اشو آف دي ڊي … رپيو ڪِري پيو، ڊالر چڙهي ويو: سوشل ميڊيا تي اسحاق ڊار کان استعيفا جو مطالبو

0
218

 ڊالر جو ملهه وڌڻ تي سوشل ميڊيا تي به شديد ردعمل ڏنو ويو، اسحاق ڊار کان استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ عثمان ڊار ٽوئيٽر تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انٽر بينڪ ۾ ڊالر 261 رپيا ٿي ويو، هن وقت ڊالر کان وڌيڪ ڪا به شيءِ تيزي سان اڳتي نه وڌي رهي هجي ته اها امپورٽڊ حڪومت جي بي شرمي آهي، امپورٽڊ حڪومت پنهنجي نا اهلي سان صرف ٻن ڏينهن ۾ قرضن ۾ ساڍن 4 ٽرلين جو اضافو ڪري ڇڏيو، ڊالر رزورز 4 ارب کان به گهٽ رهجي ويا، هي ملڪ کي ٻوڙڻ جي چڪر ۾ آهن، تيمور جهڳڙا لکيو ته ڊالر 261 ٿي ويو، استعيفا دو ڊالر اسحاق،  ريحام خان لکيو ته پاڪستان جا ناڻي ذخيرن ۾ 92 ڪروڙ 30 لک ڊالر جي گهٽتائي بعد اسٽيٽ بينڪ پاڪستان وٽ ناڻي ذخيرا 3 ارب 67 ڪروڙ 84 ڊالر جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويا، اڃا به اسان پنهنجون ترجيحون درست نه ڪيون ته پوءِ نه اقتدار رهندو نه سياست نه ئي رياست، حق ابڙو لکيو ته جهڙي رفتار سان ڊالر جو ريٽ وڌندو پيو وڃي اهڙي رفتار سان ٽوئيٽر بلو ٽڪ جي خريداري ۾ به اضافو ٿيندو پيو وڃي، اعجاز علي لکيو ته هڪ ڏينهن ۾ ڊالر 25 رپيا وڌڻ تي ڊار کي ڦاسي ڏيو ٽاپ ٽرينڊنگ تي هلي پيو، اڄ ثابت ٿيو ته بينظير کي قتل ڪري ملڪ کي حقيقت ۾ ڦاسي تي لٽڪايو ويو هو، عرفان علي گوپانگ لکيو ته انٽربينڪ ۾ ڊالر 264 رپيا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 271 رپين جي برابر ٿي ويو، فريد علي لکيو ته ڊالر ۽ رپيو، پاڪستان هڪ رپيو، 0.0039 ڊالر جي برابر آهي، هڪ ڊالر پاڪستاني 252 رپين جي برابر آهي، آءِ ايم ايف وارا ڏنڊي حڪمرانن کي هڻن ٿا ۽ حڪمران وري عوام تي ٽيڪس جون لٺيون وسائن ٿا. مير بلوچ لکيو ته بصر ۽ ڊالر جي مقابلي ۾ اڄ بصر سبزي جنگ هارائي 240 رپين تي پهتو ۽ ڊالر 255 رپين تي کٽي ويو، هاڻي اڳتي ڏسو ته بصر ۽ ڊالر جو مقابلو ڪٿي ٿو بيهي، بشير احمد لاکو لکيو ته بصر ۽ ڊالر جي جنگ ۾ بصر زندگي جي جنگ 240 تي هارائي ويو ۽ ڊالر 265 جي قيمت سان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، عبدالله تصوير شيئر ڪندي لکيو ته 11 ڊسمبر 1950ع ۾ ان دور جي مشهور اخبار پاڪستان ٽائيمز ۾ هي ڪارٽون ان وقت شايع ٿيو جڏهن آمريڪا پاڪستان کي 6 لک ڊالر جو قرض ڏنو ۽ ڪارٽون جي ڪيپشن ۾ ٻه آمريڪي شهري پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن ته پاڪستان آمريڪا کان قرض ورتو آهي هاڻي ڪڏهن به پنهنجي پيرن تي بيهي نٿو سگهي، نارائڻ داس ڀيل لکيو ته هڪ سال ۾ پاڪستان جي ماڻهن جي ڊالر جي نسبت سان 60 سيڪڙو دولت گهٽ ٿي چڪي آهي، يعني هو پنج سال جي ڪمائي وڃائي چڪو آهي اڃا ڪٿي اسان ڪجهه ڏينهن ۾ ته وڌو ڌڪ لڳڻ وارو آهي.امل ڪمال به ٽرينڊ ۾ حصو ورتو، ڊاڪٽر حنا لکيو ته جان ڇڏيو،ڊالر اسحاق، غلام فاطمه، مريم، مومنه عابد، رضوان خان، معذ الرحمان، مصعب شاهد، نورين خان، محمد فيضان خان، راجا مشرف، جبران الياس، عمير ڪياني به استعيفا دو ڊالر اسحاق ٽرينڊ ۾ حصو ورتو. علي لکيو ته ڪالھ جو ڊالر جو اگھ وڌڻ سان پاڪستان تي 36 سئو ارب قرض وڌي ويو، مھانگائي ۾ 35 سيڪڙو واڌارو پڻ ٿيندو، راجڪمار وڻجارا لکيو ته اڃا ڪم اڳتي آهي .ھڪ دوست چيو ته ويٽنام جو ڊنگ ( ويٽنامي ڪرنسي) پنجويھه ھزارن ۾ ھڪ ڊالر ملي ٿو ۽ اسان وري ٽن سون تي رڙيون ڪريون پيا. سنگت کي ڪير سمجھائي ته ويٽنام جي پر ڪيپيٽا انڪم چار ھزار ڊالر آهي ۽ پاڪستان جي پر ڪيپيٽا انڪم سورنھن ھزار ڊالر آهي . اسرار پير لکيو ته ڊالر ساڍا 12 رُپيا وڌيڪ مهانگو ٿي 268 جو ٿي ويو اوپن مارڪيٽ ۾ 270 جو ٿي ويو مھانگائي جي نئي طوفان اچڻ وارو اٿو، تياري وٺو باقي عوام پنهنجا حق ڪو نه وٺندو، فدا حسين ڀيو لکيو ته ڊالر هڪ ئي ڌڪ ۾ 24 رپيا 11 پئسا مهانگو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 255 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو،  انٽربينڪ مارڪيٽ بند ٿيڻ تائين ڊالر 24 رپيا 11 پئسا مهانگو ٿي 255 رپيا 43 پئسن تي بند ٿيو، اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر 19 رپيا مهانگو، 262 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو، هوڏانهن سون جو اگهه به آسمان تي پهتل، في تولو 4 هزار 900 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد هڪ لک 95 هزار 500 رپين جو ٿي ويو. رفيق احمد عباسي لکيو ته ڊالر ۽ بصر بادشاھ جو سخت مقابلو آھي پر بصر ۽ ڊالر ڪجھ ڏينهن ۾ وڌيق جلوا ڏيکاريندو اٽو بہ فل مستي ۾ آھي عوام ويچارو گھر ۾ سامان جو حڪم ٿيندو آھي ته ڀڃي گھر کان ٻاھر نڪري ٿو، صبر ڪيو پھرين تاريخ تي پگھار وارن جو پٽڪو جدا پيٽرول ڊيزل جي کوٽ جدا …  پر فڪر نه ڪيو وزير اعظم صاحب  صرف اٽي جي ڪري ھڪڙو وڳو وڪرو مس ڪيو آھي اڃان ڪپڙا کوڙ آھن ٽينشن نه ڪيو.