اشو آف دي ڊي خانپور جا 4 مغوي بازياب ڪرايو: سوشل ميڊيا تي مطالبو

0
408

خانپور شهر مان اغوا ٿيل 4 ڄڻن جي آزادي لاءِ سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو ويو، صفيع الله سيٺار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خانپور شھر جا 4 ٻچڙا واجد سيٺار، اسامه سيٺار، عمران گولو، عابد گولو 3 ڏينھن کان ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن جيڪي پورهيتن جا ٻچڙا آھن جن جي گھرن ۾ روز ڪمائي اچڻ کان بعد ۾ گھرن جي چلھه ٻرندي آھي سندن گھرن ۾ انتھائي پريشاني واري صورتحال آهي ۽ سندن گھرن ۾ چلھه ٻرڻ به مشڪل بڻجي وئي آهي ۽ گھر جا ننڍن ٻارڙن کان وٺي گھر ٻچڙن جون امڙيون توڙي ڀينرون قرآن پاڪ جو ورد ڪندي پنھنجي پيارن جي بازيابي جي لاءِ الله سائين کان دعا گھرنديون رھن ٿيون باقي پوليس ته مغوين جي وارثن کي آسرا ڏيڻ ۾ پوري آھي خبر نه آھي معصوم ٻچڙن تي ڇا گذرندي ھوندي ڪھڙي حال ۾ ھوندا سندن گھر ڀاتي مٽ مائٽ ۽ خانپور واسي ذھني پريشاني ۾ وٺجي ويا آھن ۽ شھر واسي پوليس جي رٽ ڪمزور ھجڻ سبب ۽ ڏوھن ۾ خاص ڪري اغوا وارداتون شروع ٿيڻ جي خوف سبب پنھنجي ٻچڙن کي گھرن مان ٻاھر نڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي، خانپور واسي پنھنجي ٻچڙن جي باحفاظت ۽ خيريت سان واپسي چاھن ٿا ته جيئن پنھنجي ٻچڙن سان گڏ عيد جون خوشيون ماڻي سگھن، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور سميت وس وارن کان مغوين جي بازيابي ۽ شھرين کي امن ۽ امان ۽ تحفظ جي گھر ڪريون ٿا. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حبيب الله سيٺار لکيو ته مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، ماجد حيدري لکيو ته مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو وڃي، اسرار عالم لکيو ته الله پاڪ انهن کي خيريت سان واپس آڻي، پير خان محمد لکيو ته ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪريون ٿا ته نوجوانن کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي، شهرين مان ڳڻتي ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو حق رکون ٿا، مراد شاهه بخاري، عادل جان شيخ، عبدالرزاق سيٺار، برڪت الله سيٺار، علي سجاد ۽ ٻين پڻ شهرين جي اغوا ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي آزادي جو مطالبو ڪيو. زبير ابڙو پوسٽ شيئر ڪند يلکيو ته خانپور جا 4 نوجوان بازياب نه ٿي سگهيا، مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، ڪجهه ڏينهن اندر 8 ماڻهو اغوا ٿيا آهن پوليس بيوس بڻيل آهي، عنايت الله السنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شهر جي سياسي سماجي ڌرين پاران پوليس کي 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏيون ٿا مغوي بازياب ڪرايا وڃن.