اشو آف دي ڊي … عمران جي گرفتاري جو خرچ عوام مان ڪڍن پيا: پيٽرول مهانگو ڪرڻ خلاف سوشل ميڊيا تي ردعمل: حڪومت مٿان تنقيد

0
297

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان حوالي سان گل حسن ابوپوٽو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان کي تيل جيڪڏهن پاڪستاني 114 رپيا ۾ ملي ٿو ته آخر ڇو 280 رپيا ۾ وڪرو ٿئي ٿو؟ ظالم سرڪار يا نااھل بي شعور عوام؟؟ جنهن تي علي اڪبر چانڊيو لکيو ته عوام بي شعور آهي، عبدالسلام سنڌي لکيو ته واحد اهو تيل جو ذريعو ئي آهي جنهن ذريعي ملڪي ادارن جا خرچ پورا ڪيا پيا وڃن، دوست محمد لکيو ته عوام نا اهل آهي، منظور سولنگي لکيو ته بي شعور ستل قوم آهي، محمد اسحاق اڄڻ لکيو ته عوام بيوقوف آهي، مير پالاري لکيو ته حڪومت ۾ ويٺل حڪمران عريب ٿي ويا آهن عوام امير آهي ان ڪري ايئن ڪن ٿا، عدنان علي لکيو ته سرڪار ظالم آهي. عابد علي لکيو ته حڪومت ظالم آهي.  علي عابد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسين چور سياستدانن جي حمايتن ۽ جيالن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون جيڪي مھانگائي ۽ پيٽرول جي وڌندڙ قيمت بابت شرم کان پوسٽ به نٿا رکي سگھن، جنهن تي نويد احمد، رضا ايم دل، قاضي محمد عمران، شڪيل کٽياڻ به ردعمل ڏنو. عبداللطيف پٺاڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول وري 5 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي، غلام نبي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رات جي انڌيري ۾ پيٽرول پنج رپيا، ڊيزل 13 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي، عصمت الله ڀٽي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مسلسل عمران خان جي گرفتاري متعلق عوام جو ڌيان هٽائي پي ڊي ايم حڪومت ٻرندڙ مهانگائي جي باهه تي پئٽرول وجهي عام عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، ستل قوم کي صبح جي سلام سان گڏ وري پئٽرول مهانگو ٿيڻ تي مبارڪون. جنهن تي ايم صديق ڀٽو لکيو ته ايڏي مهانگائي ڪري ڇڏي اٿن جو پاڪستان کي ڇڏي ٻاهرين ملڪ هليو وڃجي. عبدالرحيم سيال پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حڪومت پاران هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرايا ويا، پيٽرول 5 رپيا، ڊيزل 13 رپيا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي. فرحاد ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ لک رپيه پگهار کڻندڙ آفيسر ۽ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ واري سياستدان جو پيٽرول فري باقي 500 رپيه ڏهاڙي ڪمائڻ وارو مزدور پنهنجي کيسي مان پيٽرول وٺي، اهو به مهانگو؟ فيصل چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صبح جو سلام، پئٽرول 5 رپيه ۽ ڊيزل 13رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي، اعجاز احمد رودناڻي، رئيس محمد يوسف لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رات جي انڌيري ۾ پيٽرول 5 رپيا ۽ ڊيزل 13 رپيا مهانگو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. امير گل ڪٽوهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پئٽرول 05 رپيا، ڊيزل 13 رپيا وڌيڪ مهانگو ڪيو ويو آهي،  ڪپڙا ته اڳ ئي لهرائي چڪا آهيو بس اها ننڍڙي چڍي به اڄ لٿي. حسين بخش خليلي بوزدار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول 5 روپيا ڊيزل 13 روپيا مهانگو….نوٽيفڪيشن جاري…سميع الله لغاري به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، الهڏنو ڪابورو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول في ليٽر 5 رپيا ۽ ڊيزل 13 رپيا مهانگو،، حڪمرانن کي شرم ناهي، سجاد دادو والا لکيو ته حڪمران ته شرم ڪن پر انهن کي ڪنهن به قسم جي سپورٽ ڪرڻ وارا ٻڏي مرن، رفيق احمد ڪابورو لکيو ته پوءِ به ووٽ انهن جو، فيض محمد ڪابورو لکيو ته عمران جي گرفتاري تي جيڪو خرچ اچي پيو اهو عوام مان ڪڍندا. صفدر علي چنو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪافر ملڪ به ڀلارو مهينو رمضان شريف اچڻ جي احترام ۾ شيون سستيون پيا ڪن.پر اسان واري ملڪ جي بادشاھ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري پاڻ ملهايو. حافظ ارباب علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊيزل 13 رپيا پيٽرول 5 رپيا مهانگو  ڪري پي ڊي ايم طرفان عوام لاءِ رمضان پيڪيج ڏنو ويو آهي عوام کي اهو پيڪيج قبول هجي، عرفان جتوئي، عبدالستار نوحاڻي به پيٽرول ۾ واڌ جون پوسٽون شيئر ڪيون. وفا ولي محمد ڦل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول 5 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 13رپيا مهانگو ٿي ويو، عوام وڌيڪ پريشان ٿي ويو، حيدر علي خدا ڏنو به پيٽرول ۾ واڌ خلاف پوسٽ شيئر ڪئي. احسان علي لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي حڪومت عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي. علي اشرف مريم نواز جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته مريم نواز کي تقرير ڪندي ٻڌم, چوي پئي ته پئٽرول جي قيمت رپيو چڙهڻ تي “بابي” جي ننڊ ڦٽي ويندي آهي.. خبر ناهي ڇو سندس “چاچو” مسلسل ان جي بابي جون ننڊون حرام پيو ڪري.؟ پئٽرول وري پنج ته ڊيزل تيرنهن رپيا مهانگو.. ڪيو ويو آهي، اصغر علي جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رات چورن پيٽرول 5 رپيا ۽ ڊيزل 13رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو، سمير خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن حڪومت مان چڱائي جي اميد ناهي، رات چورن پيٽرول 5رپيا ۽ ڊيزل 13 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو. عبدالمالڪ ڀٽو پوسٽ شيئر ڪئي ته هن حڪومت مان چڱائي جي اميد ناهي، شاهنواز ميراڻي، لالا شاهد اقبال، الله بخش ابوپوٽو، عالم چند مهراڻي، امير بخش ميمڻ، سيد صدام، علي شير مري، اعجاز علي، عبدالرزاق بروهي، لالا فيروز خان، عجب خان مگسي، اي بي سلام سولنگي، ايم صالح جاڙيجو، مير غلام نبي بروهي، سجاد ملاح، سجاد گل خاصخيلي، بشير خان بالادي ۽ ٻين به پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف پوسٽون شيئر ڪيون. اختر حسين خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪئي ته وفاقي حڪومت عمران خان جي گرفتاري ۾ ناڪامي جو بدلو مهانگائي جي پيڙهيل عوام کان ورتو ويو پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري اهڙو بدلو ورتو ويو.