اشو آف دي ڊي … سوشل ميڊيا تي ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

0
326

 ميرل سمون، وفا ميمڻ، ڊاڪٽر مجاهد بلوچ، مير اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 17  آڪٽوبر ..ٽوڙهي ڦاٽڪ جي بهادر شهيدن جي عظيم قرباني تي سيس نوائي قومي سلام پيش ڪجي ٿو، ٽوڙي ڦاٽڪ جي پٿريلي ڌرتي تي ستمگير غمگين ڏھاڙي17 آڪٽوبر 1984ع تي واٽ وٺي لاڙڪاڻي طرف ويندڙ پرامن قومپرست شاگرد سياست مٿان ناحق بدترين رياستي دھشتگردي وارو جيڪو قھر اڄوڪي ڏينھن تي برپا ڪندي ٽوڙي ڦاٽڪ جي  ميدان تي سنڌ جي ڪونڌرن لاءِ ڪربلا برپا ڪئي جنهن ۾ سنڌ جا ڪونڌر شهيد ڪياويا ڪيئي ڪونڌر زخمي ڪيا ويا ڪيترائي جيلن ۾واڙيا ويا انهن جوڌن کي قومي سلام..جيئي سنڌ، بابر بلوچ، نظام الدين جلباڻي، ڪامريڊ ميرجان سنڌي، رستماڻي بلوچ، عبدالله لاشاري، نعيم پليجو، مجيد سومرو، سردار دمشاد علي، حاجي عباسي، شميم سومرو، بابو احسان ڀٽو، حاجي خان جلباڻي، عرس اوٺو، عثمان پنهور به ڀيٽا پيش ڪئي،  اصغر باغي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 17 آڪٽوبر 1984ع تي جنرل ضياءَ جي مارشلائي دؤر جي فوجي ٽولي پاران جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي پرامن شاگردن تي ٽوڙي ڦاٽڪ جي پٿريلي ميدان تي  سرعام گولين ج وسڪار ڪري جنهن ۾ 5 ڄڻن کي شھيد ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو هو، ڪيترن ئي نوجوان شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو هو انهن نوجوان شاگرد اڳواڻن مان ڪجھه اڳواڻ شھيدن جي رت سان ڪيل واعدا وفا نه ڪري سگهيا ۽ قومي تحريڪ کي غيرسنجيده تنظيم ڄاڻائي سرڪار جي ڏنل مال و دولت هٿ ڪري ورتائون پر سنڌي قوم جي نظرن مان هميشه لاءِ ڪري پيا،  اڄ انهن جو نالو وٺڻ  وار شايد ئي ڪو هجي، اها ڳالھه واضع ٿي چڪي ته سنڌ وٽ معتبر پئمانو اڄ به موجود آهي، اڄ به شھيد مالڪ خشڪ ، شهيد ذڪريا ميمڻ ،  شهيدامان الله وسطڙو ، شهيد مٺو بليدي ، شهيد انور عباسي،  شھيد بشير خان قريشي  ۽ شهيد سرائي قربان جھڙن معتبر ڪردارن کي ته دل و جان سان ته چاهيندڙ لکين نظر ايندا پر  ٻين ڪردارن کي اڄ سموري سنڌ حڪارت جي نظر سان ٿي ڏسي، تاريخ وڏي بي رحم ٿئي ٿي اهي سدائين سنڌي قوم جا معياري رهندا، اڄ به ٽوڙي ڦاٽڪ جي شھيدن کي عقيدت ڀريا سلام ۽ انهن جي قاتلن ۽ ۽ غدارن تي لعنت جا وسڪارا جاري آهن ۽ سنڌ جي ايندڙ تاريخ ۾ پڻ جاري رهندا. جنهن تي وزير اوڍو، ايم سليم سالار جوکيو، ذوالفقار کوسو، قلندر بخش ملاح، عنايت کٽياڻ به شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي، حبيب الله ڀٽو لکيو ته  اڄوڪي تاريخ تي 3 سال اڳ رکيل مُنھنجي پوسٽ….اڄ جيڪي سنڌ لُٽي پاڻ کي، ڪامياب شخص پيا سمجھن. سڀاڻي جي دز، انھن کي اھڙو لٽيندي، جو انھن جو نالو ئي ڪنھن، گار سمان سمجھيو ويندو. اھو فيصلو سنڌ جو ھوندو. وقت لڳي سگھي ٿو. شوڪت علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 17 آڪٽوبر ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي شهادت جو ڏهاڙو، اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ جي اڙٻنگ نوجوانن کي رياستي دهشتگردي ذريعي شهيد ڪيو ويو کين سرخ سلام، حميده گل پوسٽ شيئر ڪئي ته ٽوڙي ڦاٽڪ جي شھيدن کي سرخ سلام . جنهن تي غلام قادر مراداڻي، ايڊووڪيٽ پنهل کوسو، منصور مڱرريو، شبير لاشاري ايڊووڪيٽ به ڀيٽا پيش ڪئي، مدد انقلابي پوسٽ شيئر ڪئي ته 17 آڪٽوبر 1984ع تي ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ رياستي ادارن ھٿان گولين جو کاڄ بڻجي شھيد ٿيندڙ سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن کي 38 ھين ورسي جي موقعي تي قومي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا، سرخ سلام شھيدان ٽوڙي ڦاٽڪ…سجاد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھن لال لهو تي او لالڻ، ڪي ڀاڳ ڀلارا بڻجي ويا، ير ٽوڙھيءَ وارن جي دم سان، وارا به نيارا بڻجي ويا، ٽوڙھي ڦاٽڪ جي پٿريلي ڌرتي تي اڄوڪي ستم گير غمگين ڏھاڙي17 آڪٽوبر 1984ع تي واٽ وٺي ڄامشوري کان  لاڙڪاڻي طرف جساف پاران سياسي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لا۽  ويندڙ پرامن قومپرست شاگرد سياست جساف مٿان ناحق بدترين رياستي دھشتگردي وارو جيڪو قھر اڄوڪي ڏينھن تي برپا ڪندي شھيد ذڪريا ميمڻ، شھيد انور عباسي، شھيد امان الله وسطڙو، شھيد مٺو بليدي، شھيد مالڪ خشڪ کي شھيد ڪيو ويو، ڪيترن ئي کي زخمي ڪيو ويو  تنھن المناڪ ٽوڙھي واقعي کي اڄ 38 ورھيه پورا ٿي رھيا آھن، اڄ ٽوڙي ڦاٽڪ جي عظيم شھيدن کي جن پنهنجي رت جو ريج  قومي تحريڪ کي ڏئي عظيم قرباني ڏئي قومي تحريڪ ۽ شاگرد سياست ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو تن کي ورسي جي موقعي تي سلام پيش ڪريون ٿا، اسماعيل مهر شاعري سان ڀيٽا پيش ڪئي،

