اشو آف دي ڊي … سانگھڙ، برهمڻ آباد، شهدادپور، شاهپور چاڪر، ٽنڊوآدم جي تاريخ، ضلعي جا مشهور سياستدان، سماجي اڳواڻ، صحافي: مختلف محققن جي تحقيق جو وچور

0
215

(حصو ٻيو)

 سانگهڙ شهر ٽالپرن جي آخري دؤر (1840ع کان 1843ع) ۾ هڪ ڳوٺ هو، منجهس مهاڻا رهندا هئا ۽ ’سنگهار‘ سڏبو هو. 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي بعد مير شير محمد، شهدادپور واري ايراضيءَ ۾ شاهپور ويجهو ’ڪونهيريءَ‘ وٽ انگريزن سان جنگ وڙهيو، پر کيس شڪست ملي. انگريزن جي دؤر ۾ سانگهڙ ضلعو ڌارين حڪمرانن خلاف مزاحمتي تحريڪ جو وڏو مرڪز رهيو. حرن، انگريزن خلاف گوريلا ويڙهه ڪئي، حُر تحريڪ ’سيد احمد شهيد‘ ۽ ’پير صبغت الله شاهه اول‘ جي ملاقات کانپوءِ وجود ۾ آئي. جڏهن سيد احمد شهيد 1826ع ۾ راجسٿان رستي کان سنڌ ۾ حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن سان مدد لاءِ مليو، پر کيس ڪا موٽ نه ملي، جنهن بعد هن جي پير ڳوٺ ۾ پير پاڳاري صبغت الله شاهه اول سان ملاقات ٿي، جنهن کيس 600 مجاهدن جو لشڪر مدد طور ڏنو، انهن کي پير صاحب ’احرار‘ جو نالو ڏنو. ان جٿي ۾ سانگهڙ جا ڪيترائي حُر به شامل هئا. احمد شاهه ۽ حُر تحريڪ جا ڪيترائي سپاهي سکن خلاف وڙهندي ’بالاڪوٽ‘ مقام وٽ شهيد ٿيا.1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن پير صاحب پاڳاري جي حرن پاڻ کي منظم ڪيو. انگريز، احمد شاهه شهيد جي پاڳاري پاران مدد ڪرڻ ڪري سبب شاڪي هئا ۽ کين ڊپ هو ته پير صاحب جي جماعت ڪٿي بغاوت نه ڪري. ان ڪري انگريزن، پاڳاري خاندان ۽ حُر جماعت تي ڪڙي نظر رکي. ٻئي طرف حرن به انگريزن خلاف جدوجهد ڪئي، جنهن ڪري ڪيترن ئي حرن خلاف ڪوڙا وارنٽ ڪڍيا ويا ۽ کين تنگ ڪيو ويو. حُرن، انگريزن کان بغاوت ڪندي ’مکي ڍنڍ‘ ۾ پنهنجو هيڊڪوارٽر قائم ڪيو ۽ حڪومت خلاف ڪارروايون ڪيون. ’بچو بادشاهه‘، ’پيرو وزير‘ ۽ ’گلو گورنر‘ انگريزن خلاف ’حر حڪومت‘ قائم ڪئي. انهن جي ’بادشاهي‘ گهڻو مشهور آهي. مشهور ٻارهن ٻهروٽيا، جن جو حر تحريڪ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي، انهن جو مختصر ذڪر هتي پيش ڪجي ٿو:•  بچو پٽ وريام خاصخيلي، ويٺل ’مٺڙائو‘، تعلقي سانگهڙ جو هو. جيئن ته هي پهريون حر فقير هو، تنهن ڪري حرن کيس پنهنجو اڳواڻ مقرر ڪري ’بادشاهه‘ جو لقب ڏنو، جيڪو پوءِ ’بچو بادشاهه‘ جي نالي سان سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو. 1898ع ۾ پيش پيو. ميرپورخاص جي اسپيشل جج ’هارٽ ڊيويز‘ مقدمو هلائي، عيسيٰ ڏاهريءَ سان گڏ کيس ڦاهي ڏني.