اشو آف دي ڊي مڪاني چونڊ آهي يا جنگ؟ پولنگ عمل ۽ تشدد تي تبصرا : ڌانڌلي جون به دانهون

0
260
اشو آف دي ڊي مڪاني چونڊ آهي يا جنگ؟ پولنگ عمل ۽ تشدد تي تبصرا : ڌانڌلي جون به دانهون

 سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ٿي ويون، ان دوران سوشل ميڊيا تي به گرما گرمي رهي، پل پل جون خبرون سوشل ميڊيا تي شيئر ٿينديون رهيون، هر علائقي مان چونڊن بابت مختلف اطلاع سوشل ميڊيا تي ايندا رهيا، ووٽنگ کان ويندي جهيڙن تائين پوسٽون شيئر ڪيون ويون، شام 6 وڳي بعد وري کٽيل اميدوارن جي اعلان سان گڏ مبارڪن جو سلسلو به شروع ٿي ويو، چونڊن دوران جهيڙن واري عمل جي مذمت ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي ڌانڌلي جون به دانهون ڪيون ويون، سهولتن جي اڻاٺ جي نشاندهي ڪئي وئي، ان حوالي سان ايم صالح جاڙيجو ڀڃ ڊاهه جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته سانگھڙ سنجھورو رڪن ٻرڙا پولنگ اسٽيشن تي پ پ ۽ جي ڊي اي وارن جي جهيڙي جو نتيجو آهي، جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄوڪي سوشل ميڊيا  رپورٽن مطابق سنڌ ۾ حڪمران پيپلزپارٽي جي نام نهاد طاقتور بڻايل خاندانن جي گهڻائي حڪومتي پاور، پوليس ، پئسي جي استعمال سان گڏوگڏ داداگيري جا به سڀ طريقا استعمال ڪيا آهن.

محمد يعقوب ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽنڊي آدم جي پولنگ سرسيد ۾ پي ٽي آءِ ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جنهن تي مقبول احمد لکيو ته اڄ ثابت ٿي ويو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين وارو فيصلو غلط نه هو، محمد علي مارفاڻي چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته يوسي کنڊو ۾ ڌانڌلي سبب پولنگ بند ڪئي وئي، علي اظهر چانڊيو، دائود خان، اسد چانڊيو، نويد احمد چولياڻي، داد محمد مارفاڻي، علي شير چانڊيو ڌانڌلي جي مذمت ڪئي، مظفر بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رتوديرو سٽي جي 10 وارڊن سميت تعلقي جي ٻارنهن يوسين تي پولنگ جو عمل صبح کان جاري، گرمي جي لھر يا اليڪشن ۾ دلچسپي نه هئڻ ڪري ماڻهن جي پولنگ اسٽيشنن تي تمام گهٽ آمد آهي، اميدوار درن تي وڃي ماڻهن کي ووٽ ڪرڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪرڻ لڳا، پولنگ اسٽيشنن تي مقرر عملي کي به وقت سر ماني چانھه پاڻي نه ملڻ جون دانهون ڪيون ويون. مير خان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته روهڙي ۾ پولنگ دوران ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا،

ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سکر ضلعي سميت 14 ضلعن ۾ گارگند، جهيڙن، لٺبازي بعد مڪاني چونڊون خوني جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويون، روهڙي ڀرسان ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا، جنهن تي سجاد بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊ خوني بڻجي وئي، 10 ماڻهو قتل ۽ 300 زخمي ٿيا آهن، راجا بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي بلدياتي چونڊ آهي يا جنگ جو ميدان، هر طرف ڌانڌلي ۽ جهيڙا ٻڌون پيا. جنهن تي ڀٽو ارشاد علي لکيو ته سموري سنڌ ۾ جهيڙا ئي جهيڙا لڳا پيا آهن اهڙي اليڪشن کان ته ڀينگ ڀلي آهي عوام کي ملي به ڪجھه ڪونه، ويتر وڃي پنهنجا مٿا ڦاڙائي واپس موٽي تنهن کان عزتدار ماڻهو کي گهر رهڻ گهرجي.زوار شفيق جان لکيو ته وڏو ظلم آهي، جنيد بلوچ لکيو ته اليڪشن ۾ بيهڻ مطلب پاڻ سان دشمني ڪرڻ آهي، راشد علي هڪڙو لکيو ته ڀلو ان ۾ آهي ته عوام ووٽ ئي نه ڪري، عنايت منظور لکيو ته رسول آباد پولنگ اسٽيشن بچل ڀنڀرو، رسول آباد شهر جي پولنگن تي پ پ ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ڪري پولنگ جو عمل بند ڪيو ويو،