ٽوڙي ڦاٽڪ مونکان پڇي ٿو

سنڌ جو شاعر ڇاڇا لکي ٿو

مان ته چوان ٿو ماتم ٿئي ٿو

ڏيھه کي دانھون خوب ڏئي ٿو

دانھون درد جون ٻڌندا ماڻھو

پنھنجي حق لئه وڙھندا ماڻھو…    (مسڪين ملاح)

مسعود علي شاهه وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ نه ڏٺا سُک ڪئي سِج لهي ويا، 17آڪٽوبر 1984ع، ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن کي سلام، عبدالمجيد جوکيو پوسٽ شيئر ڪئي ته ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن عبدالمالڪ خشڪ، زڪريا ميمڻ، انور عباسي، امان الله وسطڙو ۽ مٺو بليدي کي قومي سلام. سرمد قادر پوسٽ شيئر ڪئي ته 17 آڪٽوبر 1984ع اهو ڏينھن آهي، جنھن ڏينھن شاگردن پنھنجي زندگيءَ جو ٻليدان ڏئي سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو، هي اهو دؤر آهي جو سنڌ ۾ ايم آر ڊي توڙي مڙني مڪتبِ فڪر سان لاڳاپو رکندڙ ڌريون عملي طور تي ويڙهاند ۾ رڌل هيون. هر تحريڪ ۾ شاگردن نمايان ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. خاص ڪري جيئي سنڌ جي سموري قيادت، اڳواڻي شاگردن وٽ هئي. ان ڪري قومي تحريڪ ۾ شآگردن جو نئون جوش جذبو ۽ قومي فڪر سان سرشار قافلو جڏهن سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا 150 شاگرد بسن ۾ سوار ٿي 3.00 وڳي منجهند ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ پهتا ته ڦاٽڪ بند هيو. سول ڊريس ۾ قانون نافذ ڪندڙ اداري جي سربراهه قافلي کي انڊس هاءِ وي کان هيٺ لهڻ لاءِ جيئن ئي حڪم ڪيو ته ريلوي بند جي چؤطرف لڪل قانون نافذ ڪندڙ اداري جي هٿياربندن هٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا. 5 ڄڻن جي شھيد ٿيڻ کانپوءِ باقي ٻين زخمين کي بڪتر بند گاڏين ۾ کڻي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند ڪيو ويو، شاگرد، 17 آڪٽوبر تي پنھنجين اکين ۾ ”موئن جي دڙي“ جي بچاءَ جا خواب کڻي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ”موئن جو دڙو بچايو“ سيمينار ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿيا هيا، ڇاڪاڻ ته انھن باشعور شاگردن ڄاتو ٿي ته موهن جو دڙو سنڌ جي عظمت جو تاريخي دستاويز آهي جنھن جو تحفظ ڪرڻ معنيٰ سنڌ جو تحفظ ڪرڻ آهي. ڇو ته قومون پنھنجي ماضي جي تجربن، مشاهدن ۽ قومي ورثن کي سامھون رکي پنھنجي مستقبل جي اڏاوت ڪنديون آهن. زنگيجو ستار، امداد علي ڏيٿو، نديم علي ميراڻي، منظور لاشاري، زاهد ميراڻي، رياض ڪالادي، ذوالفقار عمالي، بدر ايم ٻرڙو، ناز مٺو، عبدالغني ملاح، مير ساگر سنڌي ۽ ٻين به ڀيٽا پيش ڪئي.