•  پيرو پٽ صالح فقير وساڻ، ويٺل ’ڪنڊو‘ تعلقي سنجهوري جو هو. 1898ع ۾ ’جهوڙي لئي‘ واري مقام تي، ’ليوڪس‘ سان وڙهندي مارجي ويو.•  تڳيو پٽ دوسو چانگ، ويٺل ڳوٺ ’سماٿري‘ تعلقي سانگهڙ جو هو، جيڪو پڻ 1898ع ۾ ’جهوڙي لئي‘ وٽ ’ ليوڪس‘ سان وڙهندي شهيد ٿيو.•  گلو پٽ پريو موچي، ويٺل ڳوٺ ’نظاماڻي‘ تعلقي سانگهڙ جو هو، جيڪو ’جهوڙي لئي‘ وٽ ’ ليوڪس‘ سان وڙهندي مارجي ويو.  ڀلو پٽ گلو ڳاهو، ويٺل ڳوٺ ’موجن‘ تعلقي خيرپور جو هو. مکيءَ وٽ غلام محمد جي گهٽ جي پريان ٽڪنڊي وٽ پنهنجن ٻن ساٿين: مصري ڳاهي ۽ عثمان هنڱوري سان گڏ ’ليوڪس‘ سان وڙهندي مارجي ويو. مصري پٽ خانڻ ڳاهو، ويٺل ڳوٺ ’بحر واهه‘ تعلقي شهدادپور جو هو. مکيءَ وٽ غلام محمد جي گهٽ جي پريان، ٽڪنڊي وٽ، ’ليوڪس‘ سان وڙهندي مارجي ويو.  عثمان پٽ ملوڪ هنڱورو، ويٺل ڳوٺ ’ڇرائو‘ تعلقي ٽنڊي الهيار جو هو، جيڪو پڻ ’ليوڪس‘ سان وڙهندي مکيءَ وٽ مارجي ويو.  عيسو ڏاهري، هالن واري ٿاڻي تي پيش پيو، جتان ’ليوڪس‘ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن کيس مقدمو هلائي ’بچو بادشاهه‘ سان گڏ ڦاسي ڏيارائي.  خميسو پٽ سچل وساڻ، ويٺل ڳوٺ ’باکوڙو‘، تعلقي سانگهڙ جو هو، جيڪو گم ٿي ويو.  سومار ڳاهو، پير صاحب جي انهيءَ نوڪر کي مارڻ ويو، جنهن پير صاحب طرفان حرن کي انگريزن وٽ پيش پوڻ جو اعلان ڪيو هو، پر پاڻ مارجي ويو.•  ڦتلو، سومار ڳاهي سان گڏ مارجي ويو.•  راڻو وساڻ، ويٺل ڳوٺ ’باکوڙو‘ تعلقي سانگهڙ جو هو. مرشد جي حڪم موجب پيش پيو، جنهن کي ست سال ٽيپ ڏئي ’ڪاري پاڻي‘ موڪليو ويو.حڪومت حرن مٿان قانون ٽوڙڻ جا ڪيس داخل ڪري، جولاسنگهه جي اڳواڻيءَ ۾ خاص پوليس جو جٿو موڪليو، پر حرن کيس قتل ڪري ڇڏيو. 1921ع ۾ پير پاڳارو صبغت الله شاهه ثاني (عرف سورهيه بادشاهه) گادي نشين ٿيو ۽ هن انگريزن خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو.هن ضلعي ۾ ڪيترا تاريخي ماڳ مڪان آهن. تاريخ کان اڳ جي دور جا ڪجهه قديم دڙا، ديهه ماڙي سبڙ ۾ نواز ڏاهري ريلوي اسٽيشن لڳ موجود آهن، جيڪي هن وقت زرعي آباديءَ هيٺ اچي چڪا آهن، انهن مان هڪ دڙو 300 سؤ فوٽ ڊگهو ۽ 200 سؤ فوٽ ويڪرو آهي، جتي سرون ۽ ٺڪراٺو پکڙيل آهي، اتان ڳاڙهين ٺڪرين تي ڪاري رنگ جي استعمال جا نمونا ۽ هڪ ڍڳي جي شڪل وارو رانديڪو به مليو آهي، جيڪي ’موهن