اشو آف دي ڊي وڏيرو تر جي ماڻهن جو پيءُ هوندو آهي پ پ ايم پي اي شميم ممتاز مٿان سوشل ميڊيا تي تنقيد

0
384

پ پ ايم پي اي ۽ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي سنڌ جي چيئرپرسن شميم ممتاز پنوعاقل پهچي متاثر شاگردياڻي ۽ وارثن کان تفصيل ورتا جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن شاگردياڻي جي وارثن کي راڄوڻي ذريعي مسئلو ڪرڻ جو مشورو ڏنو، شميم ممتاز جو چوڻ هو ته وڏيرو تر جي ماڻهن جو پيءُ هوندو آهي، پيءُ سدائين ٻارن جي حق ۾ سٺو فيصو ڪندو آهي، ڪيس داخل ٿيو آهي، ٻن مهينن بعد ڊي اين اي رپورٽ ايندي، ڇا ان وقت تائين گواهه بيهندا؟ ان وقت تائين عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪرڻو پوندو.

اهڙي وڊيو شيئر ڪندي عائشه ڌاريجو لکيو ته پنو عاقل نياڻي سان زيادتي ڪيس، پ پ پ سرڪار، انساني حقن، عورتن، اقليت ۽ ٻارن جي حقن لاءِ قانونسازي ڪري ڪميشنون ته ٺاهيون آهن پر سندن وزير ،مشير ،چائلڊ پروٽيڪشن جا چيئرمين اهڙا غير ذميوارانه بيان ڏيندا ڪڏهن سوچيو نه هو، افسوس جي ڳالهه آهي ته جنهن ڪيس لاءِ اسان ۽ اسان جي ساٿي ايڪٽوسٽن زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون صرف ان لاءِ ته نياڻين سان ريپ ڪري سندن ويڊيو رڪارڊ ڪرڻ پٺيان ڪهڙا مقصد هئا ؟

هي ڪو ٽولو ،گينگ آهي يا اڃان ڪجهه ٻيو ؟ پر چائلڊ پروٽيڪشن جي چيئرپرسن متاثر خاندان وٽ پنوعاقل پهچي کين چيو ته عدالت ۾ توهان کي انصاف ملي الائي نه ان ڪري وڏيرا ڳوٺ جا اَبا آهن اُهي مسئلي جو حل جلدي ڪڍي سگهن ٿا ،افسوس،  مسئلن جو حل آهي جي پوءِ راڄوڻي حل آهي ته ڪورٽون ڇا جي لاءِ آهن ؟انهن ڳوٺ جي وڏيرن تي يقين آهي جن سنڌي قوم کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا قصر ناهي ڇڏي، جنهن تي شهناز راهو ڏک جو اظهار ڪيو، بشير احمد لکيو ته وزيراعليٰ نوٽيس وٺي ۽ فوري طور ان کي عهدي تان هٽائي، نعمت کهڙو لکيو ته هن جي تجويز جي مذمت ڪجي ٿي،

شگفته انجم لکيو ته سچ آهي ته اسان جي قانون کي هٿ سان ڪمزور ڪيو ويو آهي، اسلم آزاد سمون لکيو ته افسوس ٿيو، قانون کان وڌيڪ وڏيرڪي نظام کي هٿي ڏئي رهي آهي، منظور احمد لکيو ته وڏيرن جا فيصلا صحيح هجن ها ته عدالتون بند ٿي وڃن ها، تانيه سليم لکيو ته جاهلاڻيون ڳالهيون، مبين اڄڻ لکيو ته هي صرف بل پيش ڪندا آهن باقي عمل ٻڙي هوندو آهي، فضل انڍڙ لکيو ته حڪمران طبقو انتهائي بي حس آهي، عاليه بخشل لکيو ته ڇو جو ان نظام جي بقا انهي ۾ آهي هر اسان جا نمائندا ٿي اسيمبلين ۾ ويندا آهن ۽ اسان عوام عوام جو مخالف هر ڪم ڪندا آهن،

ڊاڪٽر ثمينه واحد لکيو ته اهڙا وزير مشير، بيحس ماڻهو، ايم صالح شيخ لکيو ته جوابدارن کي ضرور سزا ملندي عدالتن تي مڪمل يقين آهي، شخل خان کوسو لکيو ته پ پ سرڪار وڏيرن جي آسري هلي ٿي وڏيرن خلاف ڪيئن ويندا، وفا وحيد ڀٽي لکيو ته اهو بيان ٻڌي ڪاوڙ آئي، دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پ پ سرڪار، انساني حقن، عورتن، اقليت ۽ ٻارن جي حقن لاءِ قانونسازي ڪري ڪميشنون ته ٺاهيون آهن پر انهن جون واڳون  هن قسم جي سوچ رکندڙن حوالي ڪيون ويون آهن جن جو موقف اوهان جي آڏو آهي، جنهن تي شاهه بيگ چانڊيو لکيو ته اسان جي سماج کي هن وڏيرڪي سوچ تباهه ڪري ڇڏيو آهي،

انيسه بلوچ لکيو ته وڏيرن سردار سنڌ تباهه ڪري ڇڏي آهي هي وري راڄوڻو ڪرائي تڪڙو انصاف ڏيارڻ جو چوي ٿي، افسوس، صنم منگي لکيو ته ڪاميٽيون ڪڏهن اهليت تي ٺهنديون آهن. حسين مسرت، مجتبيٰ جوکيو، ڪيريو آفتاب، جبار لغاري، سيما چانڊيو، حورالنساءَ پليجو، پروين آرائين، خالده امان، مشتاق هنڱورو، صفيه بلوچ، فقير ذوالفقار علي،  زاهده ڏيٿو، عديلا ناز سومرو، عنبرين نواز شيخ، ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو، طارق امر،  ارشد خاصخيلي، مشتاق ميراڻي، انور پنجواڻي، ڀيم راج، مراد پندراڻي ۽ ٻين پڻ ايم پي اي شميم جي بيان جي مذمت ڪئي. شميم ممتاز لکيو ته ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي.