اشو آف دي ڊي … رڳو موسيقي نه، ڊانس ٽيچر به ڀرتي ڪريو: راشد محمود جي مخالفت تي عوام جو ردعمل

0
202

 جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو پاران اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جي مخالفت تي ڪالهه ٻئي ڏينهن به سوشل ميڊيا تي ردعمل جاري رهيو، ان حوالي سان محسن جويو پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ ساز ته من موسيقي (“جي مِيراثِي مَڱڻا، آئُون پُڻِ مَنجهان تَنِ،” “ڪِي ڪَهُه منهنجي ڪَنِ، اِرس مَنجهارا اُنِ جي..سر سورٺ – شاهه لطيف) فياض نائچ پوسٽ شيئر ڪئي ته لطيف، سچل، قلندر، بلي شاھ، بابا فريد موسيقي وسيلي پنھنجو پيغام عوام تائين پھچايو. موسيقي جا مخالف ملا مذھب جي آڙ ۾ پنھنجي سوچ ذريعي برصغير جي صوفي فڪر جا مخالف آھن. شعيب حسن بهراڻي، حريف چانڊيو، وزير لغاري، نجيب سنڌي، سرمد راڄپر، شهناز راهو، سيد شيراز جيلاني، اشفاق چاچڙ، سارنگ ڪالادي پوسٽ سان اتفاق ڪيو، دريا خان لکيو ته اهي پاڻ رقص ڪن ٿا ڪيتريون ئي وڊيوز شيئر ٿيل آهن، انصاف علي نائچ لکيو ته ڇا اسڪولز ۾ ڀٽائي سرڪار جي تنبوري تي ميوزڪ سيکاريو ويندو؟ جنھن معاشري ۾ اسڪولز ۾ موسيقي  ناچُو ناچ ڪندا ته ضرور انھن اسڪولن مان پوءِ اهڙا ئي نڪرندا.. پوءِ پنھنجي سنڌ ۾ ھر جڳھ عاشق معشوق ملندا ۽ لازمي اڳيان ٿيندڙ استادن جي ڀرتين ۾ وري اھي ناچُو ماستر ٿيندا ۽ اسڪولن ۾ رقص ڪندا، ھوئين به پاڻ سنڌين رڳو نچڻ سکيو آهي.. پوءِ چاھي ثقافت جو ناچ ھجي يا بجا تير بجا، افسوس !!!! عمران علي خان لکيو ته سعودي عرب ميوزڪ جي سکيا لاءِ ورچوئل اڪيڊمي قائم ڪري پيو، وشنومل پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪنهن کي به ڊڪٽيٽ ڪرڻ جو اختيار ناهي، هي عمل انتهاپسندي جو آهي جنهن کي هرگز قبول نه ٿو ڪري سگھجي! اولهه جي جهازن ۾ چڙهندا، موبائل استعمال ڪندا، دوا استعمال ڪندا، ايڪسري ليبارٽي آپريشن جون سهولتون حاصل ڪندا، ڪارن جيپن لگزري گاڏين ۾ چڙهندا، لائوڊ اسپيڪر ايڪو سائونڊ استعمال ڪندا، پرراڳ تي ڪاوڙ آهي؟ ٿوروسوچيو ڪنهن جي ايجنڊا تي پيا هلو؟ شيربانو ڪاڪا پوسٽ شيئر ڪئي ته موسيقي ته ڇا ڊانس ٽيچر به مقرر ڪيا وڃن ته جيئن سماج مان مُلان راڄ ختم ٿئي. جنهن تي عبدالحميد سومرو لکيو ته اسڪول ۾ استاد پڙھائين ڪونه، اسڪول مال جو وٿاڻ بڻيل آھن. جتي اسڪول ھلن ٿا اتي فرنيچر ۽ بلڊنگ ڪانھي. جتي اسڪول ۽ بلڊنگ آھي اتي نياڻين جي لاءِ واش روم ڪونھي. پاڻي جو جوڳو بندوبست ڪونھي اتي لائيٽ ۽ پکا ڪونھن. ھن وقت ھاءِ اسڪول جي تعليم جو معيار اھو آھي ته ڪو ھڪ به شاگرد بنا ڪاپي جي پاس نه ٿيندو.