جي دڙي‘ ۽ ’هڙپا‘ جي تهذيب سان هڪجهڙائي رکن ٿا. ان کانسواءِ پوءِ واري دؤر جون ڪيتريون تاريخي جايون، مقبرا، قديم آثار ۽ درياهي وهڪرا ملن ٿا، جن مان ’دلور جا دڙا‘ تعلقي سنجهوري ۾ ٽنڊي آدم جهول روڊ تي، جمڙائو ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي آهن. 1854ع ۾ مسٽر اي. ايف. بيلاسس ۽ سي. ڊبليو رچرڊسن هنن آثارن جي کوٽائي ڪئي، سندن خيال موجب هي شهر ’برهمڻ آباد‘ هو، جيڪو قلعي بند هو. هي هڪ واپاري شهر هو، جنهن ۾ مختلف قسمن جا دڪان ۽ فوجين جي رهڻ جون بيرڪون هيون، شهر اٽڪل چئن ميلن ۾ پکڙيل هو. 1871ع ۾ اليگزينڊر ڪننگهام هن ماڳ کي جاچيو، جنهن پڻ هن هنڌ کي ’برهمڻ آباد‘ ۽ ’منصوره‘ سان تعبير ڪيو. 1892ع ۾ ’راورٽي‘ پنهنجي ڪتاب ’مهراڻ آف سنڌ‘ ۾ ’مجعمل التواريخ‘ جي نظريي جي حمايت ڪئي، جنهن موجب ايران جي بادشاهه ’بهمن‘ سنڌ جي ٻُڌ پرڳڻي جو علائقو قبضي هيٺ آڻي ’بهمن آباد‘ جي نالي سان آباد ڪيو. اڪثر محقق هن نظريي جي حمايت ڪن ٿا ته هي آثار ’بهمن آباد‘ جا آهن، جنهن کي پوءِ ’برهمڻ آباد‘ سڏيو ويو. 1962ع کان 1965ع جي وچ ڌاري پاڪستان جي آثار قديمه جي ڊائريڪٽر ايف. اي. خان کوٽائي ڪندي هنن دڙن کي عربن جي شهر ’منصوره‘ جا آثار سڏيو. جنرل هيگ 1884ع ۾ هنن آثارن کي ’برهمڻ آباد‘ شهر سڏيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هنن آثارن کي ’برهمڻ آباد‘ مڃي ٿو.کپري تعلقي ۾ شهر کپري کان 10 ميل اوڀر نارا ڪئنال جي کاپي ڪپ تي ’رتوڪوٽ‘ جا دڙا آهن، جتي ٺڪراٺو جام پکڙيل آهي، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا، چاندي جا ڳهه، شيشي جا ٽڪر، مٽي ۽ پٿر مان ٺهيل ماڻهن جي شڪلين جا ٽڪرا مليا آهن.شهدادپور کان ست ميل اولهه ڳوٺ ڀڙي سان لڳ روهڙي ڪئنال جي ڪپ تي ’سون چڙي جو ڀڙو‘ آهي، جيڪو چئن ايڪڙن تي 20 کان 25 فوٽ مٿاهينءَ تي آهي. مٿس ڪجهه قبرون ۽ ٺڪراٺو موجود آهي. شهدادپور شهر ۾ ’سهڻيءَ ۽ ميهار‘ جا مقبرا ڌار ڌار جاين تي موجود آهن. سهڻيءَ جو مقبرو شهدادپور شهر کان ٻاهران ۽ ميهار جو مقبرو شهر جي وچ ۾ آهي. ٽنڊي آدم کان چار ميل اولهه اتر طرف ’سئي ڪندر‘ جو مقام آهي، جيڪو ستين صدي هجريءَ جو ٻُڌايو وڃي ٿو. عالمن هن قبرستان کي ترخان دؤر کان پوءِ جو سڏيو آهي. هن قبرستان ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻن ڀائرن جون قبرون به ٻُڌايون وڃن ٿيون. ٽنڊي آدم تعلقي ۾ ديهه احدي جوڻيجي ۾ سنڌوءَ جي پراڻي وهڪري لهاڻي ڍوري جي ڪپ تي اٽڪل چئن ايڪڙن تي مشتمل 5 کان 6 فوٽ اوچو دڙو واقع آهي، جيڪو ’احديءَ جو دڙو‘ سڏجي ٿو.