اشو آف دي ڊي .. حڪومت ڌڪ ڪري وئي، پيٽرول سستو ٿيڻ جو ٻڌائي مهانگو ڪري ڇڏيو: عوام جو ردعمل

0
201

 پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ٿيڻ تي عوام پاران سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا. ان حوالي سان فهد مختيار نظاماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول ءِ ڊيزل جا اگھه گھٽائڻ بجائي وڌائڻ عوام سان ته ذيادتي آھي ئي پر ھن حڪومت جي ڪاروھنوار ۽ سندس سياست کي وڏو نقصان ڏيندي دنيا ۾ جتي تيل جون قيمتون ڪرن پيون ڊالر جو ريٽ به گھٽجي پيو اتي ھن قسم جو فيصلو سياسي موت برابر آھي، ايم صفر گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊالر جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ باوجود  وفاقي سرڪار تيل سستو ڪرڻ جا دلاسا ڏئي ويتر مهانگو ڪري عوام کي جشن آزادي جو سرپرائيز ڏئي ڇڏيو، پيٽرول 6 رپيا 72 پئسا  في لٽر مهانگو ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپئي جي اندر في لٽر لاٿ ڪئي وئي آهي. جنهن تي مير محمد کوکر ۽ نصرالله چانڊيو لکيو ته ظالم آهن

ظالم حڪومت آهي، يونس چانڊيو دلچسپ پوسٽ شيئر ڪئي ته پيٽرول جا اگهه وڌائيندي شهباز شريف روئي ڏنو ۽ گهر وارا چپ ڪرائيندا رهيا ۽ مفتاحو کلندو رهيو، ماجد سمون لکيو ته پيٽرول 6 رپيا 72 پئسا سستو ڪرڻ جو سوچي سوچي مهانگو ڪري ڇڏيائون، مرتضيٰ لغاري لکيو ته ڪم گهڻو آ، ديدار امرت لکيو ته اڃا ترسو اهڙو وقت به ايندو جو بنا ڪفن جي مڙهه دفنائڻا پوندا.واحد ڪالاڻي لکيو ته ظلم آهي، جاويد احمد ڦل لکيو ته پيٽرول عالمي مارڪيٽ ۾ 130 ڊالر في بيرل مان گهٽجي 89 ڊالر في بيرل تي پهتو ته نا اهل حڪومت وڌيڪ مهانگو ڪري ڇڏيو، هنن ظالمن ته ماري ڇڏيو آھي ڪجي ته ڇا ڪجي؟

الابخش ابوپوٽو لکيو ته پيٽرول 6 رپيا مهانگو ٿي ويو، چور سرڪار کي شرم اچڻ گهرجي، عرفان محبوب لکيو ته شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ ڪري ويو، ظفر علي ٻٻر لکيو ته اسان ته 8 رپيا لهڻ جو ٻڌو هو،سيد زاهد علي شاهه لکيو ته ڊالر سستو ٿي ويو پيٽرول مهانگو ٿي ويو، صدام خان پوسٽ شيئر ڪئي ته بيوقوف بڻايو ويو پيٽرول انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ گهٽ ۽ ڊالر به گھٽ ان باوجود پيٽرول 7 رپيا مھانگو ڪيو ويو،منور گل لکيو ته پيٽرول جا اگهه وڌائيندي شهباز شريف روئي ڏنو گهر ڀاتي چپ ڪرائيندا رهيا، گدا حسين دراوڙ بروهي پوسٽ شيئر ڪئي ته پيٽرول جي قيمت 6 رپيا وڌائڻ ۽ ڊيزل جي قيمت 91 پيسا لاھڻ تي شوباز حڪومت کي مذمتن جي سلامي پيش ڪيون ٿا، ايس ايل سوڍا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اھڙو  وزير اعظم ئي ناهيون رکندا جيڪو پيٽرول مھانگو نه ڪري شهباز شريف دل تي پٿر رکي ھڪ دفعو ٻيھر پيٽرول 6 رپيا وڌائي چڏيو، محمد اڪرم رند، اشفاق احمد ۽ ڊاڪٽر نويد احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان روزانو سراسري طور 557000 بيرل پيٽرول استعمال ڪري ٿو.  هڪ بيرل ۾ 159 ليٽر هوندا آهن،

