اشو آف دي ڊي نمرتا کي انصاف ملي ها ته هي واقعو نه ٿئي ها، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان شاگردياڻي نوشين جو لاش ملڻ تي ردعمل: عدالتي جاچ جو مطالبو

0
409
اشو آف دي ڊي نمرتا کي انصاف ملي ها ته هي واقعو نه ٿئي ها، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان شاگردياڻي نوشين جو لاش ملڻ تي ردعمل: عدالتي جاچ جو مطالبو

  لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل جي ڪمري مان شاگردياڻي جو لاش آيو آھي، اهڙي واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو ته تعليمي ادارن ۾ آخر اهڙي قسم جا واقعا ڇو ٿي رهيا آهن؟ ان بابت جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڪري انهن کي سزا ڏيڻ گهرجي. جسٽس فار نوشين ڪاظمي ٽرينڊ پڻ هلايو ويو، ان سلسلي ۾ ولي ناريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ قتل ڪئي ويندڙ نوشين استاد بخاري جي ڏوهٽي آهي،

تعليمي ادارا قتل گاهون بڻجي ويا آهن نوجوانن جو قتل عام معمول بڻجي ويو آهي، تصور مان سڌو قتل لڳي ٿو، جنهن تي مجتبيٰ جوکيو افسوس جو اظهار ڪيو، امر سنڌو لکيو ته ڇا ثابت ٿي ويو ته اهو قتل آهي ؟  جليل مگسي لکيو ته تصويرن مان اهو قتل لڳي ٿو، صحيح انڪوائري ڪرائي وڃي ته يونيورسٽين ۾ جيڪي نياڻيون قتل ٿيون آهن انهن جا پيرا ڪنهن ڏانهن ضرور ويندا، محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪو ته گروهه آهي جيڪو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ نياڻين کان خودڪشيون پيو ڪرائي يا نياڻين جي قتلن کي خودڪشيون پيو ظاهر ڪري، جانچ ٿيڻ گهرجي، تصوير ڏسو ڇا هيئن خودڪشي ٿيندي آهي؟ شاگردياڻي جا پير ڏسو ٽيبل ۽ پيرن جي وچ ۾ وٿي ڏسو،

جنهن تي دانش ترڪ لکيو ته هٿ وٺي شاگرد سياست کي ڀت سان لڳايو ويو ۽ هاڻ مافيائون انهيءَ موقعي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. نذير علي انتظاميا کي ذميوار قرار ڏنو، ذيشان ياسين جوڻيجو لکيو ته نائلا رند ۽ نمرتا جي مائٽن پنھنجي مرضي ۽ بنا ڪنھن دٻاءَ جي ڪيس بند ڪرايا ھئا، ھن ڪيس ۾ شاگردياڻي فائنل ايئر جي آھي وڌيڪ ڪيس جي انڪوائري ٿي ته خبر پئي پر في الحال خودڪشي ئي لڳي رھي آھي. جنسار سيتائي افسوس جو اظهار ڪيو، ڪليم الله خشڪ لکيو ته انتهائي دل ڏکوئيندڙ واقعو آهي جاچ ڪئي وڃي، مختيار علي انتظاميا خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي،  ولي محمد خاصخيلي لکيو ته خوابن جي ساڀيان بدران خودڪشيون پيون ڪن، چانڊڪا ڪاليج ۾ آخر اهڙو ڇا آهي؟ قادر لغاري لکيو ته جيڪڏهن نياڻي جا وارث ڪيس مضبوطي سان کڻندا ته انهن مٿان دٻاءُ وڌو ويندو،

پوءِ اهي خاموش ٿي ويندا، احمد ڪوهستاني لکيو ته جيڪڏهن درست جاچ ٿئي ته جنسي هراسمينٽ جا سوين مامرا سامهون ايندا، هتي انصاف جي گهٽ اميد جي ڪري خاموشي اختيار ڪئي ويندي آهي، شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪي نياڻيون خواب ڪتابن جي ٿيلهي ۾ کڻي گهر جو چائنٺ ڪراس ڪري ٻاهر نڪرن ٿيون،  مشڪل انٽري ٽيسٽ ڏئي، ادارن، هاسٽلز ۾ پهچن ٿيون، ذهن، دل ۾ هڪ ئي جستجو سانڍين ٿيون ته والدين ٻاهر ڪڍيو ته ڊاڪٽر ٿي واپس ڳوٺ / گهرن ڏانهن ورنديوسين. والدين ۽ پهنجو ڳاٽ اونچو ٿيندو.