شهدادپور کان ٽي ميل ڏکڻ طرف ٽنڊي آدم روڊ تي لهاڻي ڍوري جي ڪنڌيءَ تي ٻه دڙا ۽ هڪ قبو موجود آهي، جن کي ’قبه يگان‘ سڏيو وڃي ٿو. شاهپور چاڪر کان 4 ميل اتر، اولهه طرف ’سدا واهه‘ جي ساڄي ڪپ تي ميرن جو خانداني قبرستان آهي، جيڪو شهدادپور جو بنياد وجهندڙ ’مير شهداد خان‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. هي قبرستان 16 ايڪڙن تي مشتمل آهي، منجهس 3 مسجدون ۽ ڪيترائي قبا اڏيل آهن. شاهپور چاڪر جي ڀرسان ڪوٽ چاڪر خان ٽالپر جا نشان موجود آهن. هي ڪوٽ مير شهداد خان ٽالپر جي پٽ ’مير چاڪر خان‘ ٻارهين صدي هجريءَ ۾ هڪ ميل پکيڙ ۾ ٺهرايو هو، جيڪو ڪچو هو ۽ ان کي ’ڪوٽ چاڪر‘ سڏيو ويو. تعلقي سنجهوري ۾ جهول کان 2 ميل ڏکڻ طرف ’ڪوٽ بجر‘ جا نشان به ملن ٿا.کپري کان 5 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف کاڻي واري روڊ تي خان مري’>آدم خان مري جو قبو آهي. خان مري’>آدم خان مري شهر ٽنڊي آدم جو بنياد وڌو هو. انهن قديم آثارن کانسواءِ ’سمير جو دڙو‘، ’طلاءَ شاهه‘، ’ڪاڪ جا دڙا‘، ’باکوڙي لڳ ڀڙو‘، ’ڄامان جون مسجدون‘، ’ميهارڪو ڀڙو‘، ’اوڏ جي قبر‘، ’ڪونرؤ جون ماڙيون‘، ’راڻڪ ڏهر‘، ’شهڪ مري مسجد‘ ۽ کپري کان 20 ميل ڏکڻ طرف، ڦلهڏيون لڳ مٺي فقير جو دڙو ’ڍير مٺو فقير‘ به موجود آهي. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي قبا ۽ دڙا هن ضلعي جي تاريخي ورثي ۾ شامل آهن. سنڌ جو هيءُ علائقو ڪنهن دؤر ۾ ’لوهاڻي‘ پرڳڻي جي حيثيت سان مشهور هو.علم ادب: ٻاهرين سياحن ۽ تاريخدانن جي ڪتابن ۾ پتو پوي ٿو ته عربن جي دؤر ۾ ’منصوره‘ شهر علم و ادب جو مرڪز هو. هتي سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. قاضي ابو محمد منصوريءَ جي هڪ وڏي درسگاهه هوندي هئي. ابن حوقل لکي ٿو ته، ”منصوره ۽ ان جي آسپاس سنڌي ۽ عربي ڳالهائي ويندي هئي.“ ان دؤر ۾ سنڌي ٻولي جي لکت لاءِ ڏکڻ سنڌ ۾ کاري تائين ’مالو شائو‘ نالي رسم الخط (’مالواڙي‘) استعمال ٿيندو هو. بهمنوا (منصوره) ۾’سئنڌو‘ رسم الخط استعمال ٿيندو هو. ان وقت منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر هباريءَ، ڪشمير جي هڪ راجا ڏانهن اسلامي عقيدن بابت ڪتاب لکائي موڪليو. هڪ سنڌي ڄاڻندڙ عالم قرآن مجيد جو پهريون سنڌي ترجمو به ڪيو.

