اشو آف دي ڊي عمران خان جو مريم نواز بابت بيان: سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
263
اشو آف دي ڊي عمران خان جو مريم نواز بابت بيان: سوشل ميڊيا تي ردعمل

  عمران خان پاران مريم نواز بابت بيان ڏيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي عمران خان مٿان تنقيد شروع ٿي وئي ۽ سندس بيان جي  مذمت ڪئي وئي، اتي وري عمران جي بيان جو دفاع به ڪيو ويو. ان حوالي سان محمد کهاوڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان چيو آهي ته مريم نواز هر هر ايترو جذبي ۽ جنون سان منهنجو نالو کنيو آهي، مريم نواز کي چوان ٿو ته سندس مڙس ڪاوڙجي نه پوي، نيازي جي سياسي اخلاقيات اها آهي، وارث رضا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مريم نواز کي گهرجي ته مستقبل لاءِ عورتن جي حقن جي حفاظت خاطر عمران خان جي بدڪلامي ۽ هراسمينٽ خلاف فوري طور ڪيس داخل ڪرائي. جنهن تي اسد ملڪ لکيو ته جنهن جنهن خاتون اول بشريٰ بي بي لاءِ غلط لفظن تي نه ڳالهايو هو اهي هن مامري تي نه ڳالهائين،

سيد ميان سهيل لکيو ته مخالف ڪهڙو عمران خان ۽ خاتون اوهان کي سٺن لفظن سان نوازيندا رهيا؟ ارمين شاهه لکيو ته جهڙي ٻولي مريم نواز ڳالهائيندي آهي تهڙي ٻولي عمران خان به ڳالهائي، عزت مرد جي به هوندي آهي، ڪلثوم جمال لکيو ته هڪ ماڻهو جيڪو وزيراعظم رهي چڪو ان پاران هڪ عورت لاءِ اهڙو ڳالهائڻ سٺو عمل ناهي، سميشا مير لکيو ته مريم نواز جي ڳالهين کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ٻنهي پاسي ساڳيو عمل آهي، ڪيس ٻنهي تي ٿيڻ گهرجي، مظفر گلال پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏينهن رات پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي کي گاريون ڏيندڙن کي اڄ نيازي جي هڪ لفظ باهه لڳائي ڇڏي آهي، عابد لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ عورت ٿي ڪري اهڙي ٻولي ڀلي ڳالهائي مرد نه، عجيب قسم جو نظام آهي، شيشي جي گهر ۾ رهي ڪري ٻين کي پٿر هڻندا ته جواب ڇا ايندو؟

عائشه ڌاريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خوشي جي ڳالهه آهي!  عورت جي عزت ڪرڻ  پر سموري دنيا جي عورتن جي عزت ڪيو ڇو جو توهان کي هن دنيا ۾ آڻڻ واري عورت آهي توهان کي جنم   ڏيندڙ هڪ عورت آهي  هر عورت عزت لائق آهي، هڪ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته اسان جي ماڻهن کي عورت جي لڄ ،عورت جي عزت  عورت جو مقام مريم نواز شريف وقت ئي ڇو ياد  آيو آهي؟ ڇا عام عورت عزت لائق ناهي ؟ غريب مسڪين هاري جي ڌيءَ جو جڏهن ڪمند جي فصل ۾ ريپ ٿئي ٿو ته ان  جو جسم ڪير چادر سان ڍڪڻ  وارو ناهي هوندو ؟ ان غريب لاچار پيءُ کي ميڊيا جي ساٿين کان سواءِ ڪير ٻڌڻ وارو ناهي هوندو؟ ڪنهن جاگيردار جي بدمست پٽ جڏهن رستي ويندي غريب راحق جي نياڻي کي تنگ ڪندو  آهي ته ڳوٺ ۾ سڀ هي تماشو اکين سان  ڏسندا آهن پر وڏيري جي پٽ جي ڳچي ۾ ڪير هٿ وجهڻ وارو ڪونهي ڇو ؟  ڪير شاهدي ڏيڻ وارو ڪونهي هوندو ڇو ؟ ڇا عورت ڪارڊ  سياست ڪرڻ وارين عورت لاءِ ايجاد ٿيو آهي ؟ آئون عمران جي ۽ مريم جي ٻنهي جي غلط  بيانن کان خائف آهيان ڇو جو هي سڀ غريب عوام لاءِ سياست ڪو نه ٿا ڪن پر پنهنجو پاور شو ڏيکارڻ لاءِ جلسا جلوس ڪن ٿا پوءِ گاريون ،جملي بازي ،طنزن  جا تير پيا هلن، هي روز بشريٰ بي بي  تي طنزن جا تير ، ٽڪ ٽاڪ ٺهن ٿا ،پروگرام هلن ٿا ،خبرون ڏسجن ٿيون ،