مشڪل پڙهائي، هاسٽلن جو سختـيون،24 ڪلاڪ جون ڊٽيون به مرڪندي ڪن صرف خوابن جي ساڀيائن جي ڪري سڀ تڪليفون، طعنا ٽهڪن ۾ اڏاري ڇڏين. اهي خودڪشيون ڪيئن ٿيون ڪري سگهن.؟ هر قتل کي خودڪشي جو نالو ڏئي ادارن جو ڏوھه لڪايو ٿا، آخر ۾ والدين کي به دٻائي ماٺ ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿا ڇڏيو. جنهن تي سهراب سومرو لکيو ته خودڪشي ادارن جي ڏوھه جي ڪري ناهي ٿيندي. خوڪشي جو اصل ۽ بنيادي سبب مايوسي آهي. هر انسان جي مايوسي معاشري ۾ پيدا ٿيل خراب ڳالهين، خراب رواجن ۽ خراب عملن جي ڪري ٿيندي آهي. جيڪي ڇوڪريون مايوسي کي عيب ۽ بيماري سمجهنديون آهن.

اهي پنهنجي زندگي ۾ هار مڃي وٺنديون آهن ۽ ٻيو هنن جو اهم سبب هي آهي ته اڪثر يونيورسٽي جون ڇوڪريون پنهنجي ذاتيات جي جبر ۾ جڪڙيل هونديون آهن. اهي ذاتيات جي جبر کان آزاد ناهن ٿي سگهنديون ۽ ان جو بنيادي سبب علم موجودات جو هئڻ آهي. ظفر عزيز ميتلو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھڪ ٻيو موت ڳھارت بڻيل… جيڪڏهن نمرتا سان انصاف ٿئي ها ته اڄ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي گرلز ھاسٽل مان ٻي شاگردياڻي جو لاش نه ملي ها، ڊاڪٽري جي ڇوٿين سال ۾ پڙھندڙ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جو لاش ھاسٽل مان ھٿ آيو آهي خبرن ۾ ٻڌايو پيو وڃي موت خودڪشي سبب ٿيو آهي، جنهن تي محمد امين چانڊيو ۽ ڀٽو ارشاد علي لکيو ته ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جا پير ٽيبل تي پيا آهن. ان حالت ۾ ڪنهن جو ساهه ڪيئن ٿو نڪري سگهي؟ هي خودڪشي نه پر قتل آهي.ساگر عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مان پاڻ پنهنجي مرضي سان خودڪشي ڪرڻ وڃان پئي.

شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين شاهه جو اهڙو خط سامهون آندو ويو آهي. خودڪشي جو ڪو سبب هوندو يا خط زبردستي لکرايو ويو هڪ دفعو وري ڊاڪٽر نمرتا وانگر نوشين شاهه  ڪيس کي خودڪشي جو رنگ ڏئي دفن ڪرڻ جون انتظاميا پاران سازشون شروع ٿي ويون؟. شڪيل ڇڄرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هر قتل جي پويان خودڪشي جو رنگ ڏئي ھڪڙي خون پٺيان ٻئي خون کي لوڙهڻ جي هڪ سازش ڪئي ٿي وڃي ڪيستائين اسان خودڪشين جي نالي تي لاش کڻندا رهنداسين؟  جنهن تي علي شير ڪريو لکيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊاڪٽر نوشين جو لاش هٿ، انتظاميا پاران خودڪشي جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي، لياقت ميراڻي لکيو ته وي سي هٽايو، سچل وڌو آخر ڪيستائين لاش وصول ڪندا رهنداسين، پرويز نوحاڻي لکيو ته نمرتا کي انصاف ملي ها ته هي واقعو نه ٿئي ها. جان محمد جوکيو لکيو ته شاگردياڻي جا پير ٽيبل سان صفا لڳل آهن خودڪشي نٿي لڳي، مرڪ منان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چانڊڪا گرلز ڪاليج مان چوٿين سال جي شاگردياڻي جو لاش مليو آهي،

