اشو آف دي ڊي … نئون آرمي چيف مقرر: سوشل ميڊيا تي اڳڪٿيون ۽ تبصرا: هاڻي ته بحران ختم ٿيڻ گهرجي: عوام

0
118

  نئين آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي سوشل ميڊيا تي اڳڪٿين ۽ بحث جو سلسلو جاري رهيو، آرمي چيف، لفٽيننٽ جنرل عاصم منير، ساحر شمشاد مرزا ۽ باجوا ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيا، عاصمه شيرازي ٽوئيٽ ڪيو ته عاصم منير چيف آف آرمي اسٽاف مقرر، صدر اهم مقررين جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪئي ته خان صاحب ساڳئي پگهار تي راضي، هاڻي سندس پراڻو نيوٽرل وارو بيانيو دفن ٿي ويو، جاويد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته جنرل عاصم منير کي شهرت جو ڪارڻ ئي پيرڻي جي ڪرپشن پڪڙڻ آهي، ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪئي ته لٿو لڙ، سمري تي صحيح ٿي وئي، جنهن تي مسعود احمد جتوئي لکيو ته سمري تي صحيح ڪنهن ڪئي؟ ناشاد سمون لکيو ته صدر علوي ڪئي؟ اسد لکيو ته مطلب هاڻي بکين کي ماني ڳڀو، ننگ اگهاڙن کي لٽو ڪپڙو، مظلومن کي انصاف، بي گهرن کي گهر ملي ويندو؟ انجنيئر عاشق علي انڍڙ لکيو ته ميڊيا وارن اچي مٿو کاڌو، باقي هيو ته ڪجهه نه، حافظ خدا بخش انڍڙ لکيو ته ڀلائي ٿي وئي، امان الله کوکر لکيو ته پي ٽي آءِ جو سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿي ويو آهي. سجاد ٿهيم پوسٽ شيئر ڪئي ته صدر اڄ ئي جنرل عاصم منير جي آرمي چيف واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏيندو، جنهن تي بعد ۾ غلام مصطفيٰ ڪاتيار، راجو ٺاڪر لکيو ته صدر صحيح ڪري ڇڏي، شڪيل ملڪ پوسٽ شيئر ڪئي ته صدر عارف علوي آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي مقرري جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي. ايم صالح جاڙيجو پوسٽ شيئر ڪئي ته صدر پاڪستان آرمي چيف طور جنرل عاصم منير جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي،

ڪابورو الهڏنو لکيو ته ان کانسواءِ ڪري به ڇا پيو سگهي، لائق شورو لکيو ته نيٺ ويچاري جي  ننڊ خراب ڪيئون، صدام ناريجو لکيو ته ڏندن جو ڊاڪٽر آهي، ڏند ٽٽڻ جي عذاب جي خبر اٿس، منظور سومرو پوسٽ شيئر ڪئي ته عمران خان جي سياست هاڻي سياست نه آهي پر ڌونس ڌانڌلي، من ڪٿان نه ڪٿان ڦٻان واري سياست آهي، جنهن تي خدا بخش راڄڙ لکيو ته هنيئر سڀني جي اها حالت آهي، محمد علي لغاري لکيو ته صدر سمري تي صحيح به ڪري ڇڏي، اياز حيدر پتافي پوسٽ شيئر ڪئي ته صدر عارف علوي آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيف اسٽاف جي مقرري واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏي.. جنهن تي منظور احمد سومرو لکيو ته ٻيو حڪم ڪر، عابد فراز لکيو ته لٿو لڙ، منصور احمد سومرو لکيو ته هاڻي ڪجهه سنڌ جي سورن جي ڳالهه ڪيو، نديم مهر پوسٽ شيئر ڪئي ته صدر پاڪستان عارف علوي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، جنرل عاصم منير نئون آرمي چيف مقرر ٿي ويو، جنهن تي صدام مهر، برڪت علي ڀٽو به ردعمل ڏنو، ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪئي ته عارف علوي دير ئي نه ڪئي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي ، آرمي چيف عاصم منير ٿي ويو ، يوٿيا ھاڻي ڪھڙو نئون بيان ٿا ڏين ڏسون، اياز کوسو لکيو ته نيازي جو نمبر بلاڪ ڪري علوي صحيح ڪري ڇڏي، احسان الله مڱريو لکيو ته هاڻ چوندا اسان چيو هو ته ميرٽ تي مقرري ٿئي، افضل حاجاڻو لکيو ته اوهان کي موقعو ڪونه ڏنوسين، اسان گارنٽي وٺي پوءِ سمري تي صحيح ڪئي، حب علي لکيو ته پريشان نه ٿيو، رياض سيد لکيو ته يوٿين جي ڳالهه ئي نه ڪريو،