سياست جي حوالي سان اڳوڻو وزيراعظم پرويز اشرف’>راجا پرويز اشرف، سانگهڙ ۾ ڄائو. سانگهڙ ضلعي مان ڄام خاندان، راشدي، راڄڙ، نظاماڻي، مري، ٿهيم، وساڻ، جوڻيجا ۽ ٻيا مشهور رهيا. ڄام صادق علي، سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو. شازيه مري ۽ عبدالسلام ٿهيم صوبائي وزير رهيا. شاهنواز جوڻيجو ۽ حاجي خدا بخش راڄڙ وفاقي وزير رهيا. موجوده سياستدانن ۾ شازيه عطا مري، شاهد ٿهيم، ڄام مدد علي، فدا حسين ڏيرو، راڻا عبدالستار ۽ سرفراز راڄڙ سياسي طور شهرت رکن ٿا. علي محمد مري، شمس الدين راڄڙ، انور عادل هڱورو، ماهي خان وساڻ، امام الدين شوقين ۽ افتخار احمد مختلف دورن ۾ ڪامياب ٿي اسيمبلين تائين پهتا. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ حاجي خدابخش نظاماڻي، قاضي فيض محمد راڄڙ، ڄام صادق علي (وزيراعليٰ)، عطا محمد مري (ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي)، ڄام معشوق علي ۽ مير محمد وساڻ صوبائي اسيمبلين ۾ چونڊجي آيا هئا. 2013ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تي مسلم ليگ (فنڪشنل) جا اميدوار: پير صدرالدين شاهه راشدي، پير بخش جوڻيجو ۽ امام الدين شوقين، صوبائي اسيمبليءَ جي ٻن سيٽن تي پ پ پ جا اميدوار: فراز ڏيرو ۽ شاهد سلام ٿهيم ڪامياب ٿيا. هن وقت روشن جوڻيجو، نويد ڏيرو، شازيه عطا مري قومي اسيمبلي ۽ شاهد ٿهيم، علي غلام نظاماڻي، فداحسين ڏيرو، رانا عبدالستار، شمس الدين راڄڙ ۽ ڄام شبير صوبائي اسيمبلي جا ميمبر آهن.سانگهڙ ضلعي ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن، جن ۾ فقير غلام الله لغاري (1838ع کان 1885ع)، پير حسن بخش جيلاني ڊٺڙي وارو (1845ع کان 1900ع)، خليفو ڇٽو درس پلي (1858ع کان 1910ع)، حاڪم فقير مري (1865ع کان 1927ع)، منٺار فقير راڄڙ (1865ع کان 1933ع)، الهڏنو فقير ماڇي، عليم فقير درس، پرسرام ضيا، قائم فقير ماڇي، وحدت فقير نقرچ، حاجي عمر مري، حاجي محمد خان مري، ٻاجهي فقير لغاري، شاهنواز شاهه ’عارف الموليٰ‘، فقير يار محمد مري، فقير ولي بخش راڄڙ، صادق ڀنڀرو، سيد سمن شاهه، ميوو خان ’موج‘ لغاري، امير بخش مري، بچو خان مري، سرفراز راڄڙ، عاجز اڄڻ، منور سلطانه، سلطانه وقاصي، الهواريو بهڻ اداسي، محمد دائود ڀٽو، عاجز منگي، بخشڻ مهراڻوي، معصوم سانگهڙائي، عزيز گوپانگ، عزيز جان بلوچ، نور چاڪراڻي ۽ صابر مهر قابل ذڪر آهن. جڳ مشهور عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، تعلقي سنجهوري جي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ جنم ورتو. استاد لغاري، خليفو محمد امين پلي، مولانا عبدالله لغاري، عبدالله خان ورياهه، گل محمد گلاڻي، پروفيسر نعيم نقوي، محمد ابراهيم ڪنڀر، حبيب الله ملوکاڻي، سيد محسن علي شاهه بخاري، محمد اسماعيل احمداڻي، جمال رند، الهورايو اداسي، ڪهاڻيڪار آفتاب نظاماڻي، ڊاڪٽر عاشق حسين بدوي، ملهار فقير، منٺار فقير خاصخيلي، حاجي محمد رحيم ڪنڀار، مفتي عبدالقادر لغاري، عبدالرشيد لغاري، امير بخش شر، رمضان راهي، مير محـمد نظاماڻي، اسـتاد نظاماڻي، امر لغاري، مبين وساڻ، گل حسن گل لاکو، ساگر ڏهراج، دودو پهنور، حسن وساڻ، حڪيم امام بخش مڱريو، رضا ڏاهري، عاشق سـولنگي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.سانگهڙ جي سگهڙن ۾ لعلڻ خان لغاري، احمد خان مري، خان محمد ڪيريو، رئيس جاڙو خان مري، استاد بخشو شر، لونگ فقير جوکيو، مريد مري، صاحب خان ڪوش، محمد صادق ٿهيم، الهڏنو سولنگي، شير محمد لغاري، الهرکيو ڪلوئي، خان محمد جهلوجو، محمود شيخ، ٻيڙو شر، فيض محمد پڃارو، صوف شر، مير حجم، عبدالله ڪنڀار، امام بخش سنجراڻي، سڪيلڌو سنجراڻي، غلام محمد ڇٽو، بولو ڪيريو، حاجي ميوو رند، حاجي مينهون لغاري، مورڻ جلالاڻي، نبن ڏيٿو، چاندي فقير چانڊيو، ستابو خاصخيلي، واسو فقير ڏاهري، صادق ڏاهري، ميهر علي مري، يامين ڪيريو، عارف چانڊيو، هاشم ڪنڀار، حاجي عابد لغاري، فقير دين محمد ڪنڀار، ربنواز هڱورو، عبداللطيف لغاري، علي نواز لغاري، گهنور ڏيٿو، حاجي گهمٽ ۽ نورالدين بروهي شامل آهن.