جنهن تي ڪاشف خاصخيلي، الطاف خاصخيلي، وسيم حسين چانڊيو، افسوس جو اظهار ڪيو، ذوالفقار راڄپر لکيو ته اهڙا واقعا هاسٽلن کان ٻاهر به ٿين ٿا ڇوڪرين کانسواءِ ڇوڪرن جا به ٿين ٿا، عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چانڊڪا هاسٽل مان نمرتا کانپوءِ نوشين جو لاش مليو آهي، هنن واقعن جي اڻڌري عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي، انهن واقعن پويان ڪهڙا هٿ آهن. مير مرتضيٰ چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چانڊڪا هاسٽل ۾ وري هڪ نئون قتل ٿيو آهي، ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جو قتل ٿيو آهي واقعو خودڪشي نٿو لڳي، قمر نواب ڪانڌڙو لکيو ته خودڪشي نه پر قتل ٿو لڳي اڻڌري جاچ ٿيڻ گهرجي،

ڪامريڊ امير جان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايم بي بي ايس چوٿين سال جي شاگردياڻي نوشين خودڪشي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ ان جي قتل پويان وڏا هٿ هوندا؟ بشير آريسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لاقانونيت واري ملڪ ۾ ڪنهن به قتل کي خودڪشي آساني سان ڄاڻائي سگهجي ٿو. چاهي اهو لٽڪيل لاش ڪنهن لاڪ اپ مان ملي  يا گرلس هاسٽل مان. جنهن تي علي رضا شاهاڻي لکيو ته ڪاش چانڊڪا يونيورسٽي نمرتا ڪماري جي لاش پويان راز نه لڪائي ها ته اڄ ھڪ نوشين جو گرلز ھاسٽل تان لاش نه ملي ها، سڄي سنڌ کان نمرتا وسري وئي تڏھن اڄ اسان کي شاگردڻي نوشين شيخ جو لاش ھاسٽل تان مليو، خدارا سڄي سنڌ ھن خون تي خاموش نه رھجو، جيستائين جوابدارن کي سزا نه ملندي تيستائين سنڌ جي يونيورسٽين مان ائين شاگردن جا لاش نڪرندا رھندا.

انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي قتل آهي پر افسوس هن کي خودڪشي جو رنگ ڏنو وڃي ٿو، ڪجهه نه ٿيندو، نمرتا جي موت وانگر اسان به ان نياڻي کي ڪجهه ڏينهن ياد ڪنداسين ڪجهه ڏينهن ماتم ڪنداسين، وري ٻئي لاش جو انتظار ڪنداسين. روحت ڇاٻڙيا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪڏهن نمرتا ڪڏهن نوشين، خبر ناهي هي ڇا ٿي رهيو آهي تعليمي ادارن ۾، عبدالجباز آزاد منگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  اسان وٽ قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏنو وڃي ٿو، خودڪشي ڪندڙ نياڻيءَ جا پير ٽيبل تي پيل آهن! هي خودڪشي آهي يا لاش کي لڙڪايو ويو آهي!؟ جنهن تي سجاد ڪلهوڙو لکيو ته اسان افسوس ڪري سگهون ٿا عملي ڪم نٿا ڪري سگهون، سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.گل حسسين ابڙو، عبدالجبار ٽوٽاڻي، رياض حسين سنڌي به افسوس جو اظهار ڪيو.

گهنشام ميگهواڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نمرتا سان انصاف ٿئي ها ته اڄ نوشين جو واقعو نه ٿئي ها، ڪامران چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان جي معاشري ۾ اڪثر نياڻين کي پڙهايو ناهي ويندو اگر پڙهايو به ويندو آهي ته انهن سان نائلا ۽ نمرتا جهڙا واقعا پيش ايندا آهن. يونيورسٽي ۾ ڇوڪرن کان ويندي پروفيسرن تائين انهن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو ويندو آهي. اڄوڪو لاش به نمرتا ۽ نائلا جي ٿيل خون جي ڪڙي آهي جنهن ۾ يقينن ڪنهن جا هٿ ضرور هوندا.

سنڌ جي اداري چانڊڪا ۾ جتي انسانن کي بچائڻ سيکاريو ويندو آهي اتي هن نياڻي جو لاش ڏسي اهو لڳي رهيو آهي ته اسان جا ادارا هر روز ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اسان کي لاش ڏين پيا. علي رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نائلا رند ۽ نمرتا ڪماري جي خون ناحق سان انصاف ٿئي ها ته اڄ هڪ ٻي شاگردياڻي جي حياتي جو ڏيئو نه اجهامي ها.  ماروي پليجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نائلا رند ۽ نمرتا کان پوءِ نوشين جو لاش ملڻ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين جي تعليم بند ڪرڻ جي گھري سازش آهي، اسان سڀني تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته نوشين جي قاتلن کي ڦاھي جي ڦندي تائين پھچايون.