اشو آف دي ڊي … سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ۾ 8 هزار شاگرد فيل: تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي سواليه نشان بڻجي وئي، بحث

0
117

 سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ 8 هزار شاگرد فيل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، تعليم بورڊن جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاريا ويا، تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي گهر ڪئي وئي، ان حوالي سان محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ مڪمل ٿي وئي جنهن ۾ 8 هزار شاگرد فيل ٿي ويا، انٽري ٽيسٽ جي ٻئي مرحلي ۾ 11 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو، هي حالت آهي، محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيوسٽي طرفان بيچلر  پروگرام 2023 جي داخلا لاءِ ورتل ٻن مرحلن ۾  پرک ۾ ڪل 19 هزار شاگردن حصو ورتو جن مان 8 هزار شاگرد گهربل 40 مارڪون نه کڻي سگهيا جڏهن ته 11 هزار شاگرد گهربل مارڪون کڻي ڪامياب رهيا  پرک ۾ ڪاميابي جو تناسب 65 سيڪڙو رهيو،دوست سنسني پکيڙڻ لاءِ پوري خبر ڏين ئي نٿا هرو ڀرو سنڌي شاگردن کي بدنام ڪرڻ جي چڪرن ۾ آهن ٻن مرحلن ۾ ورتل ٽيسٽ ۾ ڪاميابي جو تناسب 65 سيڪڙو رهيو آهي ۽ ناڪام رهڻ جو 35 جيڪو دنيا جي هر يونيورسٽيءَ ۾ عام هوندو آهي. جنهن تي گل ميتلو لکيو ته سنڌي نوجوانن خاص طور شاگردن تي سڀ تپيا ويٺا آهن. اسان جا نوجوان هر جديد شعبي ۾ نايان ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا. اهو ڪنهن نه لکيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلائن لاءِ سيٽون ڪيتريون آهن ۽ پاس ٿيلن مان به هزارين نوجوان دخلائن کان محروم رهندا. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي داخلائن ۾ پوري سنڌ بنيادن واري کليل ميرٽ تي داخلائون ڏنيون وڃن. اربن رورل، ضلعيوار ۽ زونن واريون ڪوٽائون ختم ڪريو. پوءِ ڏسو ته سنڌي نوجوان ڪيئن ٿا اڳتي وڌن. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ داخلائن جون سيٽون گهٽ آهن. سنڌي قابل نوجوانن جو انگ ان جي ڀيٽ ۾ گهڻو آهي.مخدوم آسيه لکيو ته بس 40 تي پاس، پوءِ ته مان به ٽيسٽ ڏيان ها، امان الله سومرو لکيو ته منهنجي ڀاءُ جو اسڪور 72 آهي، سعيده سحر سولنگي لکيو ته پئسا هلن پيا، اي ڊبليو ڀالائي لکيو ته اسڪولن ڪاليجن ۾ شاگردن جو مائٽ استاد ڪاپي ڪرائيندا آهن نتيجو پوءِ اهو ئي نڪرندو، ڪامير مير جان سنڌي لکيو ته سنڌ جو هر بورڊ اي ون گريڊ پئسن تي ٿو کپائي ته پوءِ ڇوڪر يونيورسٽي جي ايڊميشن ٽيسٽ وري ڌوڙ پاس ڪري سگهندا. ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ ۾ 8 ھزار شاگرد فيل، افسوس اھو نتيجو غور طلب آهي ته سندن بنيادي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو  ۽ نقلي گريڊ نقلي نتيجا حاصل ڪيا ھوندن،  جنهن تي سائقه مڱڻهار لکيو ته اھا ڳالهه مائٽن کي به سمجهه ۾ نه ٿي اچي انٽري ٽيسٽ ۾ نقلي گريڊ ڪم نه ايندا، آصف دايو لکيو ته جھڙي طرح 40-33وارا استاد سيڪنڊري سائيڊ تعليم ڏيندا ٻارن کي جيڪي پاڻ گريجوئيٽ ماسٽرس ھولڊر پنھنجي نصاب مان سئو سوالن مان سٺ يا اڌ تي اڌ مارڪون به نٿا کڻي سگهن اھي قوم جا ٻچا سڌاريندا افسوس جو پوليس وارو به ٽيٽيھن تي پاس ناھي لوئر اسٽاف جيتريون مارڪون به ناھن ٽيٽيھه مگر اسانجي مٿان مسلط حڪمرانن سياسي وانگاروھندي اليڪشن کي ويجهو ڏسي سنڌ جي تعليم کي تباهه و برباد ڪري رھي آھي، پاسنگ مارڪون نه کڻندڙ نوجوان کي استاد ٿيڻ جو ڪو حق ناھي حڪومت ٻيھر ٽيسٽ وٺي نوجوانن کي محنت جو موقعو ڏئي، سيد ممتاز علي شاهه لکيو ته سچ آهي، تعليم ۾ سياسي مداخلت، غلط پاليسيون، نصاب، ڪاپي ڪلچر  جي ڪري تعليم تباهه آهي، اشرف ميمڻ لکيو ته ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته ڪاليج ۾ پڙهائي ناهي ٿيندي فقط امتحان ورتا ويندا آهن، آغا صفدر هليو لکيو ته ڪاپي ڪلچر تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، احمد سولنگي لکيو ته تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي، ٻيو ته ڪورونا واري بئچ جو اهو ئي حال رهندو.سردار گل زمان ميراڻي لکيو ته 40 پاس ۽ 33 پاس وارا وري احتجاج پيا ڪن ته ماستري جي نوڪري ڏيو، اسد علي جاگيراڻي لکيو ته سنڌ جو هر بورڊ اي ون گريڊ پئسن تي ٿو کپائي ته پوءِ ڇوڪرا يونيورسٽي جي ايڊميشن ٽيسٽ وري ڌوڙ پاس ڪري سگهندا. اختر آزاد لکيو ته سائين پنجاهه پنجاھه هزار استادن جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ تعليم کاتي جي ڪارڪردگي به اهڙي ئي هوندي، حسن علي بلوچ لکيو ته مارڪن لاءِ به مال کپي، فرحان علي کوکر لکيو ته وري چوندا ڌاريا اسان تي قابض آهن، صوفي ذلفي علي لکيو ته تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان! عبدالرشيد لاڙڪ لکيو ته تعليم کي هٿ سان تباهه ڪيو ويو آهي، محمد ياسين افسوس جو اظهار ڪيو، مجتبيٰ جوکيو لکيو ته بلڪل ائين ئي آھي، ايم يوسف کوسو به افسوس جو اظهار ڪيو، مطيع الله دل لکيو ته اسان جا ٻه همراهه پاس ٿي ويا، سجاد چانڊيو به افسوس جو اظهار ڪيو، منور ڊي ايس لکيو ته 33 وارا ايئن ئي پڙهائيندا،سنڌ جي سڀ کان وڏي University جي انٽري ٽيسٽ ۾ (11000) ويٺل اميدوارن مان (8000) فيل. سنڌ جو تعليمي معيار تمام ڪريل آھي. ٻئي پاسي حڪمران (politics) چمڪائڻ خاطر غير معياري استاد ڀرتي ڪري رھيا آھن (33/40 score). تعليم کاتي ۾ سياسي مداخلت بند ٿيڻ گھرجي. پنھنجي ووٽ خاطر سنڌ جي تعليم تي سمجھوتو نه ٿيڻ گھرجي. خالد ڀٽي لکيو ته ڪاپي ڪلچر آهي، ظهر چانڊيو لکيو ته فيس بوڪ تي ماما چاچا سئوٽن جي ھڻ وٺ ھوندي آھي اسانجي ڇوڪري A1 گريڊ کڻي اسانجي خاندان جو ڳاٽ اوچو ڪيو، عبدالرشيد سومرو لکيو ته وري چوندا ته 40 تي پاس ڪريو، اسان پنهنجي پيرن تي ايئن به ڪهاڙيون هڻندا آهيون، رفيع خاصخيلي لکيو ته بورڊن ۾ گريڊ رقمن سان ملندا ته ائين ئي ٿيندو، طارق بيگ مگسي لکيو ته پب جي جا اهي نتيجا آهن، امجد علي ڀٽو لکيو ته ھاء ڪلاس جي ڪاٽن هاءِ ڪلاس جو چشمو ھاء ڪلاس جو بوٽ پائي ايندڙ ٽيسٽ ۾ فيل ٿي ويا، فرحان رياض لکيو ته پاس گهڻا ٿيا آهن؟