اشو آف دي ڊي پ پ ايم پي اي عزيز جوڻيجو جي وڊيو وائرل، سوشل ميڊيا تي تنقيد

0
148
اشو آف دي ڊي پ پ ايم پي اي عزيز جوڻيجو جي وڊيو وائرل، سوشل ميڊيا تي تنقيد

  پي ايس 83 تان پ پ جي چونڊيل ايم پي اي  عبدالعزيز جوڻيجو جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو ووٽرن لاءِ گٿا لفظ ڳالهائي رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي عبدالعزيز جوڻيجو مٿان سخت تنقيد ٿي رهي آهي. ان حوالي سان عطاءُالله راڄپر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پي ايس 83 تان پ پ جي چونڊيل ايم پي اي  عبدالعزيز جوڻيجو جي هڪ يادگار تقرير ٻڌڻ نه وساريندا، جنهن ۾ هو ووٽر لاءِ گٿا لفظ استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن تي لال محمد چانڊيو. عبدالستار ڪامريڊ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مذمت ڪئي، اظهر حسين لاشاري لکيو ته انهن ماڻهن کي ڏسو هڪ طرف ڀوتار گٿا لفظ استعمال ڪري رهيو آهي پر ان تي به اهي ماڻهو تاڙيون وڄائي رهيا آهن، عزيز راج وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ھي پ پ جو دادو ضلعي مان چونڊيل ايم پي اي عزيز جوڻيجو آھي، سندس اخلاق ڏسي وٺو باقي ڪردار جو اندازو اوھان پاڻ لڳائي سگھو ٿا، ماڻھو کلي وري به ھنن کي ئي ووٽ ڏيندا، جنهن تي صفي الله شر لکيو ته سامهون ويٺل ماڻهن کي ڳالهه وڻي آهي شايد ان ڪري تاڙيون پيا وڄائن، امر شر لکيو ته ڇا ته انهن جي ٻولي آهي، شرم اچڻ گهرجي، محمد بخش لکيو ته گندي ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي پر پوءِ به ماڻهو ري تاڙيون وڄائي رهيا آهن، اظهار سومرو، ايم ابراهيم ڳاهو به ردعمل ڏنو، عثمان پنهور لکيو ته امتياز علي ٻرڙو لکيو ته افسوس آهي سامهون ويٺل ماڻهو تاڙيون وڄائي رهيا آهن،

ولي خاصخيلي، علي شير سميجو، علي گل هنڱورجو، ارشاد رستم، اشرف علي مهر به ردعمل ڏنو. نثار کوکر وڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ووٽ جي اهميت ڪو هنن وڏيرن کان پڇي،  ۽ باشعور عوام وري هر ڳالهه تي تاڙيون….. ڪو ٿو چوي ٽڪي جو ووٽ ڪو ٿو ان ووٽ تي پيشاب ڪري پر هن همراهه ته اخلاق جا صفا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن. ڳوٺن ۾ ڳالهائڻ جي اصليت سندن اها آهي پر بلاول اڳيان ڪوٽ پائي ائين ويهندا ڄڻ هاڻي آڪسفورڊ مان موٽيا هجن. جنهن تي علي حسن ڳورڙ لکيو ته سمجهي ڪير به نٿو بس تاڙين تي زور آهي،  عامر لطيف صديقي لکيو ته افسوس، تاڙيون وڄائيندڙن ئي انهن کي معتبر ڪيو آهي، اخلاق حسين لکيو ته هي وڊيو پراڻي آهي شايد 2018ع واري اليڪشن جي آهي، هنن کي احساس نه آهي. منان سولنگي لکيو ته مان اتي هجان ها ته ردعمل ڏيان ها، رفيق قريشي لکيو ته هنن کي خبر آهي ته ڪجهه به چئون ماڻهو ووٽ انهن کي ڏيندا، خالق درس لکيو ته اهڙي بيان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، جاويد منير مشوري لکيو ته پارٽين ۾ انصاف هجي ته اهڙن کي پارٽي مان نيڪالي ملڻ گهرجي،

انتظار ڇلگري لکيو ته پ پ قيادت کي گهرجي ته ان کي ڊي سيٽ ڪري، فدا بلوچ، اين اي چنا، علي لاشاري، ربڏنو شاهه، عبدالقادر رڪي، آفتاب علي مغيري، مير محمد، ارسلان نظاماڻي، شمس الدين زئور، علي اڪبر، عمران راز شر، اي آر چنا، سرفراز ساريو  ۽ ٻين به وڊيو تي ردعمل ڏنو، منصور کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سراج دراني، برهان چانڊيو ۽ عزيز جوڻيجو جهڙن ماڻھن لاءِ ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ جاءِ نه هئڻ گهرجي، جنهن تي سرمد حيدرآباد لکيو ته پارٽين کي ضرورت ئي اهڙن ماڻهن جي آهي، مصطفيٰ کهاوڙ لکيو ته اها راءِ پر ان کي صلاح ته نه وٺندا، اسحاق پلهه لکيو ته اڄڪلهه جي سياسي ماحول موجب اهڙا ئي ماڻهو قابل ۽ سسٽم ۾ فٽ آهن؟ پري بروهي به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، گل محمد منگي لکيو ته پارٽين کي اهڙن ماڻهن جي ئي ضرورت هوندي آهي، جبار ڀٽي لکيو ته انهن کي بدتميزي واري ٻولي نه ڳالهائڻ گهرجي، واحد بخش ترڪ لکيو ته هتي اهڙن کي وڌيڪ عزت ملندي آهي، وقار شر ۽ جميل خواجه به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، محمد امين چانڊيو به اهڙي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن تي ڪامريڊ چانڊيو لکيو ته هن کي پنهنجا گٿا لفظ واپس وٺڻ گهرجن، استاد خالد به اهڙي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن تي عبدالخالق ڪلهوڙو لکيو ته افسوس آهي اهڙي ٻولي ڳالهائڻ تي، تڪ جو عوام کيس ووٽ ذريعي رد ڪري، فيروز سنڌي لکيو ته بداخلاقي ڪئي آهي، واحد ڪانڌڙو لکيو ته ان ڪريل ٻولي ڳالهائي آهي، شهباز پيرزادو، اقبال ڪلهوڙو، ساحل سڪندر، زاهد حسين، رزق چانڊيو، قربدار قادر چانڊيو، ننگر چنا ۽ ٻين به ردعمل ڏنو.