اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي وزيراعظم عمران خان جو بيان شيئر ڪيو جنهن ۾ وزيراعظم چيو آهي ته اسان اڍائي سالن ۾ 35 هزار ارب جو قرض واپس ڪيو آهي، شاهد خاقان عباسي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته گذريل 3 سالن جي بجيٽ ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي قرضن ۽ وياج جي ادائگي لاءِ ڪل ملائي 9 هزار ارب رپيا رکيا ويا آهن، 9 هزار ارب رپين مان اوهان 35 هزار ارب رپيا ڪيئن ادا ڪيا ؟ ٽن سالن جي بجيٽ جو ڪل ڪاٿو به 35 هزار نٿو ٺهي، يا ته هي شخص مڪمل پاڳل آهي يا پوءِ پاڳل ڪري ڇڏيندو ؟ جنهن تي صاحب ڏنو سولنگي لکيو ته هي شخص ته پاڳل آهي پر اوهان ان کان وڌيڪ آهيو، هڪ صارف لکيو ته شڪر ڪريو ته 35 هزار ارب ڊالر ناهي چيو، اعجاز علي لکيو ته هن مشينن جي ڪمائي سان ڪمايل پئسا به ڳڻيا آهن، عظيم الله لکيوته ملڪ تي قرض هو 23 هزار ارب عمران خان اڍائي سالن ۾ 35 هزار ارب رپيا ادا ڪيا آهن جڏهن ته 43 هزار ارب رپيا اڃا به رهيل آهن.توقير احمد لکيو ته ان مدي ۾ حڪومت ڪل 1500 هزار ارب قرض وڌيڪ کنيو آهي حڪومت ڪوڙ جي سهاري هلي رهي آهي.خليل احمد لکيو ته وزيراعظم جي بيان کي گهڻو سنجيده نه وٺو، فهد ڪليم 24 هزار ارب نواز شريف ڇڏي ويو هو عمران خان 11 هزار ارب وڌيڪ ڏئي ويٺو آهي.ماجد مرزا لکيو ته عوام کي پاڳل بڻائڻ وارو ڪم جاري آهي. ارسلان علي لکيو ته جڏهن ليگي حڪومت ختم ٿي ته قرض 24 هزار 935 ارب هو، اسٽيٽ بينڪ جي ڪالهوڪي رپورٽ موجب 45 هزار ارب رپيا قرض ٿي ويو آهي، وزيراعظم چوي ٿو ته 35 هزار ارب واپس ڪيو آهي، پتو لڳايو ته اهو قرض ڪنهن کي واپس ڪيو آهي.