اشو آف دي ڊي … سنڌي ماڻهو پ پ کان بيزار ٿي پي ٽي آءِ ڏانهن وڃن پيا پر قومپرستن ڏانهن نه، ايئن ڇو؟: عوام جي راءِ

0
189

 سنڌي ماڻهو پ پ کان بيزار ٿي ڪري پي ٽي آءِ ڏانهن وڃن پيا پر قومپرستن ڏانهن نه، ايئن ڇو؟ اهڙي سوال تي سوشل ميڊيا تي مختلف ماڻهن پاران پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ويو، ان حوالي سان ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪئي ته پ پ کان بيزار ٿيل سنڌي ماڻھو پي ٽي آءِ جا ته ٿيڻ لاءِ تيار آھن پر قومپرستن ڏانھن اچڻ لاءِ نه !؟ اھو ڏوھه ماڻھن جي سمجھه جو آھي يا قومپرست سياست مان مايوسيءَ جو ؟ سنجيده راءِ ڏيو… جنهن تي حيدر سنڌي لکيو ته منهنجي خيال ۾ عمران خان بهتر آهي اسان جي قومپرستن کي به گهرجي ته عمران خان جو ساٿ ڏين، سڪندر صنم جهنڊيل لکيو ته اسان جي قومپرست ڌرين عوام جي بنيادي مسئلن تي ڪڏھن به ڪو تحرڪ نه ورتو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ننڍا فورم، ذات برادرين جا اتحاد ۽ اين جي اوز عوام کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جو وڏو ڪارڻ بڻيل آهي. جيستائين ڪابه پارٽي عوام جي بنيادي مسئلن تي آواز نٿي اٿاري ۽ عوام سان رابطي ۾ نه هجي ته پوءِ ڪجهه نتيجو اهڙو ئي ايندو.. گلزار ملاح لکيو ته ڪهڙا سنڌي ماڻهو پ پ پ مان بيزار ٿيا آھن؟ گهر ويٺي راشن جو ڪٽو ۽ عورتن کي ملندڙ پئسا ماڻهن کي  پ پ سان ڳنڍي رکيو آهي،  ابرار گل ڀاڳت لکيو ته قومپرست سياست جي جي مايوسي جوڳي حالت آهي، هيمون بچواڻي ڀيل لکيو ته ماڻهون به فائدو ڏسن ته قومپرستن ڏانهن اچن پ پ ۽ پي ٽي آءِ اقتداري سياست ڪندڙ پارٽيون آهن انهن ڪري مفاد ۾ هڪ کي ڇڏي ٻي پاسي وڃن ٿا ٻي ڳالهه ته ليڊرشپ جو به وڏو فقدان آهي، حسن علي بلوچ لکيو ته قومپرستن جي ننڍن ننڍن ورڪرن کي اسان پاڻ ٿا ڏسون ته اھي مبينا ڀتا خوري ٿا ڪن. انھي جي لاءِ عوام وڏن قومپرستن کان به ڊڄن ٿا، عباس ٻرڙو لکيو ته قومپرست سياست وٽ ڪو مضبوط ويزن متحرڪ تنظيم ناهيم اڪثر ڌريون انا ۾ ورتل آهن، عمر فراز لکيو ته قومپرست سدائين ناڪام ٿيندا آهن، علي مجتبيٰ سنگراسي لکيو ته قومپرست پنهنجي سياسي قبلو درست ڪن، جاويد راڄپر لکيو ته هڪڙن تي بي اعتمادي ٻين کان بيزاري اهو سبب آهي، محمد انور تنيو لکيو ته سنڌي سياستدان سنڌي عوام سان سچو ناهي عوام سچو آهي، امداد بلوچ لکيو ته قوم ھڪ آهي قومپرست پارٽيون گھڻيون آھن ڪنھن ڏانھن وڃجي. ھيترا ھاڃا ٿين پيا قومپرست ليڊرن ۾ ايترو شعور به ناھي جو ھڪ ٻه ڪامن ايجنڊا تي پاڻ ۾ گڏ ٿين،رفيق سومرو لکيو ته قومپرست بي وقتن فيصلن جي ڪري ناڪام ٿي رھيا آھن جيڪو قوم جي جذبن ۽ نفسيات کي سمجھندو اھو ئي ڪامياب ويندو، باقي پي ٽي آءِ کي ترجيح ڏيندڙ سنڌي سنڌ سان دشمني ڪري رھيا آھن، ڪامريڊ زاهد مورائي لکيو ته قومپرستن کي خود قومپرستي نٿي اچي جنھن کي اچي ٿي انھن