سنڌ حڪومت کي کپي ته موجوده تعليم جو نظام بھتر ڪري. ڪاپي ڪلچر ختم ڪري. غريب شاگردن لاءِ سي ايس ايس اڪيڊميز قائم ڪري. ٻارن لاءِ اسڪول ۾ سٺي ۽ معياري تعليم جو بندوبست ڪري بجاءِ موسيقي جا استاد ڀرتي ڪرڻ جي بلڪل ضرورت نه آھي راشد محمود سومرو جو مطالبو درست آھي. مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته موسيقي جي مخالفن لا……پليجو صاحب چوندو هو ته اوهان مڪمل اسلامي اصولن تي هلڻ ٿا چاهيو ته پو خچرن تي چڙهي گهمو نه، گاڏين تي ڇو ٿا سفر ڪيو، اوهان جي اسلامي تشريحن مطالب ھر اها شي حرام آهي جيڪا نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ نه هئي، پو هي گاڏيون، جهاز، موبائل فون، اي سي، بجلي، ٻيون شيون ڇو ٿا استعمال ڪيو…!عبد سنڌي لکيو ته مذهبي سياستدانن کي اسيمبلين مان ڪڍيو وڃي نه ته ملڪ وڃائيندا، الهڏنو چنا لکيو ته تمام سٺي تجويز آھي. پر جيڪڏهن ملن احتجاج ڪيو ته حڪومت گوڏا کوڙي ڇڏيندي. اسان جو معاشرو تمام گھڻو تنگ نظري جو شڪار آهي ۽ گھڻي ڀاڱي ملن جي رحم ۽ ڪرم تي آھي. اسڪولن ۾ ميوزڪ جھڙي روشن خيالي ملن کي برداشت ناھي.آمنه ابڙو پوسٽ سان اتفاق ڪيو، آغا غلام نبي دراني لکيو ته ان پکي جي ڊانس تي به پابندي هڻن جيڪو وڻ جي ٽاري تي ويهي نچي ٿو ۽ ڳائي ٿو، ممتاز راهو لکيو ته سنڌ جي عوام کي پنهنجي  مستقبل جو فيصلو ڪرڻ گهرجي، سعديه بلوچ، عزيزالله شر، وفا منصور ٻرڙو، غفار ڀٽو به ردعمل ڏنو.  مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪئي ته منھنجي تبوري جي تار منھنجي دل جي ڌڙڪڻ آھي شاھ لطيف زندگيءَ جي آخري گھڙين وقت پنهنجي فقيرن کي چيو ته راڳ ٻڌايو ، فقيرن راڳ ڳايو ۽ لطيف پنھنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو، علي زاهد پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ موسيقي جي سکيا ڏيڻ لاءِ استاد ڀرتي ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي، ڪنهن به قسم جي مخالفت آڏو سنڌ جي ساڃاھ ديوار بڻيل هوندي.جنهن تي احسان غلام جوڻيجو، ملڪ پندراڻي، سيما عباسي به ردعمل ڏنو، اسد پتافي پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ جي ھر اسڪول ۾ ھڪ ميوزڪ ٽيچر سان گڏ 2 ڊانس ٽيچر به مقرر ڪيون وڃن، اڪيلي ميوزڪ ٽيچر جي مقرري بي سود ثابت ٿيندي.