت قبول ڪجي، ڪارونجهر جي خوبصورتي کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين پوري سنڌ کي اپيل ٿي ڪجي ته ڪارونجهر جي لاءِ آواز اٿاريو سنڌ جي سونهن ڪارونجهر کي بچايو،

ڪليم باغي لکيو ته ڪارونجهر جي مالڪي اسان سڀني کي ڪرڻ گهرجي، عمران کوسو، ڪيلاش نجار، عامر کوسو، ممتاز گاڏهي به ڪارونجهر بچائڻ جو مطالبو ڪيو، سجاد ڦوٽو فقير لکيو ته ڪارونجهر جبل سنڌ جي سونهن آهي پر اسان وٽ سنڌ جي ڪنهن به وسيلي جي مالڪي ناهي، خادم رند لکيو ته تاريخي، ثقافتي ۽ جهنگلي جيوت جي حوالي سان اھميت رکندڙ ماڳ انساني لالچ جي ور نه چڙھڻ کپي.مظهر سنڌي، راشد ٽالپر، علي خان مهيري به ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مذمت ڪئي، سجاد علي آريجو لکيو ته سنڌ جي سونهن کي هر صورت ۾ بچايو وڃي، افسوس سنڌ حڪومت ۽ ڪرپٽ بيورو ڪريسي سنڌ جي وسيلن توڙي سنڌ جي سونهن جي ڀيلاڙ ڪري رهي آھي، درياخان کوسو لکيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي نامنظور، ڪامران اشرف لغاري، ذوالفقار علي بجير، عبدالرشيد سولنگي، اياز علي ڪالرو، راجيش ڪمار، حيدر لغاري، عابد بلوچ، ڪيول ميگهواڙ، رمضان درس ۽ ٻين به ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مذمت ڪئي. وشنومل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارونجهر رڳو جبل ناهي ٻه ڪروڙسال قديم انساني تهذيب جو مثال آهي جيڪو جهونگاري ٿو، ٻولي ٿو ڳالهائي جنهن جو وجود ميسارڻ بند ڪريو، عصمه چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي سونهن بچايو، ڪارونجهر بچايو، نعمت الله سنڌي لکيو ته ‏ڪارونجھر ٿر سميت سڄي سنڌ جي دل آهي، اسان جو قومي ورثو آھي، ڪارونجھر قدرت طرفان عطا ٿيل هڪ قيمتي سوکڙي آھي، ان جو تحفظ ڪرڻو آھي،

نارائڻ ڪولهي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڪارونجهر جو ھڪ خوبصورت نظارو، ڪارونجهر ھڪ تاريخ ۽ تھذيب آھي، ڪارونجهر وطن آھي، ڪارونجهر ديوتا آھي، ڪارونجهر ماءُ جي ھنج آھي، ڪارونجهر ھڪ محبوب جو روپ آھي، ڪارونجهر جو دلڪش نظارو صرف راسوڙن ۾ ئي رقص ڪري ٿو. ڪارونجهر جي رکشا خاطر ڪروڙين روپلا ميدان تي آھن. سيو ڪارونجهر، فيض کوسو، نظير شورو، وسيم عباس، مظهر شيخ، پريم چند ڪولهي، جئرام ڪولهي ۽ ٻين به ڪارونجهر بچائڻ جو مطالبو ڪيو، شاهنواز ڏاهاڻي لکيو ته ڪارونجهر کي عالمي تاريخي ورثو قرار ڏنو وڃي، ته جيئن ان جي ثقافت، ماحولياتي نظام ۽ طرز زندگي کي محفوظ رکي سگهجي، ڪارونجهر کي ايندڙ نسلن لاءِ بچايو. دودو چانڊيو لکيو ته وقت جا واپاري ۽ پئسي جا پوڄاري اسان جا  ڪارونجهر جهڙا سهڻا جبل کڻي ويندا ته اسان ٻيا اهڙا سهڻا جبل ڪٿا آڻيندا سين ۽ پنهنجي نئين نسل کي پنهنجي سنڌ جي سونهن ڪهڙي سيکارينداسين، اقصيٰ ڪينجهر جمالي، انيل سهجاڻي، مول راجپوت، سيف سميجو، حڪيم زنگيجو، انور عزيز چانڊيو، حنيف سمون، بيرسٽر ضمير گهمرو، نصير ميمڻ، جمن لال، امر فياض، چمن ميگهواڙ، نور زمان سمون، سالم سميجو، منظور ٻانڀڻ، راهول ديو راٺوڙ، وڀيشن ميگهواڙ،استاد راهي سومرو، جاويد مهر، ديال صحرائي، اختر علي، امام علي جنجهي، بخشل ٿلهو، پون ڪمار راٺوڙ، الطاف پيرزادو، اختر ٻانڀڻ، رحمت تنيو ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.