اشو آف دي ڊي … مٽياري ۽ نوشهرو فيروز بعد ڪهڙي ڊي سي جو وارو آهي؟ سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
166

 مٽياري کانپوءِ ڊي سي نوشهرو فيروز پاران به موٽروي جا پئسا هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ سرڪار پاران کيس روپوش قرار ڏئي معطل ڪيو ويو آهي، ان معاملي سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا ڪيا ويا، مختلف ڊي سيز جي نشاندهي ڪئي وئي ته انهن جو به وارو اچڻو آهي. ان حوالي سان حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل.. ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز تاشفين عالم دبئي فرار ٿي ويو، جنهن تي مخدوم شمس، شمشير گاڏهي، جبار لغاري، عمران لغاري به ردعمل ڏنو، سنڌو نواز گهانگهرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊي سي نوشھروفيروز ڪرپشن بعد فرار، ڪنڊيارو جا ڪرپٽ پ پ ايم پي اي ھاڻي تنھنجي شاھي گھڻو وقت نه ھلندي، جمعي ڏينھن تنھنجي گھر اڳيان ڪارا توا ٽنگيا ويندا. عرفان عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مٽياري کانپوء نوشهروفيروز جو ڊي سي فرار، ڪرپشن جي ڪُنڊلي ۾ سڀني هٿ صاف ڪيا آهن ڊي سي گهوٽڪي به ريڊار تي.

                         جنهن تي حبيب سنڌي لکيو ته سڀني ضلعن جا ڊي سي ريڊار تي آهن ـ اڃان لاڙڪاڻو ته ڏسجو، احمد بلوچ لکيو ته ڊي سي ڪشمور جو به جاچ ٿيڻ گھرجي 20 سالن کان ڪشمور جو بجٽ ھڙپ ڪري پيو، زيب کوسو لکيو ته ڊي سي ڄامشوري جو الائي ڪڏهن وارو ايندو، سردار فراز کيمٽيو، ملڪ محمد خان، رسول بخش لاڙ، همسفر به ردعمل ڏنو، شاهنواز خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لڳي ٿو ته موٽروي ڪرپشن ڪيس ڦيرائي سيرائي اڳوڻي وفاقي وزير جي ڪنڌ ۾ هڻندا. مٽياري ڪرپشن مان ته مخدومن حصو وصول ڪيو پر نوشهروفيروز مان ڪنهن ڪيو ، جنهن تي مريد حسين لکيو ته مون کي به ايئن لڳي ٿو،

علي ڪيريو لکيو ته ڪرپشن ڪن عدنان، تاشفين عالم جيڪي مراد شاهه جي ماتحت آهن پئسا نڪتا گذريل مهيني ته ذميوار اهي آهن، مبين مگسي پوسٽ شيئر ڪئي ته ڊي سي مٽياري کان پوءِ ڊي سي نوشھروفيروز به ويو، ڏيو خبر حيدرآباد ۾ سڀ خير آهي؟جنهن تي انيل ڪمار مڪواڻو لکيو ته عمرڪوٽ جو اڳوڻو ڊي سي اچي پيو لسٽ ۾.مختيار برفت لکيو ته حيدرآباد ٽاپ تي اٿو، يار محمد نظاماڻي لکيو ته بچيل هڪ به ڊي سي نه هوندو.