سان سڀ سنڌي سڏ ۾ سڏ ڏيندا ھئا جنھن جو مثال بشير خان قريشي ھو، ثناءُالله شر لکيو ته قومپرستن وٽ آهي ڇا جو عوام انهن ڏانهن متوجهه ٿئي، انهن کي پارلياماني سياست ڪرڻي ناهي، حالانڪه قومپرستن وٽ بهترين آپشن آهي ته هو پيپلزپارٽي جي تباهي ۽ بيڊ گورننس جو فائدو وٺي عوام سان گڏ بيهن ۽ ٽيهارو گروپ ختم ڪري ڪنهن هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين. معراج خاصخيلي لکيو ته قومپرستن جي ڪڍ لڳي پنهنجو وقت زيان نه ڪيو وڃي، مير حسن لکيو ته سياست ۾ غريب عوام جو نقصان ٿيندو آهي، ظفر کوسو لکيو ته قومپرستن کان پوءِ وڃي ٻڪريون چارين ڀلو اٿن، عبدالسبحان سنڌي لکيو ته ماڻھن کي قومپرستي خلاف ڀڙڪايو ويو آهي ۽ سمجهايو ويو آھي، امان الله سومرو لکيو ته ماڻهون لالچ جي پٺ لڳل آهن قومپرست تيستائين مضبوظ نٿا ٿي سگهن جيستائين عوام کين سٺي موٽ نٿي ڏئي، برڪت بادشاهه لکيو ته قومپرستن ۾ هڪ انا آھي ٻيو ته قومي مفاد لاءِ به الڳ الڳ رستي ته بيٺل آھن غريب ته آھي ئي سورن ۾ انهن ته ڪھڙي ميار، زبير سومرو لکيو ته قومپرست سياست بنيادي طور نظرياتي سياست آھي ڪنهن به سنڌ خلاف اشو تي ماڻھو ساڻن گڏ هجڻ باوجود ڄڻ ته ساڻن گڏ ان ڪري به ناهن هوندا جو هو اليڪشن کان پري ٿا هجن، ووٽ وٺڻ ۽ هڪ ڊگهي عوامي رابطي ۽ واسطي بعد ممڪن ٿئي ٿو جيڪو مروج قومپرست سياست ۾ ممڪن ڪونهي، سنڌ جي حقن جي ڳالهه ۽ سنڌين جي روز جي ٿاڻن آفيسن ٻڌين ڇوڙين ۾ وڏو فرق آهي جيڪي عملي سياست سان حل ڪري سگهجن ٿا، گلشن بجاراڻي لکيو ته قومپرستن کي ماڻهو غلط سمجهن ٿا، احمد بشير نوناري لکيو ته سياسي شعور جي کوٽ آهي ۽ قومپرست قيادت جي غيرسنجيدگي آهي، ابراهيم خليل لکيو ته قومپرست سياست هميشه پاڪ دامن رهي آهي، قومپرست هميشه سنڌي سماج سان گڏ بيٺل هجن ٿا باقي پ پ ۽ پ ٽي آءِ ۾ ايندڙ ويندڙ برياني جا شوقين آهن، فقير غلام علي لکيو ته قومپرست تي غلط الزام لڳندا رهندا آهن، انجنيئر قطب جتوئي لکيو ته قومپرست ڌرين جي غير سنجيدگي جي ڪري، عرفان سرڪي لکيو ته مايوسي، فضل الرحمان سومرو لکيو ته آخري آپشن راشد محمود سومرو آهي، اورنگزيب شيخ لکيو ته هتي هر ڪو ذاتي مفادن لاءِ حاصلات لاءِ اقتداري پارٽين ۾ وڃي ٿو انهن کي ڪهڙو لاچار ته گرمين سردين ۾ روڊ رستن تي نڪرن، باقي قومپرستن مان بس اسان خراب آھيون ۽ هي مفاد پرست ذھنن وارا کير مان ڌوتل آھن؟ عرفان سولنگي لکيوته ڪافي ماڻھن جي سوچ آھي ته قومپرست پارلياماني پارٽي هڪ هجڻ گهرجي ته ڪاميابي پري ناهي، ماڻھو مونجهاري جو شڪار ٿي ويا آھن ته ڪهڙو اڳواڻ صحيح آهي ۽ منزل تي پڄي سگهندو، سائين بخش بنگلاڻي لکيو ته اڄڪلهه جا قومپرستن جون ڪڏهن نواز ليگ ته ڪڏهن پي ٽي آءِ سان ويجهڙايون وڌائي پ پ جي مخالفت ڪري رهيا آهن، صرف پنهنجي مقصدن لاءِ ايئن ڪن ٿا، قومپرستي مفاد پرستي ٿي وئي آهي، شفيع محمد ميمڻ لکيو ته اھي سنڌي