اشو آف دي ڊي … سوشل ميڊيا تي به مڪاني چونڊن جو چهچٽو: پارٽين ۽ اميدوارن جي ڪاميابي بابت اڳڪٿيون، دلچسپ تبصرا

0
168

 سوشل ميڊيا تي ڪالهه لوڪل باڊي اليڪشن ٽاپ ٽرينڊ رهيو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون ٿيڻ دوران سوشل ميڊيا تي به ان بابت تبصرا ڪيا ويا، اميدوان جي ڪاميابي لاءِ پوسٽون رکيون ويون ووٽنگ دوران صورتحال پڻ سوشل ميڊيا تي ماڻهو ٻڌائيندا رهيا، اميدوارن ۽ پارٽين جي حوالي سان دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا. ان حوالي سان بلاول لاکو  پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ ووٽ Turn out تمام گھٽ رهيو، ٻين شھرن جي ڇا پوزيشن آھي ؟ جنهن تي اي بي شڪور جت لکيو ته تمام گهٽ رهيو، اشفاق لاکو لکيو ته ٻين شهرن ۾ به ووٽ وجهڻ لاءِ راضي ناهي، ڪاشف خواجه لکيو ته ووٽ جي ويليو ئي ناهي، ٽي حصا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن اليڪشن انڌي آهي. اياز کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پ پ مڪاني چونڊن ۾ نعرو هنيو آهي ته ڪراچي سڀني لاءِ، هنن کان اڄ حساب وٺو. ڪراچي هنن جي پي جي آهي جو سڀني لاءِ؟ ڪراچي فقط سنڌين جي آهي رهندي. شرم نه اٿن، جنهن تي امير علي لکيو ته انهي نعري تي ايم ڪيو ايم کي به اعتراض آهي، نياز علي کوسو، گلشن لغاري، فقير فضل لغاري،  لياقت علي نهڙيو به اهڙي نعري کي رد ڪيو. نديم علي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ پولينگ اسٽيشن تي ڪارڊ سان گڏ ضمير به ضرور کڻي وڃجو، 4 پولنگ اسٽيشن تي چڪر هڻي آيو آهيان ڪٿي به ڀت مون کي نظر نه آيو،  جنهن تي محمد يامين ملڪ لکيو ته سنڌ واسيو ڪجهه مهينا اڳ اوهان کي لوڙهيو ويو هو اڄ انهن جا پٽڪا توهان جي آڱوٺن تي آهن، محمد اسلم پوسٽ تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته اليڪشن ڊيوٽي دوران اسان پنھنجو ھي فرض نه وساريندا آھيون …نظام شمسي جا سيارا مريخ Mars, مشتري Jupiter, زحل Saturn 🪐, زھرہ Venus ان سان گڏ ٽيڙو، اورائن نيبولا ۽ ڪجھه ستارا…. ماجد علي تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته فِلوريڊا ۾ هي ووٽنگ مشين آهي. يونس چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پولنگ اسٽيشنز جو وقت پنھنجي پڄاڻي تي پهتو پنھنجي اميدوارن کي ڏيندا اجازت خداحافظ، عابد لاشاري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته واهي پانڌي جي ڊگري ڪاليج واري پولنگ تي ايم پي اي جوهي سيد صالح شاهه جيلاني جي پهچڻ وقت عوام پاران چور چور جا نعرا هنيا ويا، سيد صالح شاهه گاڏي ۾ چڙھي  روانو ٿي ويو. جنهن تي اعجاز علي لنڊ، امداد حسين، عرفان خان، ذوالفقار علي، معشوق علي رودناڻي، اسد رودناڻي، ماجد علي کوسو، عبدالستار رودناڻي، زوار اختر سهول، گدا حسين، نويد لغاري وسيم اي شاهاڻي، عمران علي ڪلهوڙو، زاهد حسين، عابد علي رستماڻي به انهي تي ردعمل ڏنو، روشن رودناڻي ۽ خالد سنڌي لکيو ته عوام کي سلام آهي، بشارت علي لکيو ته بهترين ڪم، لڳي ٿو ته عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي، محسن خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بشير خاصخيلي ۽ پينل کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات محنت ڪئي سين، الله پاڪ ڪراچي يونين ڪاميٽي نمبر 4 صفوران ٽائون ۾ ضرور ڪاميابي ڏياريندو آمين، جنهن تي لياقت