اشو آف دي ڊي ليڊي هيلٿ ورڪرز کان اليڪشن ۾ پوليس واري سيڪيورٽي ڊيوٽي ورتي ويندي؟ سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
165
اشو آف دي ڊي ليڊي هيلٿ ورڪرز کان اليڪشن ۾ پوليس واري سيڪيورٽي ڊيوٽي ورتي ويندي؟ سوشل ميڊيا تي ردعمل

 ليڊي هيلٿ ورڪرز جي اليڪشن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار طور ڊيوٽي لڳائڻ واري عمل تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي اهڙي عمل مٿان تنقيد ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪجھه مهينا پهريان ڪنهن اين جي او پاران هيلٿ ورڪرز جي هڪ ٽريننگ ڪرائي وئي هئي، Reproductive health تي، ان ۾ انساني حقن کان وٺي وومن پروٽيڪشن متعلق سڀ موضوع هئا.. ان ۾ چيو ويو هو ته ننڍپڻ جي شادي، فورس ميرج،  ڊوميسٽڪ وائيلنس ڪيس هجن اهي شيئر به ڪيو ۽ آگاهي به ڏيو  جيڪا بهترين ڳالھه آھي. پر ٽرينگ جي آخري ڏينهن تي هڪ آفيسر چيو هو ته هيلٿ ورڪرز پنهنجو ڪم صحيح نه پيون ڪن، گهٽ پڙهيل آهن انهن کي پنهنجي جاب ڊسڪرپشن جي خبر ناهي. ته انهن جا ڪهڙا ڪهڙا ڪم آهن…. هڪ هيلٿ ورڪر  نه صرف پنهنجي ذمي آيل ڪم ڪري پر اين جي اوز طرفان مڙهيل به ڪم ڪري، ايڪسٽرا ڊيوٽيون ڪري سخت گرمي، برساتن ۾ به   14 کان 15 ڏينهن  ارڙي کان وٺي ٽي بي پروگرام ڪيمپن ۾ ڪم به ڪري. پر اجورو……؟؟؟ اها گهٽ پڙهيل هيلٿ ورڪر  اونهاري ۾ 54 سينٽي گريڊ گرمي ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا گهر گهر وڃي پياري،  ڪووڊ ۾ در در وڃي ويڪسين ڪري ماڻهن جون گاريون برداشت ڪري….روٽين جو ڪم ڪري ٻارن جي حفاظتي ٽڪن جو ڪم ڪري، صرف اهو نه پر  ان گهٽ پڙهيل هليٿ ورڪرز کان اليڪشن ڊيوٽيون به  وٺن. ايز اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر / پولنگ آفيسر. پر هن ڀيري ته هن بلدياتي اليڪشن ۾ سيڪيورٽي جو ڪم به هن  گهٽ پڙهيل هيلٿ ورڪرز کان بنا معاوضي جي ورتو ويندو..

هيلٿ ورڪر پنهنجي جاب ڊسڪرپشن کان بلڪل واقف آهي پر جيڪا  توهان وٽ ٽرمينيشن جو اختيار آهي ان جي ڪري هو خوفزده ٿئي ٿي ته  ٻچن جي روزي جي ڪري انڪار نٿي ڪري سگهي.. سيڪيورٽي جي معاملن کان انٽرينڊ هيلٿ ورڪر توهان لاءِ سيڪيورٽي جي ڊيوٽي به ڏيندي  پر جيڪڏهن ڪو اڻوڻندڙ واقعو ٿيو ته ان جو ذميوار ڪير هوندو….؟؟؟ پوليس ڊپارٽمينٽ، هيلٿ ڊپارٽمينٽ، اليڪشن ڪميشن، يا ضلعي کي هلائيندڙ آفيسر؟ زرقه امبر لکيو ته اسان وٽ اين جي او وارن صرف تنقيد ڪرڻ سکي آهي، اصل ڪم جي خبر ناهي، جبار سومرو لکيو ته ان آفيسر کي به اهڙي ٽريننگ جي ضرورت آهي، فيلڊ ورڪ ڪرايوس ها، اي بي راٺوڙ لکيو ته اها نا انصافي آهي، نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز سان وڏي ويڌن آهي. ننڌڻڪي مخلوق ھٿ آئي اٿن. سدائين نوڪريءَ مان ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏئي، ڏکين ايرياز ۾، ڏکين حالتن ۾ بنا ڪنھن سھولت جي ھر ايڪسٽرا ڊيوٽي انهن کان وٺڻ معمول بڻيل آهي ۽ وري انهن کي گهربل عزت به ناھي ڏني ويندي. گذريل بلدياتي اليڪشن جي تلخ تجربن باوجود ھاڻوڪي بلدياتي اليڪشن ۾ پڻ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پولنگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جي رسڪي ڊيوٽي تي مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ ڊيوٽي دوران اسان جي ضلعي جي ھڪ ليڊي هيلٿ ورڪر پولنگ اسٽيشن تي تڙپي تڙپي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو ھو.

