اشو آف دي ڊي ڇا رينجرز سنڌ ۾ منشيات، جوا، وياج ۽ فحاشي خلاف ڪارروائي ڪندي ؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
215

سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن پوسٽون هلي رهيون آهن ته سنڌ ۾ منشيات، جوا، فحاشي خلاف ڪارروائي هاڻي رينجرز ڪندي، جڏهن ته اهي پڻ پوسٽون هلايو ويون ته رينجرز کي اهڙا اختيار ناهن ڏنا ويا، نه ڪري اهڙي ڪا تصديق ٿئي ٿي. ان حوالي سان مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ رينجرز تمام جرائم پيشا ماڻهن جون سنڌ جي هر ضلعي ۽ تعلقي جون لسٽون ادارن کان گهرائي ورتيون آهن، منشيات، آڪڙا پرچي، فحاشي جي اڏن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، سنڌ جي هر ضلعي ۽ تعلقي هيڊ ڪواٽرن جي انٽيليجنس ادارن لسٽون ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيون، 2 آگسٽ کان ڪارروائي ڪئي ويندي جنهن تي گل ميتلو لکيو ته رينجرز کي اهڙا اختيار نه مليل آهن، اهڙيون پوسٽون نه هلائجن، منظور مشوري لکيو ته اها پوليس ۽ سنڌ سرڪار جي نا اهلي ۽ ناڪامي هوندي، اعراف قمبراڻي لکيو ته ايئن ٿيو ته اڪثر غريبن کي سزائون ملنديون، سراج احمد ڪلهوڙو لکيو ته منشيات، هٿيار افغانستان کان، گلگت، ڪي پي، پنجاب کان ٿيندا سنڌ ڪيئن پهچن ٿا؟ اتي ڇا ڪو روڪڻ وارو ناهي؟ مسعود احمد سهتو لکيو ته ان سان پ پ جو گراف ڪرندو ٻيو وري سنڌي ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿيندو، عبدالاحد سارنگ لکيو ته منشيات جتان اچي ٿي اتي ڇو نٿا روڪن؟ ٻيا صوبا ڪليئر ٿي چڪا آهن ؟ الفت علي ملاح لکيو ته جيڪڏهن بارڊر، چيڪ پوسٽ يا ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي ادارا چيڪنگ ڪن ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته منشيات يا هٿيارن جي اسمگلنگ ٿئي، مخدوم زاهد عباس لکيو ته ايس آر پي کي فعال ڪري پوليس کي غيرسياسي ڪري ڏوهارين کي ختم ڪيو وڃي، علي شير ڪيريو لکيو ته منشيات جي آڙ ۾ قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويندو، بهادر علي لکيو ته منشيات افغان بارڊر کان ٿيندي ڪئين پنجاب سنڌ بارڊر ڪراس ڪري سنڌ جي شهرن ۾ پهچي ٿي، اسد آفتاب لکيو ته نشي واريون سوپاريون به بارڊر تان پئسا ڏئي ڇڏن ٿا، گهرام خان ميراڻي لکيو ته امن امان بحال ڪرڻ لاءِ رينجرز کي گهرايو ويو هو، الله بچايو ملاح لکيو ته اصل جڙ ڪٿي آهي جتان هي نشي واريون شيون اچن ٿيون اهي فيڪٽريز ڪٿي آهن؟ نذير احمد لکيو ته زيڊ 21 نشي واريون سوپاريون پاڙيسري ملڪ ڀارت مان اچن ٿيون اهي اسان جي ملڪ ۾ ڪيئن ٿيون پهچن؟ سرحد تي ڪنهن جي ڊيوٽي آهي؟ ذميوار ڪير آهي؟ ذلف کتري لکيو ته منشيات جي آڙ ۾ قومپرستن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اياز علي ملاح لکيو ته ڇا اوهان کي خبر ناهي ته منشيات ڪٿان اچي ٿي؟ مختيار ٻگهيو لکيو ته اهي سڀ شيون ٻاهران اچن ٿيون اها سڀني کي خبر آهي،انقلابي سنڌي لکيو ته رينجرز کي اهڙا اختيار ڏيڻ جو ڪو به نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آهي، گوهر انڙ لکيو ته سماجي برايون ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ٿا ته اها سٺي ڳالهه آهي، محمد اڪرم آرائين به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن تي قمر الدين سنڌي لکيو ته سنڌ ۾ منشيات آڻيندڙ افغاني پٺاڻ آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، سجاد لغاري لکيو ته زيڊ 21 ڀارت کان ڪنهن جي سرپرستي ۾ اچن ٿيون، طفيل احمد لکيو ته وياج واري معاملي تي ڪير عمل ڪرائيندو؟ مقصود خاصخيلي لکيو ته رينجرز گرفتار ڪري وري به پوليس کي ڏيندي، پوليس پئسا وٺي ڇڏي ڏيندي، ايڊووڪيٽ ارباب بڙدي پڻ اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي جاويد احمد لکيو ته بهترين فيصلو آهي، عمل ٿيڻ گهرجي، پريم سوني، منصور چانڊيو ۽ ٻين به ساڳئي پوسٽ شيئر ڪئي.