عامر انور گوپانگ پوسٽ شيئر ڪئي ته صدر پاڪستان کي لاهور گهرائي اصل ۾ عمران خان پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن تي چوڌري عمران ارشد لکيو ته عوامي سپورٽ عمران خان سان گڏ آهي، حسين منصور پوسٽ شيئر ڪئي ته نيازي گوڏا کوڙي ڇڏيا، انقلاب ختم ٿي ويو، هڪ ٻي پوسٽ ۾ لکيو ته عارف علوي اڄ شام يا سڀاڻي تائين استعيفا ڏيئ ڇڏيندو، حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪئي ته صدر عارف علوي ٿڦڙن جي خوف کان سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، عاصم منير نئون آرمي چيف مقرر ٿي ويو، جنهن تي مير ياسر جمالي لکيو ته جنرل عاصم حافظ قرآن آهي، پنج وقت نمازي، تهجد گذار آهي، علي بلوچ لکيو ته پنج آرمي چيف نواز شريف آندو ۽ ڇهون آرمي چيف شهباز شريف آندو. وارث رضا پوسٽ شيئر ڪئي ته عاصم منير آرمي چيف،ساحر شمشاد جوائنٽس چيف آف اسٽاف، سمري ايوان صدر کي اماڻي وئي. جنهن تي اي وهاب بلوچ لکيو ته هاڻ ڇا ٿيندو عمران جو، محمد عارف خان لکيو ته شڪر آهي ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو حل ٿي ويو، روميصه ملڪ پوسٽ شيئر ڪئي ته جنرل عاصم منير کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويو آهي، راجا شعيب ميمڻ پوسٽ شيئر ڪئي ته عاصم منير نئون آرمي چيف ۽ ساحر شمشاد نئون سي جي ايس سي مقرر ٿي ويو، حريف چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته وڏي مقرري لاءِ نالا صدر ڏانهن موڪليا ويا . چيف آف آرمي اسٽاف لاء جنرل عاصم منير ۽ جوائنٽ چيف واسطي جنرل شمشاد مرزا . هاڻي ته بحران ختم ٿيڻ گهرجي !

جنهن تي لال محمد چانڊيو لکيو ته اهو ختم ٿيڻو ئي ناهي، غلام مصطفيٰ بروهي لکيو ته انهن تي متان اعتراض ٿئي، دريا خان لکيو ته بحران جو خاتمو مشڪل آهي، عزيز راج پوسٽ شيئر ڪئي ته عاصم منير آرمي چيف ٿي ويو، هاڻ تنهنجو ڇا ٿيندو، جنهن تي خير محمد مگسي لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪئي ته سمري تي صحيح ٿيڻ کانپوءِ يوٿيا ڪيڏانهن گم ٿي ويا، عمران خان ٽوئيٽ ڪيو ته آخري شاٽ عمران خان جي، آرمي چيف فائنل، توهان ڪير آهيو؟ حامد مير ٽوئيٽ ڪيو ته صدر عارف علوي آرمي چيف جي سمري تي ڦندو وجهڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي، ڇا اڄ کانپوءِ صدر ۽ وزيراعظم گڏجي ٻيا مسئلا حل ڪرڻ تي به ڌيان ڏيندا، ڇا هاڻي سياست ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿيندي يا برقرار رهندي؟ نظير لغاري ٽوئيٽ ڪيو ته فواد چوڌري هڪ ٻئي هينڊ آئوٽ جو شوشو ڇڏيو هو ان جو ڇا ٿيو؟ غريده فاروقي ٽوئيٽ ڪيو ته نئون آرمي چيف جنرل حافظ عاصم منير، فيصلو ته ٿي چڪو آهي، حتمي فيصلي جو اختيار صرف ۽ صرف وزيراعظم وٽ آهي، نه ڪي صدر يا عمران خان وٽ، ميڊيا تي عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ جيڪو وڻي مرضي جي راند کيڏو، فيصلو وزيراعظم جو ئي هوندو آهي، شيخ رشيد ٽوئيٽ ڪيو ته اڄ 24 نومبر کان عمران خان جا وڪٽري ڊيز شروع آهن ملڪ وقت کان اڳ چونڊن ڏانهن ويندو، پي ڊي ايم جي سياست دفن ٿي وئي، سيد طلعت حسين ٽوئيٽ ڪيو ته عمران خان صرف اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته فيصلو هو ڪري رهيو آهي ڪو ٻيو نه، زخمي انا جي غلامي هڪ عذاب آهي. فيروزه لاشاري ٽوئيٽ ڪيو ته لڳي ٿو ته صدر عارف علوي حسب عادت گند ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.  وريام لنجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نئون آرمي چيف جهڙو اوهان جو آھي اهڙو ئي مون ۽ عليم سومري جو آھي هروڀرو ٽيگ ڇو پيا ڪريو ملڪ جي صدر ۽ وزيراعظم فيصلو ڪيو آھي اسان ٻنهن کي معزز شخصيتن جو فيصلو اکين تي آھي،

