اشو آف دي ڊي … روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻي جو جوڙ ٽٽي ويو، سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
348

  سنڌي شوبز انڊسٽري جي مشهوري جوڙي روبي ۽ ارشاد جاگيراڻي ۾ عليحدگي ٿي وئي، روبي علي ارشاد مٿان تشدد جو به الزام هنيو آهي. شاعر، راڳي، اداڪار ۽ اينڪر ارشاد جاگيراڻي فيس بوڪ تي روبي علي جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ضرورت پئي ته وڌيڪ ڳالهيون لائيو اچي ڪندس، في الحال روبي علي جو هي وڊيو رڪارڊ تي رکي وڃي ته جيئن وقت سر ڪم اچي، اڄ کانپوءِ منهنجو روبي علي سان ڪنهن به قسم جو ڪو تعلق ناهيوڊيو ۾ اداڪارا ۽ماڊل روبي علي چئي رهي آهي ته آئون ۽ ارشاد هڪٻئي جي مرضي سان ڌار ٿي رهيا آهيون، خاص طور آئون چوان ٿي ته مون کي هن سان گڏ ناهي رهڻو، آئون هن جي لائق ناهيان، منهنجي طبيعت ڪجهه مختلف آهيروبي علي وڊيو ۾ چوي ٿي ته هڪ شخص جيڪو شادي شده آهي ان جي فيملي آهي، ٻار آهن، آئون ڪنهن جي زندگي متاثر ڪرڻ نٿي چاهيان، مون گهڻي دير سان فيصلو ڪيو آهي، منهنجي ذهني حالت به اهڙي ناهي ته جو آئون هن سان گڏ هلي سگهانروبي علي چوي ٿي ته هاڻ ڪڏهن ارشاد جي زندگي ۾ نه اينديس، ارشاد کي به چوان ٿي ته هو به منهنجي زندگي ۾ نه اچي، واپسي جا سمورا دڳ بند ڪري ڇڏينديسروبي علي پنهنجي فيس بوڪ آءِ ڊي تي پنهنجون مبينا تشدد واريون تصويرون شيئر ڪيون آهن، روبي علي لکيو ته جڏهن ڪيترائي ڏينهن مسلسل اوهان تي تشدد ڪيو وڃي ۽ پسٽل لوڊ ڪري اوهان کي چيو وڃي ته جيڪو چئي رهيو آهيان اهو چئو ته اوهان ڇا ڪندا؟ روبي علي لکيو ته آئون پنهنجا ذاتي مسئلا ڪڏهن به ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي ناهيان آڻيندي، پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ درنده صفت ماڻهن سان وڙهڻو پوندو آهيهاڻي سرعام ويڙهه جو اعلان ڪريان ٿي، آئون چاهيان ٿي ته هاڻي سڄي دنيا کي پتو پوي ته ڪيئن ايترو وقت اندر ئي اندر گهٽجي مري رهي هيسارشاد جاگيراڻي روبي علي جي پوسٽن تي ردعمل ڏيندي وڊيو بيان جاري ڪيو آهي، وڊيو ۾ ارشاد جاگيراڻي چوي ٿو ته آئون شاعر آهيان، منهنجو تعلق قلم سان آهي پسٽل سان نه، روبي علي وڏو ڪوڙ ڳالهايو آهيروبي علي کي مخاطب ٿيندي ارشاد جاگيراڻي چيو ته تون ڪوڙ ڳالهائي همدرديون حاصل ٿي ڪرين مون سچ ڳالهايو ته وڏو طوفان اچي ويندو، مون صرف ايترو ٻڌايو هو ته روبي علي مون ڇڏي ڏنو آهي اسان الڳ آهيون۽ تون ڪوڙا مسئلا بيان ڪرڻ شروع ڪيا آهنارشاد جاگيراڻي روبي کي مخاطب ٿيندي چيو ته جنگ ڪندينءَ ته تنهنجي مرضي آهي آئون نٿو چاهيان ته جنگ ٿئي، معاملو ختم ٿي ويو ته ختم ٿي ويو، منهنجي جذبن احساسن سان کيڏيو ويو ، دوکو ڏنو ويو آئون چپ آهيانهن ڪلام ڳائي سمجهاڻي ڏيانءِ ٿو ته تون ڀلي مڃ نه پر وفا ڪئي مانءِ، راز کولي سگهان پيو، آئون به ٻولي سگهان پيو، دل سان دعا آهي توکي ته خوش هجو. جنگ ڪندينءَ ته پوءِ جنگ آهيظاهر قاضي روبي علي جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ارشاد جاگيراڻي ۽ روبي علي جو جوڙ ٽٽي ويو، روبي علي چيو آهي ته اڄ کانپوءِ منهنجو ارشاد جاگيراڻي سان ڪنهن به قسم جو ڪو تعلق ناهي، عمير سولنگي ڪمينٽ ڪندي لکيو ته مو سمجهو ته ڪا ماسي آهي گهر مالڪن ڪم تان ڪٽڪو ڏنو اٿس ان لاءِ دانهن ٿي ڪري هل ڙي ميڪ اپ تنهنجا ڪمال، رياض حسين ڀٽي لکيو ته بنا ميڪ اپ جي جنڙي لڳي رهي آهي اها روبي علي آهي يا ڪا ٻي آهي؟ جنهن تي عائشه ڌاريجو لکيو ته منهنجي خيال ۾ ان جي ذاتي زندگي آهي جيئن وڻي تيئن ڪري ڪنهن جو تماشو نه ڪيو ارشاد جاگيراڻي جو ڪم عورتن کي مبينا استعمال ڪري ٽريپ ڪري اڇلائڻ آهي جيڪو هن ڪيو وڌيڪ ان اِشو تي نه ڳالهائجي ته بهتر رهندو، روبي علي هڪ ايڪٽر آهي ءِ ايڪٽنگ مان هن کان ڇا به ڪرايو ويو يا هن ڇا به ڪيو اِهو ان جو فعل آهي پر افسوس اِهو ٿي رهيو آهي جو ڪالهه جيڪي ماڻهو روبي روبي ڪندا هئا اڄ اُن کي ڪم واري ماسي سڏي رهيا آهن مطلب ته سماج ۾ عزت ميڪ اپ ،ڊريسنگ ءِ باڊي لينگويج جي ڏني ويندي آهي، قاسم ڪيهر لکيو ته توھان ڪنهن جي ذاتي کي تماشو نه بڻائڻ جي ڳالھ ڏاڍي بهتر ڪئي آهي، پر اصل ۾ هن وڊيو ئي ان لاءِ وائرل ڪئي آهي ته جيئن سڀ کي خبر پوي. ٻئي ڳالھه ته اوهان ڪنهن جي ذاتي زندگي تي گند نه اڇلائڻ جي بهترين ڳالهه ڪري پاڻ ئي انهيءَ جي نفي ڪندي ارشاد جاگيراڻيء جي ڪردار تي ڇنڊا هنيا.شعبا علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ماڊل ۽ اداڪاره روبي علي جا ارشاد جاگيراڻي مٿان سنگين الزام هنيا آهن، ماڊل ۽ اداڪاره روبي علي ارشاد جاگيراڻي مٿان سنگين الزام لڳايا آهن، روبي علي جو چوڻ آهي ته ارشاد جاگيراڻي حراسان ڪندو رهيو، روبي علي وڌيڪ چيو ته ارشاد جاگيراڻي کيس قيد ڪري ان مٿان جسماني تشدد پڻ ڪيو ۽ پسٽل جي زور تي وڊيو بيان پڻ ڏياريو، روبي علي جسم تي تشدد جا فوٽو فيس بڪ تي رکيا آهن ياد رهي ته هن کان پهرين به ارشاد جاگيراڻي مٿان اهڙا الزام لڳا آهن، هوسٽ سحر شاھ رضوي ارشاد جاگيراڻي خلاف ايف آئي اي ۾ شڪايت ڪئي هئي جنھن تي ارشاد جاگيراڻي وڊيو پيغام ۾ معافي پڻ ورتي هئي. مهدي کوسو لکيو ته ڊراميبازي آهي، ميٺا رام لکيو ته ڪوڙي آهي، امداد تبسم مهر لکيو ته هنن جي ڪردار جي ڪري شوبز جي دنيا بدنام ٿي رهي آهي، منصور ڀان لکيو ته روبي علي جي وڊيو ۾ اقرار اٿس ته شادي شده شخص جي زندگي ۾ وڌيڪ رهڻ مناسب ڪونهي، پهريان پوءِ گڏ ڇو هيس هاڻي ڊراما ٿي ڪري، عبدالجبار لغاري، انصار علي فاروقي، انجنيئر بابر چانڊيو، فهد راشدي، نصير احمد کوسو ۽ ٻين به ردعمل ڏنو، نياز سومرو لکيو ته هي سڀ هنن جو هٿرادو ڊرامو آهي فلمي سين آهي پنهنجي مفادن لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪن ٿا، طارق عزيز لکيو ته نياڻيون به ٿورو احتياط ڪن ته بهتر آهي، نذير چنا، جندل شاهه، مير حسنين چانڊيو، سهيل عباسي به ردعمل ڏنو.روبي علي جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نديم بوزدار لکيو ته اوهان پنهنجي زندگي کي تماشو بڻايو ان سان سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي ڪو به فرق نه پوندو، علي ڏيٿو لکيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي اڄڪلهه انسان حيوانن کان به بدتر  ٿي ويو آهي، علي عباس جمالي افسوس جو اظهار ڪيو، جاويد ڪوريجو، عنزه، احمد شر، همٿ علي سکيراڻي، شڪيل ڪانڌڙو به ردعمل ڏنو، عابد چوهاڻ، عامر علي ڪلهوڙو، ارباب سومرو، صغير احمد چنا به ردعمل ڏنو.