اشو آف دي ڊي … نه جنت جو آسرو ۽ نه وري ووٽن جو آسرو: انجلينا جولي متاثرن وٽ پهتي، پر پنهنجا نمائندا ڳوليا نٿا لڀن: عوام

0
224

 هالي ووڊ اداڪارا، گڏيل قومن جي ايلچي اينجلينا جولي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن وٽ پهتي جنهن عمل جي ساراهه سان گڏ ملڪ جي سياستدانن مٿان تنقيد به شروع ٿي وئي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته هتان جي حڪمرانن کي عوام جي پرواهه ئي ناهي، سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪندي ثناءُالله هڪڙو لکيو ته نه جنت جو آسرو ۽ نه وري ڪو ووٽن جو آسرو،  پنهنجي تڪ جي سڀني رهنما ۽ رهزنن کان ڪيترائي ڀيرا مون کي اينجلينا جولي جي خدمت ۽ انسانيت وڌيڪ بهتر لڳي ٿي، جنهن تي الله ڏنو مڱريو لکيو ته انسان ذات جي خدمت کان وڌيڪ ٻيو ڪو عمل ئي ناهي، شبير پياڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اينجلينا جولي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي حالت ڏسي دل رت جا ڳوڙها وهائڻ لڳي، ان ڪري پاڪستان آئي آهيان ته جيئن انهن جي مدد ڪري سگهان، آمريڪن ايڪٽريس اينجلينا جولي انٽرنيشنل ريسڪيو ڪاميٽي طرفان ايمرجنسي ريسپانس آپريشنز جي سلسلي ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملڻ ۽ انهن جي حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ آئي آهي.هوءَ 2005ع ۽ 2010ع ۾ پڻ پاڪستان آئي هئي. هوءَ آفريڪا جي ملڪن ۾ پڻ ويندي رهي آهي. آئي آر سي پهرين ئي پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان جي پاڪستان ۾ ڊائريڪٽر شبنم بلوچ آهي. اينجلينا جولي اقوام متحده جي هيومينيٽيرين ايلچي پڻ آهي. جنهن تي گلشن لغاري لکيو ته سڄي دنيا ۾ سنڌ جي بربادي جون وڊيوز ۽ فوٽو اسٽيبلشمينٽ، شھباز، زرداري، حڪمران ٽولو وڪرو ڪري پنھنجا خزانا ڀري رھيا آھن، ٻاھرين دنيا کان ايندڙن کي سنڌ جي بربادي ڏيکاري ڊالر ڪمايا ويا آهن ۽ اڃا اھو سلسلو جاري آهي، پر مھيني بعد به سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي ڇا مليو آھي ؟ وائرل انفيڪشنز، مليريا، گيسٽرو،  اوھان صحافي خدارا سنڌ جي ماڻھن جي فرياد ته ٻڌو، سنڌ جي ٻڏل شھرن ۽ علائقن مان پاڻي ان ڪري نٿو ڪڍيو وڃي ته جيئن ھي فقير حڪمران ان کي دنيا کي ڏيکاري ڊالر ڪمائي سگھن، سنڌ جي ماڻھو کي بخارلاءِ پيناڊول به نه ملي سگھي، بيرحمي جي انتھا آهي، عمر جت لکيو ته دنيا جا عظيم ماڻهو آھن ھي، پاڻ وارن ته پيناڊول جون گوريون ئي گم ڪري ڇڏيون آهن، راشد ٽالپر لکيو ته پنھنجا دشمن آهن ڌاريا ڪيتري مدد ڪندا… ھر سال برساتن ۾ لکين ماڻھو در بدر ٿين گھر ڊھيو وڃن مال مريو وڃي پراڻ جي ڍورن جي ڪچي پاڻي جي قدرتي لنگھن تي قبضي خور قبضو ڪيو ويٺا آهن ھزارين ماڻھو ڌرڻو ھڻيو ويٺا آهن ڪو ٻڌڻ وارو ڪونھي جائز مطالبو مڃڻ لاءِ تيار ناھن، خواجه شمشير علي لکيو ته دنيا اسان جي اسٽيبلشمينٽ، انصاف، سياست ۽ ميڊيا نظام کان چڱي طرح آگاهه آهي، اعجاز انڙ لکيو ته هي سڀ نمونو آهي، مير الطاف حسين ٽالپر لکيو ته پهري ۾ هي نه سنڌ نه وري بلوچستان جي اصل حالتن کان واقف ٿي سگهندي، شبير سومرو لکيو ته هڪ يا ٻه فوٽو تازا باقي سڀ پراڻا سامهون اچي رهيا آهن، راشد علي به راءِ جو اظهار ڪيو، لالي نظاماڻي لکيو ته سنڌ جي سياستدانن لاءِ سبق آهي، غلام رسول نظاماڻي لکيو ته جڏهن جنھن پارٽي جو سنڌ ۾ 15 سالن کان اقتدار آهي ان جو سربراهه سنڌ جي عوام جي مالڪي نه ڪئي آهي اھو لاهور ۾ بيس ٺاهي وري پنجاب جي حڪومت ڊاهڻ خلاف ويهي رهيو آهي ڪيڏي افسوس جي ڳالھه