عمران جي ٽنهي زالن تي جيتري ڳالهه ٻولهه ،طنزيا جملا اسان ٻڌون ٿا شايد ڪنهن تي ٻڌا هوندا ڇا اُهي عورتون ناهن ؟ غريبن ،مسڪينن ،هارين ،پورهيتن ، جاگيردارن ، سياستدانن  ،سرمائيدارن  گهرن ،فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙن سڀني جون  عورتون برابر عزت لائق آهن پوءِ  ٻٽن معيارن جي پوک ڇو ٿا پوکيو ؟ هي ته سياسي  نعري بازي ،جملن جا تير ،طنز پيا هڪٻئي تي وسائيندا آهن ڇو جو معاشي طور انهن وٽ عوام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪو پلان ئي ناهي  ڪا حڪمت عملي ناهي. جنهن تي جاويد لانگاهه لکيو ته سنڌ سميت ملڪ ۾ روزانو لکين عورتن جي تذليل ٿئي ٿي، ان کي بنياد بڻائي اسان سماج جي ليڊرشپ ليول تي ٿيندڙ تذليل تي انڪري چپ ٿي وڃون ته اهو معمول آھي ۽ اڳ به ائين ٿيندو رهيو آھي؟ اهڙو عمل خطرناڪ هوندو. گند، گند آھي، سماج جي هيٺين سطح تي ٿيندو هجي يا مٿئين سطح تي. ذوالفقار هاليپوٽو لکيو ته اوهان جي عجيب سوچ آهي، بشير احمد لکيو ته مخصوص طبقن جي مفادن واري سياست جو مقصد اقتدار حاصل ڪري عوام جي ڦرلٽ ڪرڻ آھي، جنھن ۾ سڀ جائز وارو اصول ھلندو آھي. ھڪٻئي جي مخالفت ۾ اخلاقي قدرن جو لحاظ ۽ عوام ڪٿي به نظر نه ايندو، ان جي باوجود به اھڙن عملن جي مذمت ڪرڻ گھرجي.

انيتا پنجاڻي لکيو ته توھان جي سڀ ڳالھه صحيح آھي پران جو مطلب اھو ناھي ته جيڪو ڪلھه نه ٿيو آھي ته اڄ به نه ٿئي.بس گھڻو ٿي ويو ! عمران خان ھي پھريون دفعو نه ڪيو آھي پر بار بار عورت جي بيعزتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.ھڪ فرق سمجھڻ جي ضرورت آھي،ھڪ عام ماڻھو جي بيان ڏيڻ ۽ ھڪ سربراھه يا ليڊر جي حيثيت ۾ بيان ڏيڻ جي، ليڊر جي حيثيت ۾ سڄي عوام ۽ دنيا ان کي ٻڌي ٿي ۽ اثرانداز ٿئي ٿي.ڊاڪٽر ثمينه واحد لکيو ته ڪنهن عام ماڻهو جو مثال ڏيو عام عورت جو مثال ڏيو جن لاءِ اسان جي معاشري جا رويا الڳ آهن، صدام حسين، محمد جمن سنڌي، اعظم بجير، ساجد مسڻ، وسيم شهزاده، عمران مڱريو، سليم ميمڻ، اعجاز چانڊيو، ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو، سهيل عباسي، اڪرم کوسو به راءِ جو اظهار ڪيو، بدر بلوچ لکيو ته سڀ سياستدان ڪرپٽ آهن، مخدوم عابد لکيو ته اسان جي ملڪ جي روايت آهي. جڏھن به پنجاب اندر ڪنهن نياڻي تي ظلم ٿيندو آهي. سڄو ملڪ گڏ ٿيندي ٻڌي جو ثبوت ڏيندو آهي. پر جڏھن به سنڌ ۾ ڪنهن نياڻي سان ظلم ٿيندو آهي ته .. ڪو به سياست دان آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي هوندو،

امر سنڌو عمران خان جو بيان شيئر ڪندي لکيو ته ڪِرڻ جي آخري حد، جنهن تي ايڊووڪيٽ رحمت الله ترڪ لکيو ته اڳ ئي ڪريل آهي، رياض شيخ لکيو ته هن کي شرم اچڻ گهرجي، انجنيئر منظور راهمون لکيو ته خاتون اول جو ذڪر اڪثر مريم نواز ڪندي رهي آهي، شيرين ناريجو لکيو ته هيٺ ڪرڻ هڪ حادثو آهي هيٺ ڪِرڻ هڪ مرضي آهي، لال ڏنو ڀانو لکيو ته عمران ته اهو صحيح ناهي ڪيو پر انهن جي وڏن محترمه جا فوٽو جهازن مان اڇلايا هئا اها به ته عورت هئي. محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو ڪرڻ ٻئي نمبر تي آهي، عمران خان وڌيڪ ڪِري پيو آهي، ورثه پيرزادو به عمران جو بيان شيئر ڪيو، سيده زرمينه زار لکيو ته هي ڪهڙي سياست آهي،ڇا هڪ ليڊر کي اهڙي ٻولي سونهين ٿي؟ جنهن تي ايوب خان، عزره نظير ۽ ٻين به ردعمل ڏنو.حسين مسرت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن کي ڳالهائڻ کان نه روڪيو، هن جا حامي ڏسي وٺن پنهنجي ليڊر جي اصليت.. فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ عورت جي باري ۾ اهڙي گهٽيا ۽ بازاري ٻولي ڳالهائڻ کانپوءِ به جيڪڏهن ڪير عمران خان کي سياسي اڳواڻ سمجهي ٿو ته مون کي ان جي به ذهني صحت تي شڪ ٿئي ٿو. جنهن تي حفيظ ڪنڀر لکيو ته ڪريل انسان آهي، اسماعيل ڊومڪي لکيو ته انتهائي شرمناڪ ٻولي استعمال ڪئي، اعجاز منگي لکيو ته عمران مريم جي خلاف جيڪو ”پدرشاهي ڪارڊ“ استعمال ڪيو آهي. اهو نه صرف قابل مذمت پر قابل نفرت آهي،مير غلام حسين ٽالپر لکيو ته عمران جي سپورٽرن به سندس ڳالهه کي پسند نه ڪيو آهي. ماجد سومرو به عمران خان جي بيان جي  پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي شاهد سيال، محمد شريف ڄامڙو، ماڻڪ عزيز انصاري ۽ ٻين به عمران جي بيان جي مذمت ڪئي.