اين اي 72 سيالڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ اميدوار نوشين کٽي وئي ۽ پي ٽي آءِ اميدوار علي اسجد هارائي ويو جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ، ڪارڪن ۽ حامي هڪٻئي خلاف پوسٽون رکڻ لڳا، نواز ليگ وارا خوشي جو اظهار ڪري رهيا هئا ته اتي وري پي ٽي آءِ جا اڳواڻ نواز ليگ مٿان تنقيد جا تير وسائي رهيا آهن. ڊاڪٽر شهباز گل ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪن لاءِ اليڪشن ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن، اوهان جي ليڊر لاءِ اخلاقيات اوهان جي کٽڻ کان وڌيڪ اهم آهي، نه ته کٽڻ ڪيترو مشڪل آهي ان ملڪ ۾ ؟ ڇا ڪڏهن نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي حڪومتن ضمني چونڊ هارائي هئي؟ هر صورت ۾ کٽڻ لاءِ اوهان کي ماڊل ٽائون ۾ مخالفن جي عورتن کي گوليون هڻڻيون پونديون هيون. جنهن تي محمد طلحه لکيو ته اڍائي سال گهڻا هوندا آهن ورچوئل حقيقت ۾ رهڻ لاءِ، هاڻي خدا جي واسطي ٻاهر اچو، حقيقت کي منهن ڏيو، رهي ڳالهه اليڪشن جي ته پي ٽي آءِ حڪومت هارائڻ بعد به اهڙيون پوسٽون ڪري ٿي. نديم خان لکيو ته مرڪز ۾ عمران خان جي حڪومت، پنجاب ۾ عمران خان جي حڪومت، سموري حڪومتي مشينري، ادارا ڪنٽرول ۾ هجڻ باوجود ڊسڪا ۾ نوشين افتخار ايڏي ليڊ سان ڪامياب ٿي آهي جنهن مان ثابت ٿي ويو ته مهانگائي هارائي وئي ووٽ کي عزت ڏيو وارو بيانيو کٽي ويو.محمد مسعود بٽ لکيو ته پوءِ ته صاف شفاف اليڪشن جو ڪريڊٽ پنجاب حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. جيئا لکيو ته 19 فيبروري تي ٻه ماڻهو مارڻ، 20 پرزائيڊنگ آفيسرن کي اغوا ڪرڻ ۽ ووٽن جا ٿيلها تبديل ڪرڻ، من پسند نتيجا ٺاهڻ وقت اوهان جي اخلاقيات ڪٿي هئي، مائرا راجپوت لکيو ته حڪومت پي ٽي آءِ جي آهي، ماڊل ٽائون ۾ جن گوليون هلايون انهن کي وڃي پڪڙيو ڇو نٿا؟ هار مڃڻ بدران عوام کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪريو.گوندل لکيو ته ڪيستائين سوشل ميڊيا تي دفاع ڪنداسين حڪومت پنهنجي رٽ ڪڏهن قائم ڪندي. انجنيئر نويد لکيو ته پنجاب حڪومت ڏنڊي جي زور تي ٿيندي آهي وزيراعظم کي جيترو جلد اهو سمجهه ۾ اچي بهتر ٿيندو.اناڙي راجپوت لکيو ته شهباز گل سڄي رات سوچيندو رهيو ته عوام کي منهن ڏيکاريان سڄي رات سوچڻ بعد اخلاقي چورن جو سهارو ورتو، انهن ماڻهن کي اخلاق جو درس ڏيڻ سونهين نٿو. عليزه خان لکيو ته ڇا جهانگير ترين پهريان کان ڪرپٽ هو ها ته پوءِ تحريڪ انصاف ۾ ڪيئن شامل ٿيو؟ يا تحريڪ انصاف ۾ اچي ڪرپشن ڪيئن ڪئي؟ ڊاڪٽر فهيم احمد لکيو ته اخلاقيات جو درس ڏيو ٿا اوهان پولنگ ايجنٽ اغوا ڪندي پڪڙيا ويا هئا.سيد يعقوب لکيو ته شهباز گل جڏهن سوشل ميڊيا سيل موجود آهي ته پوءِ اهو ڪم ان لاءِ ڇڏيو وزيرن ۽ مشيرن کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي.عامر بيگ لکيو ته شهباز گل اوهان پي ٽي آءِ جا سٺا ترجمان آهيو اوهان کي تصوير جي ٻئي رخ تي به نظر رکڻي پوندي