ماڻهو پاور جا پوئلڳ آهن، امداد حسين سومرو لکيو ته پئسن جو ڪمال آهي، بشير احمد راڄپر لکيو ته قومپرست اڳواڻ عام ماڻهو تائين پڄي ئي ڪو نه ٿو، سيده شاهه لکيو ته مايوسي، عبدالستار عباسي لکيو ته قوم پرست سياستدان صرف اليڪشن ۾ ئي جاڳندا آهن باقي مڙئي سڀني ڏي خير، فهيم مغيري لکيو ته قومپرست اڳواڻن جي دوکي جي ڪري عوام مايوس آهي، آغا وقار به راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالله سولنگي لکيو ته سنڌ جي ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏين ته عوام قومپرستن سان گڏ هوندو، اختر علي چنا لکيو ته وڏو الميو آهي، مختيار سهتو لکيو ته قومپرست طرف وڃڻ ماڻهن ۾ خوف آهي پي ٽي آءِوري به جمهوري پارٽي آهي، نواز حميد ڦل لکيو ته نھ قوم پرست سياست کان بيزاري آھي نھ ئي اڻڄاڻائي، ھن وقت بھ جيڪا قوم پرست سياست جي ٿوري گھڻي چرپر آھي، سا بھ پاڻمرادو ناھي بلڪ بني گالا جي آشيرواد سان آھي، اڳتي مسلم ليگ جي آشيرواد سان ھلندي، جي مصطفيٰ حاجاڻو لکيو ته برابر، مصطفيٰ مهر، عزيز کوسو لکيو ته سنجيده ۽ خطرناڪ سوال آهي محمد خان راڄپر لکيو ته مسئلو اھيو آھي ته قومپرستن جي جلسن جلوسن ۾ عام سنڌي ان لا نٿو وڃي نه وري ان پارٽي ۾ وڃي ٿو صرف ان لا ته اتي رياست جي خلاف نعرا به لڳندا، خان محمد سولنگي لکيو ته جيڪو به جي ايم سيد جي فڪر تي ناهي اهو قومپرست ناهي، اصغر آزاد لکيو ته انهن ئي ماڻهن تي جڏهن ڏنڊو هلندو آهي ته، دانهون ڪندي نظر ايندا آهن ته… ڪٿي آهن قومپرست ڇو نه ٿا نڪرن ٻاهر، غلام مصطفيٰ وڙائچ لکيو ته ٻـ ڳالهيون آهن ھڪ تـ قومپرست پارٽين کي اقتدار جو آسرو ڪونهي جو ماڻهوَ ان ۾ شامل ٿين ٻيو تـ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن کي جبري گم ڪيو ٿو وڃي، عارف حسين سومرو لکيو ته سياست سان ڪنهن کي دلچسپي ناھي رھي درحقيقت ھر ڪو پنهنجي مفاد خاطر پيو ھلي. امتياز جمالي، سحر عبدالحميد به راءِ جو اظهار ڪيو،  مير جي نبي، لکيو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم کي موجوده قومپرستن توڙي پارلياماني پارٽين تباهي جي ڪناري آندو آهي، هاشم ميربحر لکيو ته سنڌي ماڻھن کي اھي سياستدان پسند آھن جيڪي پاڪستان تي حڪومت ڪن، قوم پرستن کي ووٽ ڏيندا ته اھي رڳو سنڌ تي حڪومت ڪندا ، هيمون ڀيل لکيو ته ماڻهون به فائدو ڏسن ته قومپرستن ڏانهن اچن، پروفيسر مشتاق پريم حسيني به راءِ جو اظهار ڪيو، شان سنڌو لکيو ته ڀوتارڪو نظام سنڌ ۾ تمام تيزي سان ڪم پيو ڪري، دايو عزير احمد، الطاف جتوئي، عاقب لغاري، عبدالحليم، همدرد، محمد نواز ملاح، شهزاد مگسي، محمد جمن جت، حاجي اڪبر، حزب الله سومرو، عبدالجبار، نواز علي بروهي، عبدالحق ٻگهيو، مير مرتضيٰ ٽالپر، راجا اختر علي، دوست علي شر، شاهه زمان، وارث علي، ارشاد سومرو، ڀليڏنو خشڪ، ڄام علي چنا، نظير سومرو ۽ ٻين به راءِ جو اظهار ڪيو.