اشو آف دي ڊي فردوس عاشق قادر مندوخيل کي چماٽ وهائي ڪڍي: سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا

0
220

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ ۽ پ پ اڳواڻ قادر مندوخيل ۾ جهيڙي بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، جهيڙي واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن تي دلچسپ تبصرا به ٿي رهيا آهن. ڪجهه ماڻهن ان جهيڙي جي مذمت ڪئي آهي ته ڪجهه ماڻهن وري طنزيه تبصرا ڪيا ۽ ميمز به ٺاهيا. نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ ڳالهه بجلي جي کوٽ کان شروع ٿيندي ٽرين حادثي تائين وڃي پهتي ۽ ڪرپشن تي وڃي ختم ٿي، قادر خان مندوخيل فردوس عاشق کي ڪرپٽ قرار ڏيندي چيو ته اوهان کان ان ڪري وزارت واپس ورتي وئي هئي، جنهن تي فردوس عاشق اعواڻ ڪاوڙجي پئي، ٻنهي ۾منهن ماري ٿي، گارگند ٿي، فردوس عاشق اعواڻ قادر خان مندوخيل کي ڳچيءَ کان پڪڙيو ۽ چماٽ وهائي ڪڍي. اهڙي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ولي ناريجو لکيو ته ابا ڏيو منهن هي اٿوَ مديني جي رياست ۽ نئون پاڪستان، ‏فردوس عاشق اعواڻ ڊاڪٽر قادر خان مندوخيل کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي. ذوالفقار علي لکيو ته فردوس کي جيل ۾ وجهو، صدام ساگر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سياسي گرمي پد، وقار علي خان لکيو ته پاڪستان ۾ گرمي وڌي وئي جنهن جو مثال هي تصوير آهي، هيٽ ويو آهي، رزاق بجير لکيو ته ڇو انهن جي پويان پيا آهيو، ذوالفقار قادري جهيڙي واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته فردوس عاشق اعواڻ جو جاويد چوڌري جي پروگرام ۾ پ پ ايم اين اي قادر مندوخيل سان جهيڙو ٿي پيو، رياض ڪالادي لکيو ته ان جي مذمت ڪجي ٿي، ڊاڪٽر خليق لکيو ته جاويد چوڌري صورتحال جو مزو وٺي رهيو آهي، زاهد جانوري افسوس جو اظهار ڪيو، سعيد ميمڻ لکيو ته مفادن جي جنگ آهي، ڪڏهن پ پ ۾ ته ڪڏهن پي ٽي آءِ ۾ ته ڪڏهن وري ٻي پارٽي ۾، رياض افضل لکيو ته هي دنيا کي پيغام ڏئي رهيا آهن فردوس عاشق کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها، ڊاڪٽر عبدالله ڀنگوار لکيو ته پي ٽي آءِ پنجاب جي صوبائي صلاحڪار فردوس عاشق پاران پ پ سنڌ جي چونڊيل ايم اين اي قادر مندوخيل کي چنبو هڻڻ تي خوشي جو اظهار ڪجي ٿو، فاروق رضا لاکو لکيو ته اها گندي سياست آهي، جنيد احمد لکيو ته اهو پروگرام مشهور ٿي ويو باقي بعد ۾ سکنداسين، زاهد ڀٽو لکيو ته اخلاقيات ۽ تربيت تي افسوس ٿيو، ذوالفقار سولنگي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته رياست مدينه، جنهن تي ولي محمد لکيو ته ايئن نه لکڻ گهرجي، گهنشام ميگهواڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پ پ جو قادر مندوخيل فردوس عاشق هٿان ٿڦڙ وصول ڪري رهيو آهي، عثمان سرفراز لکيو ته سڄو ڏوهه شو جي ميزبان جو آهي ڇو ته هو ڏسي رهيو هو ته جهيڙو ٿيڻ وارو آهي پوءِ به خاموش رهيو، نسيم زهرا لکيو ته اها سئو سيڪڙو اينڪر جي زميواري آهي ته معاملو ان سطح تائين پهچڻ نه ڏئي، چينل ۽ ٽيم چاهيندي آهي ته شو جي ريٽنگ سٺي ٿئي، اڪثر چيو ويندو آهي ته ٿورو هلڻ ڏيو، پر ريٽنگ لاءِ ايئن نٿو ڪري سگهجي، وقاص فردوس عاشق جي باڪسنگ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ڪيئن شروعات ٿي ۽ ڪيئن عمل ٿيو، حمزا اظهر فردوس عاشق کي هيوي ويٽ چيمپئن قرار ڏنو، سميتا افضل لکيو ته فردوس جي پهرين نشانو سرڪاري ملاز سونيا بڻي ۽ هاڻي پ پ ايم اين اي نشانو بڻيو ايندڙ وارو ڪنهن جو آهي؟.