اشو آف دي ڊي وزيراعظم ڪنهن کي ڌمڪي ڏني آهي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
229
اشو آف دي ڊي وزيراعظم ڪنهن کي ڌمڪي ڏني آهي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

وزيراعظم عمران خان جي بيان کانپوءِ سوشل  ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ته عمران خان اهو بيان ڪنهن جي لاءِ ڏنو آهي ڪنهن کي ڌمڪي ڏني آهي. ان سلسلي ۾ اگر مجهي نڪالا، اگر مجهي نڪالا گيا هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويا. شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پهريان چوندو هو ته حڪومت ۾ آيس ته ڪنهن کي نه ڇڏيندس، هاڻي چئي رهيو آهي ته حڪومت مان نڪرندس ته ڪنهن کي نه ڇڏيندس، هڪ ٻي پوسٽ تي حارث صمد لکيو ته 70سالن جي گند جي ته خبر ناهي پر ساڍن ٽن سالن جو گند ايندڙ 70 سالن ۾ به خير صاف نه ڪري سگهندو، حيات الرحمان لکيو ته انهن سان مخاطب هو جيڪي ڌمڪين کان ڪڏهن ڊڄندا ناهن، محمد ڪاشف لکيو ته مجبور ٿي ڳالهايو اٿئين، سيد فيصل شاهه قوم سچي کي ڪيئن پسند ڪري، عبدالصادق لکيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم، مزمل حسين لکيو ته اهڙيون ڳالهيون ٻڌندي پنج سال پورا ٿيڻ وارا آهن، عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي،

سعيد لکيو ته اسان عمران خان سان گڏ آهيون، راجو لاڏلا لکيو ته جلد هي پاڻ ئي پاڪستان ۾ نه رهندو ٻاهر ڪنهن ملڪ ۾ هوندو، نزاڪت شاهه لکيو ته پهريان چوندو هو ته حڪومت ۾ ايندس ته ڪنهن نه ڇڏيندس هاڻي چئي رهيو آهي ته حڪومت مان نڪتس ته ڪنهن کي نه ڇڏيندس، شڪيل ضياءَ لکيو ته وزيراعظم آڻيندڙن لاءِ چيو آهي، علي چغتائي لکيو ته عوام عمران خان کي ٻيهر وزيراعظم بڻائيندو، روڪ جي روڪي سگهين، علي اڪبر چانڊيو لکيو ته مجهي ڪيون نڪالا جي ڪاميابي کانپوءِ پيش خدمت آهي اگر مجهي نڪالا تو،

خالد همدرد لکيو ته پهريان سمورا ڪم ان کي حڪومت ۾ اچي ڪرڻا هئا هاڻي سمورا ڪم روڊن تي اچي ڪرڻ جو چوي پيو، يوسف جوکيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم وارننگ ڏيندي چيو آهي ته هينئر تائين آفيس ۾ چُپ رهي تماشو ڏسي رهيو آهيان، مان حڪومت مان ٻاهر نڪتس ته اوهان لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندس، روڊن تي ايندس ته مخالفن کي لڪڻ لاءِ به جاءِ نه ملندي، اسان جي پارٽي هيءَ حڪومت ۽ ايندڙ مدو به پورو ڪندي، عوام هڪ ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ روڊن تي نڪتو هو ۽ ٻيون مان آهيان جنهن چار ڀيرا مينار پاڪستان کي ڀريو آهي عدليه کي چوان ٿو ته خدا جي واسطي ملڪ تي رحم ڪريو روزانو ڪيس هلايو هي مسئلو حل ڪريو، اسٽي آرڊر جي ڪري مافيائن جون موجون آهن عوام جا اڍائي سئو ارب ڦاٿل آهن.

محمد طاهر ڀٽي لکيو ته سليڪٽرز به پريشان هوندا ته ڪنهن کي آندو آهي، شمع جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان روڊن تي نڪري آيس ته اوهان کي لڪڻ جي به جاءِ نه ملندي ماڻهن ۾ ڪاوڙ آهي، مشرف زيدي لکيو ته وزيراعظم ڇا پاڪستان جي عوام کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي يا انهن کي جن کيس آندو آهي، افسوس، جنهن تي عاصمه شيرازي به افسوس جو اظهار ڪيو. رضا احمد رومي لکيو ته وزيراعظم جو اهو پيغام ڪنهن جي لاءِ هو ته جيڪڏهن پارليامينٽ مان نڪري ويس ته اوهان لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ٿيندس. فاروق سومرو لکيو ته وزيراعظم اهو ڪنهن لاءِ چئي رهيو آهي؟ حامد مير لکيو ته اوهان چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته وزيراعظم جو پيغام ڪنهن لاءِ هو، وزيراعظم کي هڪ عورت فون تي سوال ڪيو ته گذريل سال اوهان چيو هو ته مهانگائي گهٽ ٿي ويندي پر مهانگائي ٻيڻي وڌي وئي آهي ڇا هاڻي اسان گهٻرايون جنهن جي جواب ۾ وزيراعظم ڊگهي ڪهاڻي ٻڌائي ۽ الزام ميڊيا تي لڳائڻ بعد چيو ته مهانگائي پوري دنيا جو آهي صرف پاڪستان جو اهو مسئلو نه آهي.

خرم حسين وزيراعظم جي بيان تي لکيو ته هن وقت ڪير ڪنهن کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، رئيس خان حقاني لکيو ته سڀ کان وڏو ڪوڙ، وزيراعظم چوي ٿو ته مهانگائي جي ڪري رات جو ننڊ نه ايندي آهي، هڪ صارف لکيو ته خطرناڪ اڃا ڪهڙو هوندو، وزيراعظم چوي ٿو ته پيٽرول جون قيمتون اڃا وڌائڻيون پونديون. عبدالرحمان طاهر لکيو ته شهزاد اڪبر استعيفا ڏئي ڇڏي آهي خطرناڪ صورتحال شروع ٿي وئي آهي.احسان الاهي لکيو ته جمهوري ملڪ جو وزيراعظم اپوزيشن کي ڌمڪائي رهيو آهي ته حڪومت مان ٻاهر نڪتس ته اوهان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو اوهان کي لڪڻ جي به جاءِ نه ملندي. شيري رحمان لکيو ته وزيراعظم ڌمين ذريعي ڪنهن کي پيغام ڏيڻ چاهي ٿو؟ سندس لفظ ۽ لهجو اڄ به ڪنٽينر واري سياست جهڙو آهي، حڪومت ڪنٽينر تان آخر ڪڏهن لهندي؟ 3 سالن جي حڪمراني بعد ماڻهو اوهان کان ڪارڪردگي تي سوال ڪندا پر اوهان جي سياست جو محور رڳو اپوزيشن آهي.