اشو آف دي ڊي … جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي جي نامزد وائيس چيئرمين عمران ابڙو جو لفٽ ۾ عورتن مٿان تشدد، وڊيو وائرل، ڪارروائي جي گهر

0
228

 پيپلزپارٽي جي ايم پي اي اسلم ابڙو جو پٽ ۽ جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي لاءِ نامزد ٿيل وائيس چيئرمين عمران ابڙو جي ڪراچي ۾ لفٽ اندر عورتن مٿان تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ان حوالي سان تشڪيل سنديلو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته چون ٿا ته هي عورتن تي هٿ کڻندڙ جيڪب آباد ۾ وائيس چيئرمين لاءِ نامزد آهي جنهن تي گلباز خان لکيو ته لاقانونيت آهي، شڪيل ميمڻ، جي اين ٽالپر، امجد علي به وڊيو تي ردعمل ڏنو.شاهنواز خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي جي ڊيفينس واري علائقي ۾ جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ ايم پي اي اسلم ابڙو جي پٽ عمران ابڙو پاران لفٽ ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار ڪرائڻ واري مامري تي ايم پي اي جي پٽ پاران فيملي جن سان معصوم ٻار به موجود هو ان تي تشدد جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي ۽ ان فيملي مٿان ڪيس به داخل ڪرايو ويو آهي.ٻهراڙي واري سنڌ ته هونئن ڀوتارن وٽ يرغمال آهي پر ڪراچي جهڙي شهر ۾ وڏيرن جي اولاد جو اهو رويو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو شهري آباديءَ کانئن نفرت ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن اها فيملي سنڌي هجي ها ۽ ڪو پٺاڻ، پنجابي يا اردو ڳالهائيندڙ اها حرڪت ڪري ها ته سنڌي ماڻهو ڪهڙو ردعمل ڏين ها، ڪراچي ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جي پٽ جي فرمائش تي ڪاليج جي ٻن شاگردياڻين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اچو ته قومپرستي جو لباس پائي اسلم ابڙو ۽ سندس پٽ جو دفاع ڪيون. ڪراچي ۾ لفٽ ۾ معصوم ٻار سان موجود فيملي مٿان تشدد ڪندڙ ايم پي اي اسلم ابڙو جي پٽ عمران ابڙو کي گرفتار ڪيو وڃي، جنهن تي فقير نويد منڱريو، سيد فدا حسين شاهه، محبوب شيخ، غلام مرتضيٰ، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ٿيٻو به ردعمل ڏنو ۽ واقعي جي مذمت ڪئي، اياز کوسو لکيو ته هڪم ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي، فهميد جروار به تشدد ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ڪاڪا زاهد به گرفتاري جو مطالبو ڪيو، علي ڪامران، سليم جروار، عبدالستار به ردعمل ڏنو. نقاش خاصخيلي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي آهي جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي لاءِ نامزد ٿيل وائس چيئرمين عمران ابڙو ڪراچي ۾ لفٽ اندر عورتن مٿان تشدد ڪري رهيو آهي، عمران ابڙو جيڪب آباد جي ايم پي اي محمد اسلم ابڙو جو پٽ آهي. سفير عباس ڪوريجو به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، لال محمد ٻرڙو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ايم پي اي جيڪب آباد اسلم ابڙو جو پٽ  عمران ابڙو ڪراچي ۾ لفٽ اندر عورت مٿان تشدد ڪندي نظر اچي رھيو آهي، هن کان عورت جو احترام ۽ روايتون به وسري ويون، ديدار بلوچ به ان معاملي تي پوسٽ شيئر ڪئي، شيراز نائچ به ردعمل ڏنو، عتيق الرحمان وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ اسيمبلي جي MPA اسلم ابڙو جي پٽ پاران ڪراچي ڊفينس فيز 8  جي هڪ اپارٽمينٽ جي لفٽ ۾ مقامي عورتن سان بدتميزي ۽ جھيڙو! جنھن بعد MPA پنھنجي  پٽ جي شڪايت تي ڪاوڙجي پيو ۽ مقامي نياڻيون جيڪي ڪاليج جي شاگردياڻيون آھن انھن تي پنھنجي بورچي جي فرياد تي ارادا قتل  جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. آر ايم ميگهواڙ، جاني خالد ڏاهري، اعجاز علي شيخ، خاوند چانڊيو، ايم بخش عاشق دايو، غلام دستگير ماڇي،صوفي نظير، رشيد احمد جکرو، نصير کوسو به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي