اشو آف دي ڊي غزه لاءِ احتجاج ڪندڙن بابت تنقيدي رپورٽنگ: سوشل ميڊيا جو ردعمل

0
390

هتي سليولس پهريو ويو آهي،سائونڊ سسٽم لڳائي ڊانس ڪئي پئي وڃي، هتي گجرا خريد وڪرو ٿي رهيا آهن، هتي ڪلپ ٺاهيون پيون وڃن، ڪنڊن ۾ ويهي اهي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن جيڪي شايد فون ڪالز تي به ناهن ڪيون وينديون، احتجاج ڪريو، گڏوگڏ اهي ڳالهيون ڪريو جيڪي رهجي ويون آهن. اهي لفظ آهن هڪ نجي يوٽيوب چينل جي عورت رپورٽر جا، جيڪا فلسطين جي حق ۾ نڪرندڙ ريلي جي ڪوريج ڪرڻ آئي هئي، تازو ئي لاهور ۾ فلسطين اسرائيل تڪرار جي سلسلي ۾ فلسطين جي حق ۾ ٿيل احتجاج جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ان وڊيو ۾ رپورٽر احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن جي ڪپڙن کان وٺي اخلاقيات ۽ پلي ڪارڊز سان سيلفيون ڪڍڻ وارو عمل بيان ڪندي عورتن جي فيمنسٽ هجڻ جو اندازو لڳائيندي تبصرو ڪندي نظر اچي ٿي. احتجاج ۾ شامل شازمين پاڻ کي ۽ پنهنجي سهيلي کي وائرل وڊيو ۾ ڏٺو جتي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته گجرا خريد ڪيا پيا وڃن، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شازمين لکيو ته هن منهنجي ۽ منهنجي سهيلي جي گجرا خريد ڪندي وڊيو ٺاهي ۽ چوي ٿي ته اهو غير اسلامي آهي، ڇوڪرين جي اجازت بنا انهن جي وڊيو ٺاهڻ ۽ ان جي اخلاقيات تي تنقيد ڪرڻ وڌيڪ غير اسلامي آهي. شازمين لکيو ته هن جي دوست ته غزه حملن ۾ شهيدن ٿيندڙن جي يادگار تي چاڙهڻ لاءِ ايمانداري سان روزي روٽي ڪمائيندڙ عورت کان گجرا خريد ڪيا، اوهان انهن ماڻهن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ ۽ شرم ڏيارڻ آيا آهيو جن اوهان کي اجازت ئي ناهي ڏني ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي. شازمين جي سهيلي جو چوڻ هو ته ڌرڻي ۾ فسلطين ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ وياسين، ماڻهن مون کي ٻڌايو ته ڪهڙا ادارا فلسطين جي مدد ڪري رهيا آهن، گهر اچي وڊيو ڏٺي ته احتجاج ۾ شامل عورتن جي ڪپڙن وغيرا تي ڳالهائي انهن کي شرمسار ڪيو پيو وڃي، هڪ رپورٽر پاڻ ئي سڀ ڪجهه طئي ڪري ورتو، گل خريدڻ به ڏوهه ٿي ويو، عورت رپورٽر هر موضوع تي ڳالهايو پر اها ڳالهه ئي نه ڪئي جنهن لاءِ اسان گڏ ٿيا هئاسين.شازمين جي ٽوئيٽ تي ڪافي ردعمل ڏسڻ ۾ آيو، جتي ڪجهه ماڻهن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڪجهه وري طنز ۽ مزاح جو سهارو ورتو، عورت رپورٽر مٿان تنقيد پڻ ڪئي وئي.