اشو آف دي ڊي … عورتن لاءِ الڳ بسون هلنديون: سوشل ميڊيا تي بحث: ساراهه، تنقيد ۽ دلچسپ تبصرا

0
213

 عورتن لاءِ خصوصي بس سروس شروع ڪرڻ جي اعلان بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، جتي ان ڪم جي ساراهه ڪئي وئي اتي وري دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا، عورتن لاءِ ڪراچي وانگر سڄي سنڌ ۾ بس سروس شروع ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو. امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حيدرآباد عورت آزادي مارچ پاران گذريل 3 سالن کان پنهنجي مطالبن ۾ شهر ۾ عورتن لاءِ الڳ ٽرانسپورٽ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، هن سال وزيراعليٰ سنڌ کي خط به لکيو ويو، پر آئون حيران آهيان ته جڏهن اعلان ٿيو ته صرف ڪراچي شهر وارن لاءِ ٿيو، هن کي ڪير ٻڌائي ته اوهان حيدرآباد جا به وزيراعليٰ آهيو، حيدرآباد به سنڌ جو حصو آهي. جنهن تي حسين مسرت لکيو ته هن ڀيري عورت مارچ کان اڳ وزيراعليٰ سان ملاقات ڪري کيس ٻڌائينداسين ته عورتن لاءِ الڳ بس سروس جو مطالبو اسان ڪيو هو. بختاور ڄام لکيو ته هي به هڪ مطالبو هو جنهن تي ممڻ مچايو ويو هو، مراد پندراڻي لکيو ته سنڌ سرڪار سٺو قدم کنيو آهي، مهناز رحمان لکيو ته سستي ۽ محفوظ ٽرانسپورٽ هر عورت جي ضرورت آهي. انيلا ناز سومرو لکيو ته حيدرآباد ۾ به عورتن لاءِ بس سروس جي ضرورت آهي، خالد راڄپر لکيو ته اميد ته وزيراعليٰ سنڌ ڪراچيءَ جيان حيدرآباد ۾ به عورتن لاءِ الڳ بس سروس جو اعلان ڪندو ۽ ان تي عمل به ڪندو.سڄڻ ميگهواڙ لکيو ته مطالبو صحيح آهي ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد جو وارو ايندو، نجمه ريحانه لکيو ته اوهان جي ڳالهه سان اتفاق ڪجي ٿو، فزو بلوچ لکيو ته رڳو ڪراچي ۾ ئي ڇو اها سروس پوري سنڌ ۾ هلڻ گهرجي،نياز احمد لکيو ته پوري سنڌ ۾ اها سروس هلڻ گهرجي، ساجده ميمڻ لکيو ته پنڪ بس سروس سنڌ جي عورت جو پهريون حق ۽ مطالبو آهي، رڳو ڪراچي نه پر حيدرآباد ۾ به سروس هجي، آمنه ابڙو لکيو ته ڪراچي وارين لاءِ ته ڏاڍي سٺي خبر آهي الله حيدرآبد وارين جي به نيٺ ٻڌندو، رخسانه پريت به اهڙي مطالبي جي حمايت ڪئي، نوشين علي، محمد حسين خان، امداد چانڊيو به ردعمل ڏنو،جاويد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽرانسپورٽ کاتو سنڌ پاران پهرين بس سروس صرف عورتن لاءِ شروع ڪئي پئي وڃي، پهرين فيبروري کان پنڪ بسون ڪراچي ۾ هلڻ شروع ٿي وينديون، مومل پنهور پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ حڪومت جو پهريون قدم آهي جيڪو سٺو لڳو، ورڪنگ وومين لاءِ هي انتهائي سٺو قدم آهي، مردن کي شايد اها ڳالهه سٺي نه لڳي ڇو ته انهن کي بس ۾ سفر دوران عورتن تي تبصرا ڪرڻ جو موقعو نه ملندو، پنڪ بسن ۾ ڊرائيور به عورتون رکيون وڃن. جنهن تي زاهد لکيو ته ڊرائيور عورتون هجن، مڪينڪ به عورتون هجن، بسن کي رنگين شيشا هجن ته نه مرد عورتن کي ڏسن نه ئي عورتون مردن کي ڏسن اهو ته قانون فطرت جي ئي ابتر آهي.