اشو آف دي ڊي ڊالر جو ملهه ڪرڻ سان يوٽيوبرز پريشان

0
188
اشو آف دي ڊي ڊالر جو ملهه ڪرڻ سان يوٽيوبرز پريشان

   ڊالر جو ملهه ڪِرڻ سان جتي خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي اتي وري يوٽيوبرز پريشان ٿي ويا آهن، رپئي جو ملهه چڙهڻ کي معاشي بهتري ته چيو پيو وڃي پر يوٽيوبرز لاءِ اها معاشي بدتري چيو پيو وڃي، سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان پوسٽون شيئر ڪيون ويون. ڪامران يوسف ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ڊالر جو ملهه ڪِرڻ سبب يوٽيوبرز جي پنهنجي آمدني گهٽجي وئي آهي

جنهن ڪري اهي پريشان ٿي ويا آهن، جنهن تي محمد راحيل لکيو ته ڪجهه يوٽيوبرز سان گڏ اينڪرز به پريشان آهن جن جا يوٽيوب چينلز آهن، نعمان خان دراني لکيو ته هي اهي ئي يوٽيوبرز آهن جيڪي 178 واري حڪومت سان گڏ هئا ڊالر 240 ٿيڻ تي دانهون به ڪندا هئا، محمد اسامه لکيو ته اهي ئي يوٽيوبرز ان وقت نواز شريف خلاف به ڳالهائيندا هئا جڏهن ڊالر 105 رپين تي هو، اڪرام خان لکيو ته جڏهن ڊالر 170 جو هو تڏهن ته يوٽيوبرز خوشحال هئا يوٽيوبرز به پاڪستاني آهن اهي ڊالر وڌڻ تي خوش ناهن ٿيندا، شفا خان لکيو ته رڳو يوٽيوبرز ناهن ڪمائيندا ٻيو عوام به آهي،

نوريه لکيو ته سڀني کي پنهنجي پرواهه آهي پاڪستاني رپيو ڪِري رهيو هو ان جو خيال ناهي، شوڪت محمود لکيو ته ڊالر جڏهن 178 کان 250 ڏانهن وڌي رهيو هو ته ان وقت اهي ئي يوٽيوبرز چئي رهيا هئا ته ڊالر تي ڪنٽرول ڪريو، ايم سميع انصاري لکيو ته جڏهن پاڪستان خوشحالي طرف ويندو آهي ته مافيا پريشان ٿي ويندي آهي.