اشو آف دي ڊي … سنڌي ۽ بلوچ پاڻ سان گڏ ڪراچي ۾ ڏوهه کڻي اچن ٿا … ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي بيان تي عوام جو ردعمل

0
265

 ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته سنڌي ۽ بلوچ اندروني سنڌ مان پاڻ سان گڏ ڪرائم به کڻي اچن ٿا، اهڙي ڳالهه بعد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مٿان سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي. ان حوالي سان سحر رضوي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي ماڻھن لاءِ ٻڌي وٺو هي ڇا ٿو چوي ته سنڌي ۽ بلوچ ڪراچي ۾ ڏوهه ڪن ٿا، جنهن تي شهناز راهو لکيو ته هنن کي شرم اچڻ گهرجي جو چون ٿا سنڌي ۽ بلوچ ڏوهه ڪن ٿا، روحل ڪالرو لکيو ته شرم ته ان حڪومت ۽ ان پارٽي کي اچڻ گهرجي جنهن اهڙي پريس ڪانفرنس ٻڌڻ کان پوءِ هن آفيسر کان پڇاڻو ناهي ڪيو. ھن وقت سنڌ جنهن الميي مان گذري پئي ان وقت به هي صاحب پوليس جي ٻولي پيو ڳالهائي. ساڳيو جڏهن ريٽائرڊ ٿي ويندو ته وڏو قومپرست ۽ انسان دوست ٿي شايد ڪتاب لکندو، عبدالوقار مهر مون پڪ سڄاتا پنھنجا ھا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾، راجا حسين لکيو ته هن وٽ ڪھڙو ثبوت آهي ته سنڌي ۽ بلوچ ڏوھن ۾ ملوث آھن، هي ڪير ٿيندو آهي سنڌين ۽ بلوچن کي ڏوهاري چوڻ وارو، عابد خان لکيو ته سنڌين ھميشه پنھنجي جان  ڏني سنڌي آفيسرن تي، فخر به ڪيو پر سنڌي آفيسر وري اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، صوفيه جوڻيجو لکيو ته اصل وڏا ڪرمنل ته هي پاڻ آهن، شائسته نظاماڻي لکيو ته مون سمجهيو هو ته ڪو چڱو آفيسر آهي، محمد خان سمون لکيو ته ڪراچي جا قبضي خور چاھن ٿا ته سنڌي ڪراچي ۾ نه ھجن،پير عبيد لکيو ته ڏوهاري رڳو سنڌي ۽ بلوچ؟ ھن وردي واري کان ڇو ٿو وسري ڌاريا جيڪي قتل ڪن ٿا دهشتگردي ڪن ٿا اهي نظر نٿا اچن، خان جتوئي لکيو ته ڪنھن به تريقي سان سنڌي قوم کي ڪراچي حيدرآباد کان دور رکڻ ٿا چاھين، شاهنواز سيال لکيو ته سنڌين جا ويري افغاني اسان جي پوليس آفيسرن جا ڀائر ٿي ويا آھن؟ ۽ ڏوھاري رڳو سنڌي پيا نظر اچن؟ جاويد اوڍو جھڙو چڱو پوليس آفيسر به وھڪري ۾ وھي ويو آھي، عبدالڪريم انڙ لکيو ته سنڌ حڪومت هن کي هٽائي،