استعمال ٿيل بيرل کي لٽر ۾ 159 سان ضرب ڪيو وڃي ته 8 ڪروڙ 85 لک 63 هزار( 88563000 ) لٽر ٿين ٿا.  حڪومت طرفان هڪ لٽر پيٽرول 233 رپيا وڪرو ڪيو پيو وڃي ۽ 92 رپيا لٽر خريد ڪرڻ سان ٽرانسپورٽ ۽ ريفائننگ جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ بعد اهو 119 رپيا ٿي وڃي ٿو، جنهن جو مطلب آهي 114 رپيا منافعو.  ان حساب سان 30 ڏينهن ۽ 12 مهينن جو روزانو 1 ٽريلين منافعو حساب ڪجي ته سال ۾ 360 ٽريلين ٿئي ٿو.  اسان پاڪستاني عوام واقعي بي حس آهيون ۽ پنهنجي حقن لاءِ اٿڻ نه ٿا چاهيون. اياز دل پوسٽ شيئر ڪئي ته اھو جيڪو ٻه ڏينھن پھريان تيل سستي جي ڳالھه ھلي پئي اُھا سانڊي واري تيل جي ھُئي ماڻھو ھروبرو پيٽرول سمجھيو ويٺا ھُئا، فقير رياض مريم نواز جو بيان شيئر ڪيو ته پيٽرول جا اگھه وڌائڻ تي وڏو ميان ننڍي ميان تي ڪاوڙجي پيو نواز شريف اجلاس اڌ ۾ ڇڏي ھليو ويو. عبداللطيف لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪا حد ھوندي آھي.

پيٽرول قيمتن جي واڌ تي نواز شريف ۽ زرداري کي وڏو ڏک ٿيو آهي، پر قيمتون پاڻھي پاڻھي وڌي ويون؟ عبدالڪريم لکيو ته گهڻن ئي ماڻهن چيو هو ته پيٽرول سستو ٿيندو، ساجن جان لاشاري لکيو ته وري 7 روپيا پيٽرول مھانگو، وا ڙي وا جڳاڙي وزيراعظم، ايس ايم صالح چنو لکيو ته اوگرا وارا به پريشان آھن تہ اسان پيٽرول سستو ڪرڻ لاءِ چيو ھنن ته الٽو مھانگو ڪري ڇڏيو، امان الله نهڙي لکيو ته عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿي ويون آهن پر شھباز شريف پنھنجي دل تي ڪي ٽو جبل کان به وڏو پٿر رکي پيٽرول جون قيمتون وڌايون آھن. مھرباني منھنجا وزيراعظم. نعمت الله ڪولاچي پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪجھه دوستن پيٽرول ۽ ڊيزل سستي ٿيڻ جون پوسٽون رکيون…ٻئي مھانگا ٿيا، دوستو خيال رکندا ڪريو، محبوب علي لکيو ته پيٽرول 18 رپيا سستو ٿيڻ جي چڪر ۾ ڪالهه کان نه ڀرايو هو هاڻ وري اگهه ئي وڌي ويو. اين اي بلوچ، نواب سڌير چانڊيو، دلشاد ڀٽو، امير علي مري، مراد خاصخيلي، ڪليم جتوئي، ولايت علي چانگ، جلال خان جروار، زين العابدين شاهه، امتياز علي هنڱورجو، محمد زبير ڪنڀر، اين بي شر، غلام مصطفيٰ ڪاتيار ۽ ٻين به پيٽرول اگهن ۾ واڌ بابت پوسٽون شيئر ڪيون.