اشو آف دي ڊي … پشاور هڪ ڀيرو وري رتورت: مسجد ۽ نمازين تي حملو ڪندڙ مسلمان نٿو ٿي سگهي: سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
154

 پشاور پوليس لائنز جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڏک ۽ ڪاوڙ وارو ماحول پيدا ٿي ويو، ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، پشاور ڌماڪو ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته پشاور هڪ ڀيرو رتورت، مسجد جهڙي مقدس هنڌ ۽ نمازين تي حملو ڪندڙ مسلمان نٿو ٿي سگهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نديم جان مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور پوليس لائين مسجد ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ 25 ٿي ويو، 120 کان وڌيڪ زخمي ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي. عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور ۾ مسجد اندر ڌماڪو،28 نمازي شهيد، 150 زخمي، ڌماڪو پهرين صف ۾ ٿيو،مسجد جي ڇت ڪري پئي، 15 زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جاويد احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور ۾ مسجد اندر ڌماڪو، 17 پوليس وارا مارجي ويا 90 ڄڻا زخمي .افسوس، جنهن تي ماجد ميمڻ، نياز حسين بليدي، سباش جان به افسوس جو اظهار ڪيو، حريف چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور، مسجد اندر ٿيل ڌماڪي جي شديد مذمت ٿي ڪجي . خودڪش ڌماڪي ۾ 90 زخمي ۽ 17 پوليس وارا شهيد ٿيا آهن .افسوس . افسوس ، ڪليم الله پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور جي مسجد ۾ خودڪش حملي ۾ 42 ماڻهو شهيد ٿيڻ جا اطلاع اچي رهيا آهن 100 زخمين جا اطلاع آهن،  ملڪ رفيع پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪي پي جي گادي واري شهر پشاو ر۾ پوليس لائنز جي علائقي ۾ هڪ مسجد اندر ڌماڪو ٿيو آهي، ارشد مير بلور پوسٽ شيئر ڪئي ته شهيد ماڻهن جو انگ 28 ٿي ويو، جڏهن ته 150 ڄڻا زخمي آهن، صديق ڀرڳڙي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور ۾ پوليس لائن جي مسجد اندر ڌماڪو 28 کان وڌيڪ نمازي شهيد ٿي ويا، 90 زخمي ٿي پيا، جنهن تي هري آر ڪي لکيو ته ماري پوين عبادتگاهه کان به نٿا مڙن، جمالي اصغر، رميش ڪمار رٻاري، وسيم علي سنگراسي، نثار علي، نظير احمد شيخ، حنيف سمون، صدام شاهه، امتياز علي، محمد فيض سيٺار، جاني لنڊ، فقير ذوالفقار علي به افسوس جو اظهار ڪيو. همٿ مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور پوليس لائن جي مسجد ۾ نماز دوران ڌماڪوٿيو جنهن ۾ 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.رفيع الله مسعود وڊيو شيئر ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو، عبدالسلام انڙ پوسٽ شيئر ڪئي ته پشاور لائن مسجد جو پيش امام صاحبزاده نور الامين ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويو، ماجد سنديلو پوسٽ شيئر ڪئي ته پشاور ڌماڪي جي شهيدن جو انگ وڌي ويو، خليل ڀرڳڙي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور ۾ مسجد اندر ڌماڪي جي شديد مذمت ڪجي ٿي، عمير خان پوسٽ شيئر ڪئي ته پشاور هڪ ڀيرو رتورت، ذيشان ذاڪر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پشاور مان خوفناڪ خبر، پشاور ۾ ڌماڪو ٿيو آهي،اياز حيدر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پشاور هڪ ڀيرو ٻيهر رتورت، مسجد اندر خودڪش ڌماڪو ٿيو، يارخاني وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته امن جا دشمن پشاور جي ريڊزون تائين پهچي ويا پر رياست جو سڄو فوڪس فواد چوڌري کي سبق سيکارڻ تي هو،

اياز لطيف پليجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪريان ٿو، دهشتگردي جا واقعا صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي ناڪامي آهي، مارجي ويلن جي وارثن جي ڏک  ۾ برابر جا شريڪ آهيون، پشاور ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگردن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

مريم نواز ٽوئيٽ ڪيو ته پشاور ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿي، حمزه شهباز پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور ڌماڪو بدترين دهشتگردي آهي ان جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، بزدل دشمن نمازين تي حملو ڪري قوم جا حوصلا ٽوڙي نٿو سگهي. مشتاق غني پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس لائن جي مسجد ۾ ٿيل دهشتگردي جي مذمت ڪجي ٿي.عمران خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس لائن پشاور جي مسجد ۾ نماز دوران دهشتگرد حملي جي مذمت ڪريان ٿو، منهنجون دعائون متاثر خاندانن سان گڏ آهن دهشتگردي جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ لازم آهي ته اسان پنهنجي انٽيلجنس ۾ بهتري آڻيون ۽ پنهنجي پوليس کي مناسب انداز ۾ ضروري سامان ڏيون. ايمل ولي خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪريان ٿي، ريڊزون اند اهڙو واقعو ٿيڻ سيڪيورٽي صورتحال تي سواليه نشان آهي، دهشتگردن لاءِ پوليس سافٽ ٽارگيٽ بڻجي وئي آهي ڪيترن ئي مهينن کان پوليس کي نشانو بڻايو پيو وڃي. مشتاق احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس لائنز جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس ٿيو، ملڪ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ دهشتگرد جا وڌندڙ واقعا حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي آهي.

ناز بلوچ پوسٽ شيئر ڪئي ته پشاور جي مسجد ۾ نمازين تي خودڪش حملي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، مسجد جهڙي مقدس هنڌ ۽ نمازين تي حملو ڪندڙ مسلمان نٿو ٿي سگهي، زرتاج گل وزير به ڌماڪي جي مذمت ڪئي.

حامد مير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇا مسجد تي حملو ڪندڙ مسلمان سڏرائي سگهي ٿو، مسلمانن جي ملڪ ۾ مسجدن کي مسلمانن مان ئي خطرو ڇو؟ غريده فاروقي ٽوئيٽ ڪيو ته پشاور ۾ ڌماڪي ۾ 17 شهيد 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، ڪرشنا ڪماري پوسٽ ۾ افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته 17 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، لال مالهي ٽوئيٽ ڪيو ته جن ادارن جو ڪم ملڪي معيشت، اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي سنڀالڻ آهي اهي عمران خان کي سياست کان ٻاهر ڪڍڻ چاهين ٿا جڏهن ته ملڪ جون حالتون تمام سنگين ٿي ويون آهن، ڪامران خان ٽوئيٽ ڪيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي الحمدالله لکي ڪري ذميواري قبولي آهي، پشاور پوليس لائنز ۾ نماز ظهر دوران خودڪش دهشتگرد حملي ۾ مسجد کي شهيد، 20 نمازين کي شهيد، 55 کي زخمي ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪئي آهي، خبر ناهي ملڪ ڪهڙي پاسي وڃي رهيو آهي.