اشو آف دي ڊي خوشحال سنڌ جا ماڻھو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان ؟

0
174
اشو آف دي ڊي خوشحال سنڌ جا ماڻھو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان ؟

سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته سنڌ صوبو وسيلن سان مالا مال آهي پوءِ سنڌ جا ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ به پريشان ڇو آهن؟ اهڙي سوال تي مختلف مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي، رفعت ابڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٿر مان بي پناھ ڪوئلو نڪتو آهي، سعودي ۽ ايران جو تيل ھڪڙي پاسي ٿر جو ڪوئلو ٻئي پاسي، جيڪڏھن 6 ڪروڙ ماڻھن ۾ ٿر جي ڪوئلي جي قيمت ورھائجي ته سوا ڪروڙ رپيا ھڪڙي ماڻھو کي ايندو، سنڌ جي بدين ضلعي مان 6 ارب رپين جو سال ۾ تيل نڪري ٿو، ٽنڊي محمد خان مان 22 ارب رپين جو تيل نڪري ٿو. حيدرآباد مان 10 ارب رپين جو تيل نڪري ٿو. ٽنڊي الھيار مان روزانو چار ڪروڙن جو تيل نڪري ٿو. وارھه کير ٿر جبل مان يورينيم نڪتو آهي جيڪو سون کان به وڌيڪ مھانگو آهي، ائين سائين مھنجا سنڌ سڄي سون آهي پر اسان جي ڌرتي تي اسان جو اختيار ناھي. ايڏي خوشحال سنڌ جا ماڻھو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ محتاج آهن؟  جنهن تي اعجاز علي نوتڪاڻي لکيو ته اها ڳالھه جيستائين عام سنڌي کي سمجهه نه ايندي تيستائين هو وسيلن جي وارثي نه ڪندو، پهرئين باقاعده حقن ۽ وسيلن جي پاسداري حوالي سان مهم هلائي وڃي ته جيئن هر عام و خاص باخبر ٿئي،

حسين علي نظاماڻي لکيو ته افسوس آ اوهان کي سانگھڙ ضلعو نظر نه جيڪو ڪڻڪ پوري سنڌ کي کارائي سگھي ٿو. ڪپھه مان پوري پاڪستان کي ڪپڙا پارائي سگھي ٿو. تيل ۽ گيس جي پيداوار ۾ به سڀني ضلعن کان اڳتي آھي، مظهر حسين ڀرڳڙي لکيو ته دادو ضلعي ۾ جوهي به گيس بلوچستان کان وڌيڪ آهي تيل به نڪري ٿو، اسان جو صوبو وسيلن سان مالا مال آهي، عارف احمد لکيو ته اهو ئي سنڌ جو الميو آهي، وسيلن سان مالامال آهي پر حڪمران سٺا ناهن، عبدالستار لکيو ته جوهي دادو ۾ 9 کوهه تيل جا آهن. جيڪو ريفائن ڪرڻ لاءِ ملتان موڪليو ويندو آهي. گورک هل اسٽيشن ۽ واهي پانڌي ويجهو 3 کوهن مان وڏي مقدار ۾ گيس نڪري ٿو. پر علائقي واسين توڙي سڄي جوهي تعلقي ۽ دادو ۾ نه گيس نه پاڻي نه روڊ رستا نه پيئڻ جو پاڻي نه تعليم نه صحت جون سهولتون. افسوس جو دادو شهر جي اسپتال به ريفر سينٽر لڳي پئي آهي، الله بخش ڀٽي لکيو ته ڳالهه سچي آهي پر ٿيندو ڪجهه به نه،

قاضي افضل الدين لکيو ته سچ ٿا چئو، محمد ڪيف لکيو ته اسان پاڻ ۾ وڙهون ٿا پر وسيلن جي مالڪي لاءِ نٿا وڙهون، مهوش جاويد پوسٽ سان اتفاق ڪيو، تنها دل لکيو ته سنڌ حڪومت تي افسوس ٿئي ٿو، عبدالله سومرو لکيو ته اسان وٽ تعليم آهي ته به ڪاپي پاس ته پوءِ ڪٿان شعور ۽ سجاڳي اچي؟ حميرا خان، خير محمد گجو، ذاڪر گل، رياض شورو، ديدار پالاري، ايم آر راحيل،لکيو ته سچي حقيقت آهي، فقير ديدار ڪانڌڙو لکيو ته سانگهڙ، سيوهڻ، ڪنڌ ڪوٽ، چونڊڪو، سجاول ،گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، ميهڙ، دادو، گورک ۽ ڪيترائي سنڌ جا شهر آهن جتي وڏو گئس آهي، فريد احمد ساريو لکيو ته سنڌ جا حڪمران پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن ۽ غريبن جا حق کائن ٿا.فداحسين ڀاڳت لکيو ته قوم کي سجاڳ ٿي حق وٺڻ گهرجن، امداد نبي جوڻيجو، وقار حسين، گل محمد، وقار حسين، حميد رند، نظير احمد خاصخيلي به راءِ جو اظهار ڪيو. مختيار چانڊيو لکيو ته جتي ظالم حڪمران هوندا اتي ڪجهه نه رهندو، هوش محمد خاصخيلي، رياض الدين گهمرو، آغا عارف، لال محمد بوزدار،گل حسن شر،صداقت علي سمون، لياقت علي، به راءِ جو اظهار ڪيو، قمر ڏاهري لکيو ته سانگهڙ مان تيل نڪتو آهي گيس آهي پر اسان پٽيوالي جي نوڪري لاءِ به ڌڪن ۾ آهيون، عبدالحفيظ گاڏهي لکيو ته اصل ۾ سنڌ ۾ رڳو وڏيرڪو نظام هلي پيو هتي هرڪو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ آھن هتي ڪير به عوام ۽ ملڪ سان سياسي سچا ناهن. سڪيل احمد سهتو، ساجد چانڊيو، انور علي سنجراڻي، صدر ابڙو، محمد علي ڇٽو، مختيار زئور ۽ ٻين پڻ پوسٽ تي ردعمل ڏنو.