ان سان ڪھڙو انصاف ٿيو ھو؟ ھن ڀيري ته حد ڪئي وئي آهي. ليڊي هيلٿ ورڪرز کان پوليس جي سيڪيورٽي واري ڊيوٽي ورتي پئي وڃي. ليڊيز ووٽرن جي تلاشي وٺڻ انهن جي ڊيوٽي ۾ شامل ھوندو. سوال آهي ته ڇا ليڊيز ووٽرن جي روپ ۾ ڪي دھشتگرد مايون ميدان تي لٿل آهن ڇا؟ جن جي اڳيان ليڊي هيلٿ ورڪرز کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي پيش ڪبو؟ يا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پوليس يا آرميءَ جي ٽريننگ مليل آهي؟ ليڊي هيلٿ ورڪرز لاءِ باقي ھڪ ڪم رھيل آھي. اھو ڪم آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز کي حڪم جاري ڪيو وڃي ته وڃو، وڃي ڪشمير فتح ڪري اچو. جن ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پاڻ کي سيڪيورٽي جي ضرورت ھوندي آھي، انهن کان پولنگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جي ڊيوٽي وٺڻ ڪيئن درست ڪم ھوندو؟ ڪٿي ڪا گڙٻڙ ٿي پوي ته ان لاءِ ذميواري ڪنھن جي ھوندي؟ نياڻين کان رسڪي ڊيوٽي وٺڻ ئي درست ناهي، مٿان وري اھڙي ڊيوٽي به مفت ۾ ورتي پئي وڃي جنهن تي حسيب ايم لکيو ته ان مامري تي عدالت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، مير ارشاد سومرو لکيو ته هيلٿ ورڪرز جي سختي جي دانهن نه پر ڊيوٽي جو معاوضو گهريو آهي، ڊي سي ڏانهن ڪيل پوسٽ مان ته اهو ظاهر ٿئي ٿو،

اخلاق احمد صديقي لکيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز سان انصاف ڪيو وڃي. جاويد علي لکيو ته اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، بخت علي لکيو ته افسوسناڪ عمل آهي. نصيب احمد، خالد حسين سولنگي ۽ ٻين به ان مامري تي پوسٽون شيئر ڪيون.  مير ڪيريو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اطلاع آھن ليڊي هيلٿ ورڪرز کان اليڪشن دوران سيڪيورٽي جو ڪم به ورتو ويندو پر کين اجورو ذرو به نه ملندو. دنيا جون سڌريل رياستون هيلٿ ورڪرز کي سهولتون ڏينديون آھن ته جيئن اهي سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي روزگار به ڪن پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز سان وڏو ظُلم آھي، سخت گرمي توڙي سياري ۾ جهرجهنگ ۽ برپٽن ۾ چند ڏوڪڙن خاطر هي اڪثر ڳوٺ جون ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجا فرض سرانجام ڏينديون آھن پر حڪومت کين سهولتون ڏيڻ بجاءِ اجرت کان بغير ٻيا به ڪم وٺندي رهي ٿي، اليڪشن دوران سيڪيورٽي جي ڊيوٽي ڏيڻ ڇا هنن نياڻين جو ڪم آھي؟ جيڪي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجو فرض به پورو ڪن ۽ وري اليڪشن دوران ڊيوٽي به ڏين؟؟ ساڃاھه وندن کي گذارش آھي ته حڪومت جي اهڙي غيرانساني عمل خلاف آواز اٿاريو. ڪمار روشن، الطاف حسين ميمڻ، ايم يوسف، رئيس زين ۽ ٻين ان تي افسوس جو اظهار ڪيو.