آھي، محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڄي پ پ ۾ ڪو هڪ ماڻهو به اينجلينا جولي جهڙو پيدا نه ٿيو، جنهن تي محسن جويو لکيو ته بلڪل اهو ته آهي پر مسلم ليگ، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي اينجلينا جولين سان ڀريل آهن سڄي ملڪ جي سياست هڪجهڙي آهي، ايم صفر گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هيٺ تصويرن ۾ نظر ايندڙ جڳ مشهور غير مسلم اداڪاره اينجلينا جولي آهي جيڪا ڌارئي ملڪ پاڪستان جي برسات ۽ ٻوڏ سبب تباھ ٿيل صوبي سنڌ ۾ بغير پروٽوڪول وٺڻ جي دادو ۽ سيوھڻ جي علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جا اهنج معلوم ڪرڻ ۽ ڏک ونڊڻ لاءِ پهتي آهي ۽ هوءَ بي خوف ۽ نارمل طريقي سان مسڪين متاثر عورتن سان نه صرف ملي آهي پر کين آٿت واري ڪچهري پڻ ڪئي آهي ٻي پاسي اسان جا حڪمران ۽ چونڊيل نمائندا آهن جيڪي پنهنجي ملڪ پنهنجي صوبي ۽ پنهنجي تڪ ۾ به سيڪيورٽي کان سواءِ نه ٿا نڪري سگهن. انهن کي ڪير سمجهائي ته انسانيت کان مٿي ڪجھه به ناهي.جنهن تي رئيس آفتاب چانڊيو ، زوهيب چانڊيو ، مصور گوپانگ، عابد گوپانگ، شان علي احسان، راشد چانڊيو، طارق عباسي، عبدالباسط جاگيراڻي ۽ سجاد معاويه جوکيو لکيو ته بلڪل درست ٿا چئو، ان جي سٺي ڪم جي آجيان ڪريون ٿا، رضا حسين لکيو ته بلڪل ڪجھه به نه ڏي خالي آٿت ئي ڏي وڏي ڳالھه آھي ماڻھو ڪنھن جي ڏيڻ جو بکيو ڪونه آھي رڳو دلاسو ئي آرام پهچائيندو آھي باقي پنھنجا حڪمران ته پنھنجي جاءِ تي انھن جا ماڻهو به اڄ ايم پي اي کان وڌيڪ لئي پيا رکن ۽ غريبن عوام تي ڪاوڙ پيا ڪن پر انھن وڏيرا شاھي نظام کي يقينن ڪاپاري ڌڪ لڳندو، ممتاز چانڊيو لکيو ته اينجلينا جولي انسانيت سان پيار ڪندڙ آھي، اسان جا پير، مرشد، گادي نشين ، سياستدان ، وڏيرا سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي سار ئي نٿا لهن، انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي به اداڪار آھي اينجلينا جولي  ۽ اسان واري پياري ملڪ پاڪستان جا به اداڪار وڏا مشھور آھن اھي ڪٿي گم آھن؟ جنهن تي مختيار جوڻو لکيو ته اھي پاڻ مال جي پويان آهن شل ڪٿي آسرو ملين باقي شابس آهي ھن ڪردار ادا ڪندڙ ٻاھرين ملڪ جي اداڪاره کي جنهن جو احساس ڏٺوسين دل خوش ٿي وئي آهي، محبوب ڀٽي لکيو ته انهن ۾ ذري جيترو به احساس ناهي، عمران شر لکيو ته انهن شهرت جي بکين کي ڪهڙي خبر ته انسانيت به ڪجهه آهي، سنڌو فاطمه لکيو ته هي به يونيسيف جي سفير آهي  انڪري انهن جي طرفان آئي آهي هن محترمه هتي اچي اسان تي ڪو ٿورو ناهي ڪيو، محمد سيال لکيو ته اسان وارا ڪم جا ناهن، شيبر حسين لکيو ته اينجلينا جولي عظيم عورت آهي، محمد ابراهيم لکيو ته اهي پنهنجي شوٽنگ ۾ مصروف آهن اسان ۾ ۽ يورپ ۾ اهو ئي فرق آهي، گيانچند لکيو ته اهي گم آهن، ايم صالح سنجراڻي لکيو ته ان کي انھي ڪم جي پگھار ملي ٿي اقوم متحده مان، حسين ميراڻي لکيو ته جولي 2010ع ۾ مون سان گڏ قمبر ۾ ٻوڏ ۾ ڪم ڪيو هو، ضمير حسين ٽانوري به ساراهه ڪئي، منير شر لکيو ته اهي مري ويا آهن، راڻو خان به راءِ جو اظهار ڪيو، رشيد احمد لاکو لکيو ته پاڻ وارا رڳو چون ٿا اچي،انسانيت سان ڪھڙو واسطو انھن جو، قمر ملاح، گلزار انڙ، معشوق ڏاهري، ايچ خان سولنگي، نعمان علي، سديس شيخ، مير محمد، بشير خان انڙو، نبي بخش جلباڻي، مسعود زنگيجو، ڪامريڊ مير لغاري، راجيش ڪمار، بلاول ڪنڀر، سيد اعجاز علي شاهه پڻ ردعمل ڏنو. افشان عثمان خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زندگي جو واحد مقصد انسانيت جي خدمت آهي.