عنايت منظور لکيو ته لاڙڪاڻي جي مسڻ پولنگ اسٽيشن تان بئريسٽر اختر جبار کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، قمبر ويجهو آبڙي پولنگ تي جهيڙو ٿيو، جيڪب آباد ۾ وارڊ نمبر 12 تي ٽن ڪلاڪن کان ووٽ ڪاسٽ ناهي ٿيو، خانڳڙهه جي يوسي علي مهر جي پولنگ ولو مهر ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيوڪنڌڪوٽ ۾ پولنگ اسٽيشن تي حملو ڪري بيلٽ پيپرن سوڌو عملو کي اغوا ڪيو ويو، ايم صفر گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميروخان جي سڀني پولنگن تي ووٽ جو عمل شروع ٿي ويو، اڪثر پولنگن تي ووٽرن جي لائين لڳل آهي، مختلف هنڌن تي پولنگ عملي پاران پيئڻ جي پاڻي سميت سهولتن جي کوٽ جون دانهون ڪيون ويون آهن، فياض گهانگرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ سَٽ ڪُٽ جو سلسلو جاري آهي ڪيترائي رتورت ٿي پيا آهن، ڪنڌڪوٽ پهرين نمبر تي ۽ محبت ديرو ۾ به فائرنگ ٿي آهي. بلاول لاکو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته قاضي احمد نواب ولي محمد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو اليڪشن پولنگ اسٽيشن جا ھنگامي دورا ڪيا مختلف پولنگ اسٽيشنز اندر بوگز ووٽ جي پلانگ ناڪام بڻائي، پولنگ اسٽيشن محرم سنگراھه ۾ ڪاسٽنگ کان وڌيڪ بيلٽ پيپر ھٿ ڪيا ويا، جنهن تي سيد جلال الدين بخاري لکيو ته نج ڌانڌلي آهي. بابو محمد صديق پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هاءِ اسڪول پولنگ عملي کان بلاڪ 108 جون لسٽون گم، پولنگ بند ڪئي وئي،

احمد بلوچ لکيو ته هٿ سان گم ڪيون ويون، برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پني عاقل ۾ ٽن پولنگ اسٽيشنز تي بدنظمي،جهيڙا ٿيا جنهن ۾21 ڄڻا زخمي ٿي پيا، يوسي جوڻاس ۾ جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ جا 17 ڪارڪن زخمي ٿيا،ڊرٻ ۾ جهيڙي سبب به 2 جي يو آءِ ڪارڪن زخمي ٿي پيا،سلطانپور ۾ ڳڙٻڙ تي ايس ايس پي سنگهار ملڪ پهچي ويو، آزاد اميدوار نعمت الله سمائر ۽ سندس حامي گرفتار ڪيا ويا، محمد سليمان وساڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هيڏي وڏي گرمي ۾ اليڪشن، اهو ظلم آهي، جنهن تي حريف چانڊيو لکيو ته ظلم جي گرمي آهي، درياءَ خان لکيو ته ان گرمي جو ڪو سٺو نتيجو اچي، روشن ڪنراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٺل ۾ ڌانڌلي، جهيڙو ٿي پيو، ياد رکو اليڪشن گذري ويندي پاڻ ۾ عزيز آھيون، ايتري ڪيو جو سڀاڻي برداشت به ڪري سگهو، وهاب ڪنراڻي، اشفاق چنڙ، حب علي، عزيزالله ڪنراڻي، وهاب ڪنراڻي ۽ ٻين پڻ اهڙي عمل جي مذمت ڪئي. وقار ايم بروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڳيريلو پولنگ اسٽيشن تي ووٽرن لاءِ ٿڌي پاڻي توڙي اس کان بچاءَ لاءِ ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو، ووٽر نٽهڻ اس ۽ اڃ سبب بيحال ٿي ويا،

