اشو آف دي ڊي … ممتاز مولائي عزت نه کڻي سگهيو، سوشل ميڊيا تي مٿس شديد تنقيد، معافي وٺي جان ڇڏائي

0
268

 هم سنڌ ۾ رهني والي سنڌي مهمان نواز هين ساري ڪلام سان مقبوليت ماڻيندڙ راڳي ممتاز مولائي تي سوشل ميڊيا تي شديد تنقيد ٿي رهي آهي، ممتاز مولائي هڪ نجي ٽي وي پروگرام ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا گانا ڪجهه اهڙا ڳائيندا آهن اهي نفرت پکيڙيندا آهن آئون الحمدالله پاڪستاني آهيان پاڪستان سان پيار ڪندو آهيان اردو اسان جي قومي ٻولي آهي ان ڪري مون سوچيو ته اهڙو گانو رکان جيڪو سڀني کي هڪ ڪري ڇڏي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي ، ممتاز مولائي جي اهڙي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي تنقيد جو شڪار ٿي ويو آهي سوشل ميڊيا تي اڪثر ماڻهو چئي رهيا آهن سنڌي ٻولي اسان جي قومي ٻولي آهي سنڌ ڌرتي جي ٻولي جي ڪري ئي ممتاز مولائي کي جيڪو مانُ ۽ مرتبو مليو شايد ان لائق نه هو، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته اردو تنهنجي قومي ٻولي آهي پر اسان جي سنڌي ٻولي توکي عزت شهرت دولت سان گڏ بنگلا ۽ گاڏيون ڏياريون آهن پر اڄ تون ان ٻولي کان انڪار ڪري رهيو آهين، سوشل ميڊيا تي ممتاز مولائي لاءِ گٿا لفظ به استعمال ڪيا ويا جنهن کانپوءِ ممتاز مولائي معافي به وٺي ڇڏي آهي. ان حوالي سان سرتاج احمد ترڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وٺوس هاڻي ٻڌوس پڳون جنهن ثقافت کي ڳائي ايڏو مشهور ٿيو ان ئي ٻولي کي چئي ٿو سنڌي ٻولي نفرت ڦهلائيندڙ آهي. چئي ٿو سنڌي فنڪار نفرت ڦهلائيندا آھن، آزاد علي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ممتاز مولائي اهڙا ڪهڙا سنڌي گانا ٻڌا آهن جيڪي نفرت پکيڙيندا آهن ڊاڪٽر تهمينه عباس ڪوري لکيو ته فنڪار ممتاز مولائي سنڌي قوم جي دل ڏکائي آهي، امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھاڻي جاھلن جي گينگ سوشل ميڊيا کي يرغمال ڪري ويٺي آھي. باقي قوم کي به پڙھڻ/ڪڙھڻ کان اڱوٺو آھي ان ڪري  انھن جو قومي نيريٽو به ممتاز مولائي کي ٺاھڻو آھي جو وٺ وٺان ڪئي اٿن غريب پويان. اسان جو  قومي بيانيو به ھاڻي جيڪڏھن ممتاز مولائي جھڙن ماڻھن جي ھٿن ۾ ڏبو ته ائين ئي ٿيندو. فنڪار، فنڪار آھي ان جي ڳالھه کي ايڏو اھميت ڏيڻ جي ضرورت ئي ناھي. جاويد احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته غيرت مند سنڌي قوم کان ممتاز مولائي معافي وٺي ڇڏي، ھاڻي جي سنڌي قوم ڪچي جو رخ ڪري ڌاڙيلن کي ٻڌائي ته سنڌجا معصوم ننڌڻڪا ناهن روز اغوا ڪري ٻيلن ۾ رکيو وڃي ٿو ، مير مرتضيٰ چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته جنهن کي سنڌ ۽ سنڌي قومي ٻولي سان نفرت آهي مونکي ان جي نسل کان نفرت آھي، علي گل ڏيٿو لکيو ته ڪنھن ڪنھن ماڻهوءَ کي گهڻي عزت هضم ناهي ٿيندي جيئن ممتاز مولائي سڄي ڪئي ڪمائي وڃائي ويهي رهيو، ظفر هڪڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان الائي ڇو هر ماڻهو مان ايتري اميد رکندا آهيون جو ڄڻ سڄي دنيا جا مسئلا