سانگهڙ ضلعي ۾ اڻاوت جو ڪم شاندار نموني جو ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٽُڪ، ڀرت، آر ۽ ڇُر جو ڪم مشهور آهي. ان کانسواءِ هتي سٺيون رليون، کٿا، اجرڪ ۽ کيس به ٺهن ٿا. هنا ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ سانگهڙ جي ڪاريگرن جا ٺهيل سڄي ملڪ ۾ سٺي ساک رکن ٿا. جُتين تي مڙهه جو ڪم هتان جا ميگهواڙ تمام بهتر ڪن ٿا. سانگهڙ ۽ شهدادپور ۾ جديد دستڪاريءَ جا اسڪول پڻ قائم ٿيل آهن. ضلعي جي ڇهن ئي تعلقن ۾ لوهارڪو ۽ واڍڪو ڪم تمام سٺو ٿيندو آهي. کپري جي لوهارن جون ٺاهيل ڪوڏرون ۽ هڱورني جون ڪهاڙيون سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهن. هتان جا ماڻهو چوپايو مال جام پاليندا آهن. سٺي نسل جون سنڌي ٻڪريون به هن خطي جي مشهوري آهن. هتان جي ماڻهن جي خاص ڪرت ٻني ٻارو آهي. سنڌ ۾ ڪپهه جي مجموعي پيداوار جو اٽڪل ڇهون حصو ۽ ڪمند جي مجموعي پيداوار جو اٽڪل نائون حصو هيءُ ضلعو ڏئي ٿو. ضلعي ۾ ٿيندڙ ميون ۾ انب ۽ ڪيلو وڌيڪ ٿئي ٿو. تعلقي سانگهڙ ۽ تعلقي کپري ۾ ڪيترائي ٻيلا آهن، جن مان عمارتي ڪاٺ، ٻارڻ جون ڪاٺيون، مال جي چارڻ لاءِ پلڙا، ٽاري، کونئر، لاک ۽ ماکي ملي ٿي. کپري تعلقي ۾ ڪيتريون لوڻ جون کاڻيون آهن. هتي ڪافي تعداد ۾ ڪارخانا آهن. ٽنڊي آدم تعلقي ۾ 1955ع کان ڪپڙي جو ڪارخانو هلي رهيو آهي، جتي وڏي تعداد ۾ علائقي جا ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. ٽنڊي آدم جي فيصل فلور مل تمام وڏي ۽ جديد مشينن واري آهي، جتي روزاني 150 ٽن ان پيهجي ٿو. ان کانسواءِ ’احسن ڊرگس ڪمپنيءَ‘ نالي سان دوائن جو ڪارخانو آهي’پاڪستان ٽنڊو آدم بون ملز‘ نالي سان هڏن جي مِل آهي، جتان هڏن جو پائوڊر ڪافي دوائن ۽ پولٽري فارمن لاءِ فراهم ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ٽنڊي آدم ۾ ماچيس ٺاهڻ جون فيڪٽريون، تيل جا ڪارخانا، صابڻ ۽ برف جا ڪارخانا آهن. سڄي ضلعي ۾ تيل ۽ برف جا ڪارخانا ۽ سرن جا بٺا آهن، جن ذريعي لکين ماڻهو روزگار ڪن ٿا.سانگهڙ ضلعو صحافت جي حوالي سان به اڳڀرو رهيو آهي، جڏهن سانگهڙ اڃا ضلعو ڪونه ٿيو هو، ان وقت کان نوابشاهه مان ڪيترا هندو صحافي اخبارون ڪڍندا هئا، جن مان سيٺ تلوڪچند هفتيوار ’هند سماچار‘ اخبار، غلام شبير ملتاني هفتيوار اخبار ’پرواز‘ٽن ٻولين (سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ) ۾ ڪڍندو هو. 1954ع ۾ خان غازي ٽنڊي آدم مان هفتيوار اردو اخبار ’جمهور‘ جاري ڪئي، ان بعد 1953ع کان 1954ع ڌاري فقير محمد رحيم مهر، سانگهڙ مان ’الفقراءَ‘ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪئي. 1971ع