عارف حسين ابڙو لکيو ته جن کي ووٽ ڏيو ٿا انهن کي جاڳايو، حيدر سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته غوثپور جي دراني مهر واري علائقي ۾ هٿياربندن جي ڪاھه، پرزائيڊنگ آفيسر سميت پولنگ عملي جا 8 ڄڻا مبينا طور اغوا ٿي ويا، پوليس بيوس بڻيل رهي. زيب سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻي سرفراز نواز شيخ پيپلزپارٽي جي طرفان بئريسٽر اختر حسين جبار کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو، اسد ممتاز رڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ چونڊ عملي سميت 8ڄڻا اغوا ٿي ويا، محمد اشرف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي شھر ڪنڌ ڪوٽ ۾ بلدياتي اليڪشن دوران پولنگ ٻاھران جھيڙو ٿي پيو، هڪٻئي تي لٺين جو وسڪارو ڪيو ويو. جنهن تي زاهد بالادي لکيو ته اليڪشن دوران جيت جي جنون ۽ پنهنجي انا جي تسڪين خاطر، پاڻ ۾ وڙهي پنهنجن ابن ڏاڏن جا ڳنڍيل صدين جا رشتا ناتا نه لڄائجو، سياست ۾ کٽڻ يا هارائڻ مسئلو ناهي، محبتون قائم رهن.

عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  جتي ڪٿي لٺين جو ڦھڪو آھي، صبح جو انھن اميدوارن مان ڪو سلام جو جواب به نه ڏيندو، ھروڀرو وڙھو ٿا، ماهنور شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪافي ووٽرن کي اھو چئي موٽايو ويو آهي ته اوھان جو ووٽ ٿي ويو آهي، جبار حبيباڻي، ڪامريڊ لياقت، مراد پندراڻي، لطيف چانڊيو، عاشق حسين تنيو، ڊاڪٽر مهر مهراڻي، ذيشان ميمڻ، ساگر ڏهراج، زيشان ميمڻ، شاهنواز نائچ، شاهاڻي شفيق، جاويد تنيو، حسيني آصف علي، عامر خاصخيلي ۽ ٻين اهڙي عمل جي مذمت ڪئي. حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اليڪشن وڏيرن وچ ۾ وڙهي پئي وڃي، جيڪو وڏيرو جتي طاقتور آهي اتي اهو ايترو ڏيکاري ٿو ..رڳو پ پ تي الزام نٿو هڻي سگهجي، شاد کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گڊو وارڊ 8 مان ايس يو پي اڳواڻ جاويد کوسو ميدان ماري ويو، شڪيل ڇڄڙو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ضلعي نوشھرو فيروز مٺياڻي جي وارڊ نمبر 5 تان سڄي سنڌ لاءِ امن جو پيغام اليڪشن ھن طرح سان ٿيندي آهي،مير مرتضيٰ چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪامريڊ سرتاج چانڊيو 127 ووٽن جي ليڊ سان ڪامياب ٿي ويو آهي.

  نصيرآباد جي هنن اميدوارن جو هي عمل ڏاڍو وڻيو،ٻئي هڪ ٻئي خلاف چونڊ پيا وڙهن، ٻنھي جون پارٽيون به مختلف پر پوءِ به هڪ ٻئي خلاف نه ڪو بيان ڏنو اٿن ۽ نه ئي ڪا نعريبازي ڪئي اٿن. ووٽنگ جو عمل جاري آهي ۽ هي ٻئي اميدوار حاجي وزير علي ڦلپوٽو ۽ آصف ڪاٺيو  پيار منجھان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهن. ڪرسي اچڻي وڃڻي آهي پر سماجي لاڳاپا رهڻا آهن. (سارنگ ساگر جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

  جتي اڌ سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن ۾ جهيڙا، فساد عام هجن اتي هي نصيرآباد شهر جي وارڊ نمبر 3 جا ٻه اميدوار پ پ اميدوار بخش علي چانڊيو ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي اميدوار ڪامريڊ فوزيه سينگار نوناري آهن جيڪي هڪ ٻئي سامهون اليڪشن وڙهندي به هڪ ئي ٿالهيءَ ۾ چانور کائي رواداري، جمهوريت ۽ پنهنجائپ جو احساس ڏئي رهيا آهن ڪاش اهڙي رواداري ۽ پنهنجائپ سموري سنڌ ۾ ماڻهو سمجهي سگهن. (محسن رند جي فيس بوڪ وال تان ورتل)