اشو آف دي ڊي ناليواري فنڪار شمن ميرالي جي ڀاڻج جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

0
323

ناليواري فنڪار شمن ميرالي جي ڀاڻج جي قتل خلاف سوشل ميڊيا تي ڀرپور آواز اٿاريو ويو ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ امتياز جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شمن علي ميرالي جو ڀاڻيجو دھشتگردن ھٿان قتل ٿي ويو ڪٿي آهي ڪٿي آهي حڪومت؟ سنڌ ۾ سنڌي پنهنجي ڌرتي تي بيدردي سان قتل پيا ٿين ۽ سنڌي پرامن احتجاج حقن لاءِ ڪن ته جيلن ۾ بند ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن. جنهن تي پرويز احمد دايو لکيو ته جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، عابد علي شيخ پڻ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.محمد اشرف ڀيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي جي جمالي ڳوٺ ۾ سنڌ جي ناليواري راڳي شمن علي ميرالي جو ڀاڻيجو بابر علي قتل ٿي ويو، ڪاشف آگاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سدائين خوشيون ورهائڻ واري سنڌ جي ڀلوڙ فنڪار شمن علي ميرالي جو ڀاڻيجو بابر علي ميرالي ڪراچي جي علائقي جمالي ڳوٺ ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ کي انصاف لاءِ اپيل ڪجي ٿي، جنهن تي رمضان بليدي لکيو ته سڄي سنڌ شمن ميرالي سان گڏ آهي، عبدالوهاب افسوس جو اظهار ڪيو، عمران سارنگ سومرو لکيو ته قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، شجاعت ابڙو لکيو ته قاتلن کي سزا ڏني وڃي، اختر ميراڻي، غلام علي هاليپوٽو، اصغر راهوجو، محب علي شر، زاهد چنا به افسوس جو اظهار ڪيو، صابر مغيري لکيو اسان شمن ميرالي سان گڏ آهيون، وڪي ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته شمن ميراڻي جي ڀاڻج جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، اهڙي پوسٽ تي حاڪم کوکر، شاهنواز جمالي، افسر پنهور، مير محمد ڀٽي، جمن ساهوال، اويس گل ميمڻ، لقمان کوسو، سيما شيخ ۽ ٻين به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.