جهتيال، قادري عبدالرزاق، احمد شاهد شر، عابد سرور خاصخيلي، غلام حسين جلباڻي به ردعمل ڏنو. صبا حيدر حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن بابت تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هم سب ڪا نشان تير ڪا نشان، جنهن تي نواب کوکر لکيو ته ڪراچي وارئو هن ڀيري تير مان جان ڇڏايو، وڏيرن جي غلامي مان جان ڇڏيو، مريم انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فقط ٽي ايل پي، لال مالهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ پولنگ دير سان شروع ٿي، پاڻي، ٽرانسپورٽ، گندگي ڪراچي جو وڏو مسئلو آهي، ڪراچي ڪپتان ڪا، منزه صديقي سنڌ ۾ ٿيل برساتي تباهي ۽ مڪاني اليڪشن بابت وڊيو شيئر ڪئي، صدره اقبال به مڪاني چونڊن  بابت پوسٽ شيئر ڪئي، زبير احمد لکيو ته آئون ووٽ ڏئي آيو آهيان، ايان علي حافظ نعيم الرحمان جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ٻيو ڪجهه ناهي بس ميئر جا اختيار نه ملڻ تي پريشان آهيان، ڊاڪٽر سيما ضيا ڪيماڙي ٽائون جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي اميدوار جي سپورٽ ڪئي، ڊاڪٽر سعيد مصطفيٰ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شڪست جي خوف کان پي پي ڪريل حربا استعمال ڪرڻ لڳي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پنهنجي ووٽ تي پهرو ڏيڻ ايندو آهي، ڌانڌلي جو نوٽيس ورتو وڃي، فريد رزاقي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميئر ته هاڻ ٿيندو، جماعت اسلامي کٽندي، نادر بلوچ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جعلي ووٽ وڌا پيا وڃن. عرض محمد ميراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مڪاني چونڊون: حيدرآباد ڊويزن ۾ پ پ کي سرسي، ڪراچي ۾ پ پ. پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ سخت مقابلو. پ پ کي عملي، حڪومتي مشينري ۽ پوليس جي به وانگار حاصل. ٽرن آئوٽ گهٽ رهڻ جو امڪان آهي، الله رکيو سيال پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مڪاني چونڊون جو ٻيو مرحلو ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت 16 ضلعن ۾ پولنگ جو وقت ختم، ڪراچي ۽ حيدرآباد ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو، وفا ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ ٿيندڙ اڄوڪي مڪاني چونڊون کي قبولڻ کان انڪار ڪندي ايم ڪيو ايم پاران احتجاجن اليڪشن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو، پدم ميگهواڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مڪاني چونڊون: ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، سجاول، مٽياري، ڄامشورو ۽ دادو ضلعي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ ٿي رهي آهي. مختيار عباسي پول شيئر ڪندي لکيو ته مڪاني چونڊن ۾ ڪير کٽندو؟، پ پ، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ، قومپرست، مذهبي جماعتون يا آزاد اميدوار. جنهن ۾ 54 سيڪڙو عوام پي ٽي آءِ جي ڪاميابي جي اڳڪٿي ڪئي، 15 سيڪڙو عوام قومپرست، 4 سيڪڙو عوام مذهبي جماعتن جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو، پ پ جي ڪاميابي جي اڳڪٿي 19 سيڪڙو ڪئي، 8 سيڪڙو عوام آزاد اميدوارن جي ڪاميابي جي اڳڪٿي ڪئي. ايم ڪيو ايم جي حمايت ۾ هڪ به ووٽ نه آيو، 15 سيڪڙو ماڻهن قومپرستن جي ڪاميابي جي اڳڪٿي ڪئي.