جنهن تي انجنيئر مختيار علي لکيو ته ڪراچي جي پرائيويٽ اسڪولن م ميوزڪ ٽيچر اهن، اها نئين ڳالهه نه آهي، شفقت قاضي لکيو ته ڇا پھريان گند گھٽ آھي جو حڪمران سنگت سميت اضافو ڪرڻ لاء پريشان آھن، امجد بوزدار لکيو ته راشد محمود سومرو جي مطالبي جي ڀرپور حمايت ٿي ڪجي جنهن به ضرورت کان زياده ”روشن خيال“ سنڌي کي پنهنجي اولاد کي ناچو، ڊانسر ۽ ڳائڻو بڻائڻو آهي ته اُهو پنهنجي ‘اولاد’ کي سنڌ جي ڪنهن اسڪول جي بجاءِ لاهور جي ڪنهن مجرا ٿيٽر ۾ داخل ڪرائي ڇڏي اسان کي ڪو به اعتراض نه هوندو!!! منير کوکر لکيو ته علامه راشد محمود سومرو جي ڪوششن سان سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ واري سمري کي رد ڪيو ويو، عبدالصمد لکيو ته ميوزڪ ٽيچرس ته ڀرتي ٿين پھريان سنڌ حڪومت ٻيا استاد ته پورا ڪري، ذوالفقار ملڪ ۽ عبدالقدير سومرو لکيو ته يڪتاري چپڙي جي ماھرن کي ترجيح ڏني وڃي، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو لکيو ته اسان سنڌين جوايمان جذبو قومي ورثو موئن جي مورتي ۽ ڀٽائي جي تنبوري ۽ جنگ دوران نغارا وڃائي وڄائي ڌرتي جي حفاظت تي ٻڌل آھي. آصف بالادي پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪروڙن جي گاڏي، جھازن تي سفر ڪرڻ، آءِ فون استعمال ڪرڻ، ھڪ ئي وقت ڪيترائي طعام کائڻ، بئنڪ بيلنس رکڻ حرام ناھي باقي موسيقي حرام آھي؟ ممتاز آريسر لکيو ته ‏اسان جي سنڌ ۾ اهڙن انتها پسند جي جڳھه ناهي  جڏهن ته توهان پنهنجي پاڻ کي عربن جي نسل مان سڏي چڪا آهيو ميوزڪ سنگيت ۽ صوفي عظيم سنڌ جي مقدس روح جو اڻ ٽر حصو آهي سعودي ۽ عرب رياستن تي نظر ڦيرائي ڏسو ته هو پاڻ سيڪيولرازم ڏي پيا وڃن ته هو انتها پسندي جي ڄار مان پاڻ کي آجو ڪري رهيا آهن ۽ ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب وڃي رهيا آهن پر توهان جي دقيا نوسي سوچ هتي خاص ڪري سنڌ اندر ڏينھن به ڏينهن پروان پئي ٿئي، شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته هيءَ سنڌ آهي! ھا… شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي سنڌ..! تنبوري جي تنوار ، انالحق جا نعرا ۽ مندرن جان گھنڊ، موسيقي هن جي رڳ رڳ ۾ شامل آهي. جنھن جي رت ۾ ملائيت آھي افغانستان ھليو وڃي، اسد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته شيڪسپيئر چيو هو ته جنهن انسان ۾ موسيقيت نه هجي، جيڪو انسان مڌر سرن جي ميلاپ متاثر نه ٿئي اهو ڌوکي ۽ فريب لاءِ مڪمل فٽ آهي، امير حسن پوسٽ شيئر ڪئي ته هي رقصِ بي خودي آ، ديوانگي صدين  جي، منظور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته مولوي صاحب خبر ناهي ڪهڙي دنيا ۾ رهي ٿو، موسيقي جي ڪلاسن جي مخالفت ڪري هو شايد سنڌ کي افغانستان بڻائڻ چاهي ٿو، جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته ميوزڪ ٽيچرس جي ڀرتين ۽ اسڪولن ۾ ميوزڪ جي سکيا شروع ڪرڻ ۾ ڪنهن جي به ناجائز موقف جي دٻاءَ ۾ نه اچڻ گهرجي. سنڌ ڪنهن به رجعت پسند ۽ تنگ نظر گروهه جي جاگير ناهي.