ڌاري فقير محمد رحيم سانگهڙ ۾ پنهنجي پريس قائم ڪري اخبار کي ٽه روزه ڪيو. شهدادپور ۾ ڪامريڊ شوڪت پنهنجي نالي پٺيان ’شوڪت نيوز سروس‘ جاري ڪئي. حڪيم حبيب الحسن بدايوني پنهنجي نالي قائم ڪيل ليٿو پريس مان هفتيوار اخبار ’ترڪش‘ جاري ڪندو هو. 1955ع ۾ ون يونٽ لاڳو ٿيڻ بعد، سيٺ شاهه محمد ميمڻ هفتيوار اخبار ’قائد‘ جاري ڪئي، جيڪا سنڌي ۽ اردو ٻنهي ٻولين ۾ ڇاپي ويندي هئي. ٽيلر ماسٽر علي محمد سولنگيءَ هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪئي. ٽنڊي آدم مان عبدالرزاق سومري ’شاهين‘ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪئي. محمد اشرف دائودپوٽي 1965ع ۾ هفتيوار اخبار’مجاهد‘ جاري ڪئي، جنهن کي پنهنجي پرنٽنگ پريس مان ڇپائيندو هو. اها اخبار جيڪب آباد مان شايع ٿيندي هئي، جنهن جو ٻيو ايڊيشن سانگهڙ مان 1965ع کان نڪرندو هو.سندس وفات بعد سندس پٽ اخبار جي اشاعت جاري رکيو اچي.

سانگهڙ ضلعي ۾ ڪيتريون پرنٽنگ پريسون قائم ٿيون، جن ۾ ’شهدادپور پرنٽنگ پريس‘، ’ٽنڊو آدم آرٽ پريس‘، ’سانگهڙ پرنٽنگ پريس‘ ۽ ’نظاماڻي پرنٽنگ پريس‘ سميت ٻيون به شامل آهن. سانگهڙ ضلعي ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي سڀني اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جا نمائندا مقرر آهن. هن وقت سانگهڙ، ٽنڊي آدم، کپري، سنجهوري، شهدادپور، ڄام نواز علي سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پريس ڪلب قائم آهن. سانگهڙ ضلعو ثقافتي ميلن جي حوالي سان خاص اهميت رکي ٿو. هن ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي قديم آثار ملن ٿا، اتي بزرگن ۽ صوفي سنتن جون خانقاهون به آهن، انهن بزرگن ۽ صوفين مان ڪيترن جي خانقاهن ۽ درگاهن تي ميلا لڳن ٿا. جن مان تعلقي ٽنڊي آدم ۾ حسن بخش شاهه ڊٺڙي واري ۽ کپري تعلقي ۾ صوفي شاعر ۽ بزرگ منٺار فقير راڄڙ جا ميلا پنهنجي نوعيت جا بيمثال ميلا آهن، جتي ادبي ڪانفرنسن سان گڏ سنڌ جا بهترين فنڪار سرن جي ورکا ڪندا آهن. ان کانسواءِ بهرام فقير بريءَ جو به شاندار ميلو لڳندو آهي، جنهن سان به تاريخي قصا لاڳاپيل آهن. مشهور بزرگ ۽ شاعر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ تي هر چنڊ جي پهرئين سومر جي رات ميلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ صوفي راڳي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ان کانسواءِ ضلعي جي مختلف درگاهن ۽ خانقاهن تي ساليانا ميلا ٿيندا آهن، جتي راڳ جي محفل کانپوءِ ملهه ملاکڙو، گهوڙن ۽ ڏاندن جي گوءِ جا مقابلا به ٿيندا آهن. (آفتاب نظاماڻي (سانگهڙ) جو اماڻيل واٽس ايپ ميسيج)