اشو آف دي ڊي … عمران هاڻ سمورين 272 سيٽن تي اڪيلو پاڻ بيهندو: ضمني چونڊن تي تبصرا

0
233

 ضمني چونڊن ۾ عمران خان 6 سيٽون کٽي ويو، ٻه سيٽون هارائي ويو، عمران کي فائدو ٿيو يا نقصان، ٻين پارٽين جي ڇا صورتحال واضح ٿي، سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا ڪيا ويا، شاهد خاقان عباسي لکيو ته جهالت کٽي وئي، ثناءَ بچا لکيو ته جڏهن کٽندو عمران خان، ويهڻ لاءِ گهرندو نئين پارليامينٽ، حنا پرويز بٽ لکيو ته پ پ کي ملير جي سيٽ کٽڻ ۽ عمران نيازي کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ تي کوڙ ساريون مبارڪون هجن، پهرين پارٽي آهي پي ٽي آءِ جيڪا پنهنجون ٻه سيٽون هارائي به خوشي ملهائي رهي آهي، ڪامران خان لکيو ته ثابت ٿي ويو ته قوم عمران خان سان گڏ آهي شهباز حڪومت پاران چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ کي فوري ڳالهين جي دعوت نه ڏيڻ اليڪشن جي مطالبي سان ٽڪرائڻ هڪ ڀيانڪ صورتحال کي جنم ڏيندو عمران خان لانگ مارچ جي ڪال ڏيندو رياستي قوت هاڻ هن طوفان کي ڪنهن صورت روڪي نه سگهندي. حسن ايوب خان لکيو ته عمران خان 7 سيٽون پاڻ وٽ نٿو رکي سگهي، ڇو ته هو جلد نا اهل ٿي ويندو ۽ ان بعد گذريل ڏينهن کٽيل 6 سيٽن سوڌو ميانوالي واري ستين سيٽ تي به ضمني چونڊ ٿيندي.ڪرشمنا ڪماري لکيو ته ڪپتان هارائي ويو اهو به هڪ جيالي کان، حامد مير لکيو ته جي ها عمران خان ته قومي اسيمبلي جي 6تڪن تي کٽي ويو پر ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف جا 2 ووٽ وڌي ويا، تحريڪ انصاف پنهنجون سيٽون هارائي شهباز شريف کي سگهه بخشي، اقرار الحسن لکيو ته ضمني چونڊن بي شڪ عمران خان جي مقبوليت تي هڪ ڀيرو ٻيهر مهر لڳائي ڇڏي پر سياسي لحاظ کان پي ٽي آءِ کي ان جو گهڻو فائدو ٿيندي نظر نٿو اچي، ضمني چونڊ ۾ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جون ٻه سيٽون گهٽ ٿي وينديون ۽ جنرل اليڪشن ۾ سيٽون وڌي وينديون. فاروق سومرو لکيو ته عمران نيازي پنهنجون کٽيل سيٽون هارائي ويو، شيخ رشيد لکيو ته عمران خان جي 8 مان 6 سيٽن تي کٽڻ عالمي رڪارڊ آهي، عامر غوري لکيو ته ضمني چونڊن ۾ عمران خان زبردست ڪاميابي بعد پارٽي ايندڙ عام چونڊن لاءِ حڪمت عملي طئي ڪري ورتي، 272 سيٽن تي انشاءَالله عمران خان پاڻ اليڪشن وڙهندو ۽ کٽندو، پوءِ برقعو پائي عورتن جي مخصوص سيٽن ۽ اقليتي سيٽن تي به چونڊجي اڪيلو ئي پارليامينٽ ۾ ويهندو. شمع جوڻيجو لکيو ته اصل خبر ته اها آهي ته علي موسيٰ گيلاني ۽ حڪيم بلوچ کٽي ويو،نديم افضل چن لکيو ته ضمني چونڊ ۾ پ پ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٻئي سيٽون کٽي پ پ مخالفن کي ماري ڇڏيو، شهباز گل لکيو ته عابد شير علي پنهنجي جي پولنگ اسٽيشن هارائي ويو رانا ثناءُ به گهر جي پولنگ هارائي ويو،  ريحام خان لکيو ته عام ماڻهو جي حق لاءِ اهو ڪهڙو آواز اٿاريندو جيڪو قومي اسيمبلي جي 8 تڪن ۾ ڪنهن هڪ عام ماڻهو کي ان قابل نٿو سمجهي ته پنهنجي پارٽي جي ٽڪيٽ ڏئي. غريده فاروقي لکيو ته ملتان واري تڪ تي علي موسيٰ گيلاني جي ڪاميابي واضح هئي، شاهه محمود قريشي جي ڌيءُ مهربانو قريشي کي پاڻ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سپورٽ نه ڪئي، سيد حماد غزنوي لکيو ته تاريخ لکندي ته عمران خان جڏهن پنهنجي مقبوليت جي عروج تي هو ته عبدالحڪيم بلوچ نالي شخص کيس شڪست ڏني هئي. امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خان صرف انھن صوبن ۾ کٽيو جتي پي ٽي آئي جي حڪومت آهي، جنهن تي صائمه وهاب لکيو ته ڪورنگي تي عمران خان کٽيو آهي، ستارا تنيو لکيو ته عمران خان پيپلزپارٽي کان ھارائي ويو. ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي پوسٽ شيئر ڪئي ته پي ٽي آ۽ جڏھن اسيمبلين ۾ وڃڻ ئي نٿي چاھي تہ اليڪشن وڙھڻ جو فائدو…جنهن تي جبار آزاد منگي لکيو ته وقت وڃائڻو آهي، رحمت الله ماڃوٺي لکيو ته ٻين کي به وڃڻ کان روڪڻ لاءِ، اسحاق پلهه لکيو ته هي امپورٽيڊ ۽ سليڪٽيڊ جي وچ ۾ عوامي مقبوليت جو هڪ پئمانو آهي .