اهو حل ڪندو. ممتاز مولائي ھيٺين طبقي جو غريب ماڻهو جنهن زندگي ۾ اردو نه ڳالهايو اهو ماڻهو  اردو ٽي وي چينلن جي اسٽوڊيو ۾ ويهي ڪا ڳالھه ڪري ٿو ۽ ان ڳالھ کي هو پاڻ ئي نه ٿو سمجهي سگهي ته ڇا ٿو ڳالهائي. پوءِ ڇڏيوس ويچاري مولائي کي جيڪو ٿيو ئي مولائي ته اوهان ان مان ڪا انقلاب جي اميد ڇو ٿا رکو، جنهن تي سنڌو نواز لکيو ته سنڌي قوم مان ڪمائڻ اچي ٿو باقي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، خالد چنا لکيو ته اهڙا ماڻهو ٻڌل چڱا آهن، اعجاز مري لکيو ته کائي سنڌ ۾ نالو سنڌ ۾ جڏهن اردو ميڊيا ۾ ڪنهن اينڪر انٽرويو ڇا ورتو گاڏي ۾ ويٺو ته چوڻ لڳو سنڌي فنڪار نفرت پکيڙن ٿا. ذوالفقار ڀٽي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي فنڪارن کي نفرت ڦهلائيندڙ چوڻ تمام وڏي منافقي آهي. سنڌ جا فنڪار محبت، پيار ۽ ڀائيچاري جو درس ڏين ٿا، نظر پياسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نڌ ڌرتي جي ٻوليءَ جي ڪري مولائي کي جيڪو مانُ مرتبو مليو آھي شايد ھو ان جي لائق نه هو ، ھن جو ٽٽل لھجي م اردو زبان تي گيت ڇا مشھور ٿيو ھن پنھنجي اصليت  وساري ڇڏي آھي. محسن رند لکيو ته ممتاز مولائي به آهستي آهستي ترڪي ڪري پيو لڳي ٿو اسانجي عزت راس نه آيس، انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جو سنڌي ٻولي جو نه قائل هجي منهنجي سنڌي ٻولي نه مائل هجي تنهن سان ڀلا ڪهڙو منهنجو ناتو هتي، تنهن کي چئو منهنجي نگري مان نڪري وڃي، ظهور ميمڻ لکيو ته ممتاز مولائي سنڌي قومي کان معافي وٺي ڇڏي.خالد هاشمي به ممتاز مولائي جي معافي واري وڊيو شيئر ڪئي، دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هر شعبي جي پنهنجي ڪيفيت ٿئي ٿي، فنڪار کي وري واهه واهه وڻندي آهي سو ممتاز مولائي سمجهو ته عورت اينڪر آڏو اهڙي ڳالھه ڪندس جو هو واھه واھه ڪندي، پر کيس خبر نه هئي شايد ماروئڙا جهانگيئرا ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيندس، سو آخرڪار معافي ورتي اٿس، بدهضمي جي ڏينهن ۾ هاجمولا ضروري هوندو آهي سوشل ميڊيا واري هاجمولا پنهنجو ڪم ڏيکاريو.. جنهن تي لال محمد چانڊيو لکيو ته اوهان صحيح ٿا چئو، رياض احمد لکيو ته اسان کي ته هن قوم جي مقدر تي افسوس ٿو ٿئي جتي ممتاز چانڊئي جهڙا جڳاڙي به فنڪار ٿي وڃن پوءِ ڇونه نسلن جا نقصان ٿيندا. زبير سومرو لکيو ته اهڙا ٻڌل ڀلا آهن، آصف علي لکيو ته هن ڀائو جي معافي وٺڻ جو انداز به ڏسو جهڙو قوم تي ٿورو ٿو ڪري خير ڇڏيوس هي تمام ننڍڙو ماڻهو آهي ۽ اهڙن کي اگنور ڪيو، محب علي لکيو ته اهڙن لاءِ ٿورو گهڻو کڙڪو ضروري آهي، شاهه بيگ چانڊيو لکيو ته ڀائو جو ساف ويئر اپڊيٽ ٿي ويو، احسان چانڊيو لکيو ته ڀائو اصل انڊيا جا خواب پئي ڏٺا، فقير نواز علي لکيو ته معافي وري ايئن ورتي اٿس جهڙو سنڌي قوم مٿي ٿورو ويو ڪري، راجا ٿهيم لکيو ته باقي لوڪ سارو جيئن چوي، غلام الله چانڊيو، علي محمد وڪو، آفتاب حسين به ردعمل ڏنو، فقير جبل سنڌي لکيو ته ان ۾ ڏوهه توهان ميڊيا وارن جو آهي ماڻهو جي حيثيت ڏسي پوءِ ڳالهرايوس.