سهيل سنڌي لکيو ته مهانگائي آهي، مرد برقعا پائي بس ۾ ويهي رهندا، همٿ علي خاصخيلي لکيو ته مطلب مرد هاڻي اکيون ٿڌيون به نه ڪن، ايم پريل ابڙو لکيو ته پنج ئي آڱريون برابر ناهن ضروري ته سڀ مرد عورتن کي ڏسندا هجن، احمد ڪوهستاني لکيو ته سنڌ حڪومت ۾ ايتري اهليت ئي ناهي جو سال کان وڌيڪ بسون هلن، حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي هونئن ته برابري جو مطالبو ڪنديون آهن ٻئي طرف انهن کي هر ڪم ۾ خصوصي ڪوٽا به گهرجي، نوڪرين ۾ خاص ڪوٽا، تعليم ۾ خاص ڪوٽا، بسن ۾، پروگرامن ۾، پارليامينٽ ۾ خصوصي سيٽون، هاڻ الڳ خصوصي بسون…. جنهن تي اشتياق احمد لکيو ته ڪراچي کانسواءِ سنڌ جو ٻيو شهر نظر نٿو اچي، مجيب بلوچ، عاقب جان، نواب ياسر لاکو، ضياءُالرحمان به ردعمل ڏنو. اسد درازي به پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۾ عورتن کي جديد سفري سھولتون ڏيڻ لاءِ گلابي بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.جنهن تي ڪاڇيلو عبدالغفار، رحمت راڄپر، فوزيه سيال به ردعمل ڏنو. مشتاق ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ حڪومت جو بھترين قدم، ڪراچي ۾ عورتن لاءِ خاص  گلابي رنگ جي الڳ  پيپلز پنڪ بس سروس شروع ڪئي وئي آھي، جيڪو انتھائي بھترين قدم آھي، سڄي سنڌ ۾ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ مافيا جو راڄ آھي سنڌ سرڪار کي سرڪاري سستي ڪرائي تي بس سروس شروع ڪرڻ کپي عوام کي سستي سفري سھولت مھيا ٿيندي، عبدالخالق لکيو ته بس کي غريب ماڻهو ڇا ڪندا، اٽي جو ريٽ ڪيترو آهي، سنڌي ساگر لکيو ته اهو به سٺو ٿيو، آصف نهڙي لکيو ته اٽو ملي نٿو باقي بس جا ناٽڪ آهن،  باغي تنها، محمد حسين سمون، ارشد غلام ڪنڀر، شهريار قربان راهمون، نواز موسيٰ بلالاڻي، عيدل سمون، منٺار آريسر به ردعمل ڏنو. ابڙو سعيد احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏ڪراچي ۾ عورتن لاءِ مخصوص بس سروس آڻڻ جو فيصلو، ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس دوران پنڪ(گلابي) پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو، آغا نعيم اڪبر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي اهم اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عورتن لاءِ مخصوص گلابي پيپلز بس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس دوران پنڪ(گلابي) پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هن سروس سان ملازمت سان سلهاڙيل عورتن کي فائدو ٿيندو، گلابي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو مقصد خاص طور تي نوڪري ڪندڙ عورتن کي سفري سهولت ڏيڻ لاءِ آهي، پهرين فيبروري کان گلابي پيپلز  بس سروس جو آغاز ڪيو ويندو، گلابي پيپلز بس سروس ماڊل ڪالوني، شاهراهه فيصل، ٽاور جي روٽس تي هلائي ويندي، امتياز عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي جي عورتن جا ٺٺ ٿي ويا حڪومت گلابي بسون آڻي ڇڏيون، جنهن تي غلام نبي کوسو لکيو ته گرين ائين بس، وائيٽ لائين بس رڳو ڪراچي کي پيا ڏين سنڌ جا ٻيا شھر نه آهن ڇا ؟ ڀلا سنڌ حڪومت ڪراچي وارن کي فائدا ٿي  ڏي لاڙڪاڻو حيرآباد سکر شھر نه آهن ڇا سنڌ جا ؟ نصير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ عورتن لاءِ خصوصي بسن جي شروعات هڪ سٺو قدم آهي سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن تائين اها سهولت پهچائي وڃي، پڙهندڙ ۽ ڪم ڪندڙ عورتن کي اهڙي سهولت فراهم ڪرڻ سان صنفي امتياز ۾ بتدريج گهٽتائي ايندي ۽ عورتون اڳتي وڌنديون.