اشو آف دي ڊي … حڪمران پنھنجا خرچ ڇو نٿا گھٽ ڪن ؟ سرڪاري ملازمن جون پگهارون گهٽائڻ تي ردعمل

0
152

 سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي آهي جنهن تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان حوالي سان ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن سرڪار پگھارن ۾ ڪٽوتي ڪئي ته ياد رکو حڪمرانو! اسان ووٽ ڏيڻ لاءِ گھران ئي نه نڪرنداسين. جنهن تي نبيل احمد ڀٽو لکيو ته اھي سڀ ڳالھيون رڳو چوندا آھيون ڪندا ڪجھه ناھيون ذھني مريض ٿي ويا آھيون، رميش لال گيمناڻي لکيو ته حڪمران پنهنجا خرچ گهٽ نه ڪندا باقي جيڪا قرباني ڏي ته عوام ڏي، ائين نه ٿا چون ته واڌو مشير ۽ صلاحڪار گھٽايون ٿا باقي ملازمن جي پگهار گھٽائڻ تي زور آهي، نثار شيخ لکيو ته اهڙي عمل جي سخت لفظن سان مذمت ڪيون ٿا..ارشاد ناريجو به ردعمل ڏنو، سراج احمد ڪلهوڙو لکيو ته توھان ڇا ٿا سمجهو ته ھو توھان جي ووٽ جي آسري تي حڪمران ٿيندا آھن ؟ مٿين جي مرضي بغير حڪمران ته ڇا پر حڪومت جي پڇڙي ٿيڻ به ممڪن نه آھن ..سچل ڀٽي لکيو ته فرشتا ووٽ وجهي ويندا! تازو بلدياتي چونڊون مثال آهن. مهراڻ داس لکيو ته سائين هاڻ هي ٺپا هڻڻ جا وڏا ڪاريگر ٿي ويا آهن،

شيام منگراڻي به ردعمل ڏنو، جبار آزاد منگي لکيو ته اوهان جي اها ڳالھ هو هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيندا! ها باقي استاد دڙڪو ڏيندي چون ته “اسان اڳتي اوهان جي چوڻ تي بيلٽ پيپرن تي ٽپا هڻي اوهان کي نه کٽرائينداسين ته پوءِ ڪجھه ٿي سگهي ٿو. استادن کي پاڻ سان متفق ڪريو. امر شر لکيو ته ڀلي ستا ھُجو ڪھڙو ٿو فرق پوي، نور سنڌي لکيو ته ڀلي نه نڪرو اميدوار پاڻھي چونڊجي ويندا، آصف سومرو لکيو ته 2هزار ملندا برياني جي شاپر ملندي اهڙو وينداسي ويهي ڏسجو، جاويد ڀٽي لکيو ته هر ڀيري پگهارن ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڪٽوتي ٿيندي آهي پر فرشتا نه پر اسان ۽ توهان پاڻ ئي ووٽ ڏئي ايندا آهيون ٻوڏ تباهي ڪئي پر ڪي اين شاهه دادو ميهڙ ۽ ٻين هنڌن تي ماڻهن پ پ کي کٽرايو اهڙا بيان مهانگي اٽي تي به آيا هئا، احمد دل ڏيپر ۽ ڊاڪٽر نرمل سچديو به ردعمل ڏنو. ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪفايت شعاري ڪاميٽي پاران سرڪاري ملازمن جون پگهارون 10 سيڪڙو گهٽائڻ، وفاقي وزيرن مشيرن جو تعداد 78 مان گهٽتائي 30 ڪرڻ، اڙهين ترميم هيٺ صوبن وٽ ويل وزارتن کي وفاقي وزارتن جا وڌيڪ معاملا منتقل ڪرڻ جون سفارشون تيار ڪيون ويون. پر ملڪ جي اصل “وڏن خرچن” ۾ به ته “ڪفايت شعاري” ٿيڻ گهرجي. جنهن تي مخدوم شمس لکيو ته ڊفينس بجٽ، علي رضا لغاري به راءِ جو اظهار ڪيو، خادم بالادي لکيو ته وڏا ماھر شامل ھا ڪاميٽي انفليشن ريٽ چوڏھن کا ٽيھن تائین پھتو آھي ان دوران ملازمن جو پگھارو وڌيون ته ناھن پر ھنن ويتر گھٽائڻ جي سفارش ڪئي آھي واهه جو معاشي ماھر ھا ڪاميٽي ۾، اي آر امداد سومرو لکيو ته هر قسم جي اشرافيه جي رڳو پروٽوڪولن ۽ آسائشن جي ڊائون سائيزنگ ڪئي وڃي، ته پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو. باقي هن مهانگائي جي دور ۾ پگهاريافتا طبقي جي کيسي ڪٽڻ مان ڇا هڙ حاصل ٿي سگهي ٿو. زاهد علي ڀٽو لکيو ته وڏن خرچن ته ٺهيو پر ته وڏن جو نالو وٺڻ به وڏي ڳالھه آهي سو مٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ، مشتاق خان لکيو ته دفاعي بجيٽ ۾ جيستائين گهٽتائي نه ٿيندي مسئلا جيئن جو تيئن رهندا پر معاشي ڏکيائين ۾ اضافو ٿيندو، علي اسد چنا لکيو ته ڪرپشن ختم ڪيو ڪنهن جي به خرچ گهٽائڻ جي ضرورت نه پوندي، مقصود احمد مگسي ۽ حفيظ ملاح به راءِ جو اظهار ڪيو، مير حسن مري، اسد انڍڙ، محمد علي جوڻيجو، عبدالوحيد ڀٽو، نديم احمد به ردعمل ڏنو. عرفان علي گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته معاشي ابتري :سرڪاري ملازمن جي پگھار ڏھ سيڪڙو گهٽائڻ جي تجويز، کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو…جنهن تي حيدر بلوچ ۽ محمد نواز پنهور به ردعمل ڏنو. علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مني بجيٽ : سرڪاري ملازمن جي ڏھ سيڪڙو پگھار گھٽائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ھي حڪمران پنھنجا شاھي خرچ ڇو نٿا گھٽ ڪن ؟ وڏن آفيسرن کي پئٽرول سميت گھر جون مسواڙون بل به اسان جي پئسن  مان ٿا ڀري ڏين،  ننڍا ملازم تيل به پنھنجو ڀرائن مسواڙون پاڻ ڏين لائيٽ جا بل پاڻ پيارين ٿا. جنهن تي ڪامريد سعيد سنڌي، شهريار ميمڻ، جاويد به ردعمل ڏنو.