عاصم منير چيف ٿئي يا ساحر شمشاد اسان کي اٽو پوءِ 2 سئو روپيا في ڪلو ۾ وٺڻو پوي ٿو، تنگ نه ڪريو، نصرالله لاشاري پوسٽ شيئر ڪئي ته وزير اعظم شهباز شريف پاران موڪليل  نئين آرمي چيف جي نالي واري سمري تي صدر عارف علوي صحيح ڪري ڇڏي، ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ، ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير آرمي چيف مقرر ٿي ويا، هدايت الله چنا پوسٽ شيئر ڪئي ته جنرل عاصم منير پاڪستان جو نئون  آرمي چيف مقرر ٿي ويو. ڪي بي سي هريش کپرو پوسٽ شيئر ڪئي ته نئين آرمي چيف لاءِ نامزد ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير منگلا ٽريننگ اسڪول مان پاس آئوٽ ٿيو، فرنٽيئر فورس رجمينٽ مان ڪميشن پاس ڪئي، جنرل عاصم منير هاڻوڪي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ماتحت برگيڊيئر طور ناردرن ايرياز ۾ فوج جي ڪمان سنڀالي، 2017 ۾ جنرل عاصم منير کي ڊي جي ملٽري انٽيليجنس مقرر ڪيو ويو، آڪٽوبر 2018 ۾ کيس ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو، آءِ ايس آءِ جي مختصر عرصي تائين قيادت بعد جنرل عاصم منير کي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا مقرر ڪيو ويو، ٻن سالن بعد جنرل عاصم منير کي جي ايڇ ڪيو ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل مقرر ڪيو ويو، ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير پهريون آرمي چيف هوندو جنهن آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽيليجنس ٻنهي ۾ ڪم ڪيو آهي، عاصم منير پاڪ فوج جو پهريون شمشير يافته آرمي چيف به هوندو. شاهد راهمون پوسٽ شيئر ڪئي ته جنرل عاصم منير چيف آف آرمي اسٽاف ۽ جنرل ساحر شمشاد مرزا چيئرمين جوانٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي مقرر ٿي ويا، وزير اعظم جي مشاورت سان صدر مملڪت اسلامي جھموريه پاڪستان فوجي سپھه سالار واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏي. پاڪ فوج جي فور اسٽار جنرل سينارٽي لسٽ ۾ جنرل عاصم منير پھرين ۽ جنرل ساحر شمشاد مرزا ٻي نمبر تي آھن، ھي مقرريون نج سينارٽي ميرٽ جي بنياد تي ٿيون آھن. ڪليم لنڊ، منير احمد ڊيهو، محمد عثمان سولنگي به پوسٽون شيئر ڪيون، صدام پتافي، زبير خاصخيلي، همٿ خاصخيلي، غلام نبي به پوسٽون شيئر ڪيون.