نديم بليدي لکيو ته افغاني پٺاڻ تنھنجا ڀائر آھن باقي ڌرتي ڌڻي ڏوھاري آھن؟ رجب علي ڀٽو لکيو ته افغاني ڪراچي ۾ ڏوهه ڪري ٿو پر گرفتار نٿو ٿي ڇو جو افغان بستي ۾ وڃي رهي ٿو پوليس ويندي ڪونهي. حميره شمس شيخ، هاشم ميمڻ، ساگر عالماڻي،محمد اقبال حاجاڻو، بابل خان مگسي، زاهد حسين، احسن چنا، جاويد چانڊيو، احمد ميمڻ، رياض احمد سنائي، الطاف حسين، جاويد کوسو، راجا انور، صوفيه جوڻيجو، ظفر هڪڙو، سنڌو انڙ ڄام، رفيق حب، زاهد راڄپر، ڪامريڊ نظير قريشي، سڄڻ سنڌي، عبدالغفار چانڊيو، شهمير سومرو، نادر چانڊيو، ڊاڪٽر نظر،بشير احمد، فياض ڏاهري، تيمور خان، عبدالصمد مهر، ظهير لاشاري، اظهر شيخ، آغا راحيل عباس شيخ، اظهر شيخ، غلام رسول، سليم لاکو، سيد ممتاز علي شاهه، علي رضا، عبدالڪريم انڙ، ذنيشه زوني، غلام حسين شر، حزب الله شاهه، اظهار علي خاصخيلي، عرفان مگسي، محمد بخش، مظفر گوپانگ، عبدالقادر سنڌو، معشوق علي هاليپوٽو، راجا حسين، سرفراز مگسي، عبدالقادر سنڌو، حاجي امام بخش، اسامه چاچڙ،۽ ٻين به ايڊيشنل آءِ جي جي بيان جي مذمت ڪئي. ابوالحسين لطيفي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان کي اھا به خبر آھي ھن ملڪ جي نظام ۾ آءِ جي يا ايڊيشنل آءِ جي پوسٽ سرڪار سان وفاداري ۽ وقت جي حڪمرانن جي ساٿ سان ئي ماڻي سگهجي ٿي، جڏھن ته اسان ھر وقت اھو مطالبو ڪندا رھندا آھيون ته اسان جي ھر اعليٰ منصب تي ڪو سنڌي آفيسر ھجڻ گھرجي، پر اوھان کي چڱي ريت خبر ھجڻ گھرجي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ افغانين ۽ ٻين ڌارين جي وڌ ۾ وڌ آبادڪاري جو سبب وقت جا حڪمران ۽ سندن ڪرپٽ ڪامورا ئي رھيا آھن ‘ جنھن ۾ اھم ڪردار ٻين ادارن سان گڏ پوليس انتظاميا جي نااھلي جو رھيو آھي، جڏھن ته ڪجهه وقت ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس پاڻمرادي نوٽيس ۾ چئي چڪو آ ته ڪراچي بدامني ڪرائم ‘ مذھبي دھشتگردي ‘ سميت ھر قسم جي ڏوھن ۾ لکين افغاني ۽ ٻيا ڌاريا  آھن، پر سدائين ڪوشش رھي آھي ته سنڌ جي راڄڌاني  ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جي آبادڪاري ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي جڏھن ته ھي ايڊيشنل آءِ جي اوڍو ساڳي سوچ ۽ ان ئي اسڪرپٽ تحت پريس ڪانفرنس ۾ چئي رھيو آ ته ڪراچي ۾ افغاني برمي بنگالي وزيرستاني ۽ ٻيا ڌاريا اسان جا ڀائر آھن باقي اندرون سنڌ مان ايندڙ بلوچ ۽ سنڌي امن امان لاءِ خطرو آهن ۽ ڏوهن ۾ ملوث آهن، هاڻي ٻڌايو هنن جي هوندي ٻين لاءِ ڇا چئجي. عاقب علي لکيو ته ايڊيشنل آءِ جي جرت ڪئين ٿي جو بنا ڪنھن انويسٽيگيشن جي سنڌي ۽ بلوچ تي ڪرمنل جا الزام لڳايا،

منير مگسي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هنن کي افغاني، برمي بهاري ۽ ٻيا قبول آهن پر سنڌي ۽ بلوچ هنن جي اک ۾ ڪنڊو آهن، منصور سومرو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جو ايڊيشنل آءِ جي محترم اوڍو صاحب ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن جي باري ۾ فرمائي پيو ته ڏوهن تي واويلا نه ڪئي وڃي. ڪراچي جا واپاري ڏوهن تي واويلا مچائي شهر ۾ انويسٽمينٽ خراب ٿا ڪرن. مطلب ته ڪوئي به ڏوهه ٿئي يعني ماڻهو لٽجي وڃي، اغوا ٿئي، ڀاري هٿيارن سان حملو ٿئي، غير قانوني افغاني باشندا کلي عام شهرين تي حملا ڪن،ملڪ جي خلاف احتجاج ڪن ته ان جو ذڪر نه ڪيو وڃي، دانهون به نه ڪيون وڃن، ايف آئي آر به نه ڪٽرائي وڃي. هڪ ذميوار آفيسر جو اهڙو غير ذميوراڻو بيان آهي،

سرفرار علي شاهه وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي پوليس جو ايڊيشنل آءِ جي چوي ٿو ته پٺاڻ ۽ افغاني ھنن جا ڀائر آھن  باقي سنڌي ۽ بلوچ ڏوھاري آھن. سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي تي پرامن نه رھي ٿو سگهي نه ڪمائي ٿو سگهي سنڌين مٿان ھي ھڪ نفسياتي وار مسلط ڪئي وڃي پئي.